Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.سموئيل 22 - Sindhi Bible

1 جنهن ڏينهن خداوند دائود کي سندس سڀني دشمنن جي هٿان ۽ سائول جي هٿان ڇڏايو، انهي ڏينهن هن هيءُ گيت خداوند جي اڳيان ڳايو:

2 ۽ هن چيو تہ خداوند منهنجو ٽڪر، ۽ منهنجو ڪوٽ، ۽ منهنجو ڇڏائيندڙ آهي؛

3 خداوند منهنجو ٽڪر آهي، جنهن تي منهنجو ڀروسو آهي؛ منهنجي سپر آهي، ۽ منهنجي ڇوٽڪاري جو سڱ، منهنجو مٿانهون ٺلهہ، ۽ منهنجي پناهہ آهي؛ اي منهنجا ڇوٽڪارو ڏيندڙ، تون مون کي ظلم کان بچائين ٿو.

4 آءٌ خداوند کي سڏيندس، جو تعريف جي لائق آهي: انهيءَ ڪري آءٌ پنهنجن دشمنن کان ڇٽي پوندس.

5 ڇالاءِ جو موت جي لهرن مون کي وڪوڙيو، بيدينيءَ جي سيلاب مون کي ڊيڄاريو.

6 پاتال جا رسا منهنجي چوڌاري پيل هئا: موت جا دام مون تي آيا.

7 پنهنجي مصيبت ۾ مون خداوند کي سڏيو: هائو مون پنهنجي خداوند کي پڪاريو: ۽ هن پنهنجي هيڪل مان منهنجو آواز ٻڌو، ۽ منهنجي دانهن هن جي ڪنن تائين پهتي.

8 تڏهن زمين لڏي ويئي ۽ ڏڪڻ لڳي، آسمان جو بنياد سندس ڪاوڙ جي ڪري ڌڏڻ ۽ لڏڻ لڳو.

9 سندس ڪاوڙ مان دونهون نڪتو، ۽ سندس وات مان نڪتل باهہ کائي چٽ ڪري ويئي: انهيءَ مان اڱر ٻَرڻ لڳا.

10 هن آسمان کي بہ جهڪايو ۽ هيٺ لهي آيو، ۽ سندس پيرن هيٺ گهاٽي اونداهي هئي.

11 هو هڪڙي ڪروبيءَ تي چڙهي اُڏامي ويو: هائو، هو واءُ جي کنڀن تي ڏٺو ويو.

12 هن اونداهيءَ مان پنهنجي چوڌاري تنبو جوڙيا، ۽ پاڻيءَ مان آسمان جا گهاٽا ڪڪر جوڙيائين.

13 سندس اڳيان تجلي ڪِري ڪوئلا ٻَري پيا.

14 خداوند آسمان مان گجگوڙ ڪئي، ۽ خدا تعاليٰ پنهنجو آواز ٻڌايو.

15 ۽ هن تير موڪليا ۽ اهي پکيڙي ڇڏيائين؛ وڄ موڪلي هن انهن کي بي آرام ڪيو.

16 تنهن کان پوءِ خداوند جي ڌمڪيءَ سان، سندس ڪاوڙ مان ڪڍيل ڦوڪ ڪري سمنڊ جون کاريون ظاهر ٿيون، ۽ دنيا جا بنياد کُلي پيا.

17 هن مٿان موڪلي مون کي کڻي ورتو؛ هن مون کي وڏن پاڻين مان ڪڍي ورتو؛

18 هن منهنجي زور واري دشمن کان مون کي ڇڏايو، ۽ جن مون کي ڌڪاريو ٿي: ڇالاءِ جو هو مون کان گهڻو زور وارا هئا.

19 هو منهنجي مصيبت جي ڏينهن مون تي آيا؛ پر خداوند منهنجي ٽيڪ هو.

20 هن مون کي هڪڙي ڪشادي هنڌ ۾ آندو: هن مون کي ڇڏايو ڇالاءِ جو هو مون مان راضي هو.

21 خداوند مون کي منهنجي سچائيءَ موجب انعام ڏنو: هن منهنجن هٿن جي پاڪيزگيءَ موجب مون کي بدلو ڏنو.

22 ڇالاءِ جو مون خداوند جي رستن جي سنڀال ڪئي آهي: ۽ شرارت ڪري خدا کان پري نہ ٿيو آهيان.

23 ڇالاءِ جو هن جا سڀ فيصلا منهنجي اڳيان هئا: ۽ هن جي قاعدن کان آءٌ اصل پري نہ ٿيس.

24 آءٌ ڏانهنس ڪامل بہ رهيس، ۽ پاڻ کي پنهنجي گناهن کان روڪيم.

25 تنهنڪري خداوند منهنجي سچائيءَ موجب مون کي عيوضو ڏنو آهي؛ ۽ سندس اڳيان ڪيل پاڪيزگيءَ موجب مون کي عيوضو ڏنو اٿس.

26 رحم وارن سان تون پاڻ کي رحم وارو ڏيکاريندين، ۽ ڪامل انسان سان تون پاڻ کي ڪامل ڏيکاريندين؛

27 پاڪ ماڻهن سان تون پاڻ کي پاڪ ڏيکاريندين؛ ۽ ڏنگن ماڻهن سان تون پاڻ کي ڏنگو ڏيکاريندين.

28 غمزدن ماڻهن کي تون بچائيندين: پر تنهنجون اکيون مغرورن تي آهن، انهيءَ لاءِ تہ تون انهن کي لاهي هيٺ ڪرين.

29 ڇالاءِ جو اي خداوند، تون منهنجو ڏيئو آهين: ۽ خداوند منهنجي اونداهي بدلائي سوجهرو ڪندو.

30 ڇالاءِ جو تنهنجي مدد سان آءٌ هڪڙي لشڪر تي ڪاهي ٿو وڃان: پنهنجي خدا جي مدد سان آءٌ ڀت ٽپي ٿو وڃان.

31 باقي خدا جو رستو ڪامل آهي: خداوند جو ڪلام آزمايل آهي؛ جيڪي مٿس ڀروسو رکن ٿا تن سڀني جي لاءِ هو هڪڙي سپر آهي.

32 ڇالاءِ جو خداوند کان سواءِ ڪير خدا آهي؟ ۽ اسان جي خدا کان سواءِ ڪير ٽڪر آهي؟

33 خدا منهنجو مضبوط قلعو آهي: ۽ هو ڪامل ماڻهوءَ کي پنهنجي رستي تي سونهون ٿي هلائي ٿو.

34 منهنجا پير هرڻيءَ جي پيرن جهڙا ٿو ڪري، ۽ مون کي پنهنجين مٿانهين جاين تي ٿو رکي.

35 هو منهنجن هٿن کي جنگ ڪرڻ ٿو سيکاري؛ اهڙيءَ طرح جو منهنجون ٻانهون پتل جي ڪمان بہ موڙي ٿيون سگهن.

36 تو مون کي پنهنجي ڇوٽڪاري جي سپر بہ ڏني آهي: ۽ تنهنجي مهربانيءَ مون کي وڏو ڪيو آهي.

37 تو منهنجا قدم مون هيٺان ڪشادا ڪيا آهن، ۽ منهنجا پير ترڪيا نہ آهن.

38 آءٌ پنهنجي دشمنن جي پٺيان پيو آهيان، ۽ انهن کي ناس ڪيو اٿم؛ ۽ جيسين هو چٽ نہ ٿي ويا تيسين آءٌ نہ موٽيس.

39 مون انهن کي نابود ڪري ڇڏيو، ۽ اهڙو وڍي ماريو جو هو اُٿي نٿا سگهن: هائو هو منهنجن پيرن هيٺ ڪري پيا آهن.

40 ڇالاءِ جو تو مون کي جنگ جي لاءِ زور سان ڪمر ٻڌائي آهي: جيڪي سنبري مون تي ڪاهي آيا تن کي تو جيتي منهنجي هيٺان ڪيو.

41 تو منهنجن دشمنن کي منهنجي اڳيان پٺي ڏيئي ڀڄارايو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا تن کي وڍي ڇڏيان.

42 هنن گهڻوئي، نهاريو پر بچائڻ وارو ڪونہ ٿين؛ بلڪ خداوند ڏي بہ نهاريائون پر هن انهن کي ورندي ڪانہ ڏني.

43 تڏهن مون هنن کي ڪُٽي ڪُٽي زمين جي مٽيءَ جهڙو سنهو ڪري ڇڏيو مون هنن کي گهٽين جي گپ وانگر لتاڙيو، ۽ هنن کي هيڏي هوڏي پکيڙي ڇڏيم.

44 تو مون کي منهنجي قوم جي جهيڙن جهڳڙن کان بہ بچايو؛ تو مون کي قوم جو مهندار ٿيڻ لاءِ سنڀاليو آهي: جنهن قوم کي آءٌ سڃاڻندو ئي نہ هوس سا منهنجي خدمت چاڪري ڪندي.

45 ڌاريا ماڻهو منهنجي تابعداري ڪندا: منهنجو ٻڌندا ۽ هڪدم منهنجا فرمانبردار ٿيندا.

46 ڌاريا ماڻهو ساڻا ٿي ويندا، ۽ پنهنجن قلعن مان ڏڪندا نڪري ايندا.

47 خداوند جيئرو آهي؛ ۽ منهنجو ٽڪر شل برڪت وارو هجي؛ ۽ خدا، منهنجي ڇوٽڪاري جو ٽڪر شل سرفراز ٿئي:

48 اهو خدا، جو منهنجي پاران وير وٺي ٿو، ۽ قومن کي منهنجي هيٺان ڪري ٿو،

49 ۽ جو مون کي پنهنجن دشمنن مان ڪڍي وٺي ٿو: هائو، جيڪي منهنجي مٿان ڪاهي اچن ٿا تن جي مٿان تون مون کي چاڙهين ٿو: تون مون کي ظلم ڪندڙ ماڻهوءَ کان ڇڏائين ٿو.

50 تنهنڪري اي خداوند، قومن ۾ آءٌ تنهنجا شڪرانا بجا آڻيندس، ۽ تنهنجي نالي جي آءٌ تعريف ڳائيندس.

51 هو پنهنجي بادشاهہ کي وڏو ڇوٽڪارو ٿو ڏئي: ۽ پنهنجي مسح ڪيل کي هميشہ محبت جهڙي مهرباني ڏيکاري ٿو، يعني دائود کي ۽ سندس اولاد کي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan