Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.سموئيل 16 - Sindhi Bible

1 ۽ جڏهن دائود چاڙهيءَ جي چوٽيءَ تان ٿورو اڳتي هليو، تڏهن ڏس، مفيبوست جو ٻانهو ضيبا ٻن زين پيلن گڏهن سان هن کي گڏيو، ۽ انهن تي ٻہ سؤ مانيون، ۽ هڪ سؤ ڪشمش جا ڇڳا، ۽ هڪ سؤ آرڙهہ جا ميوا، ۽ هڪڙي سانداري شراب جي رکيل هئي.

2 ۽ بادشاهہ ضيبا کي چيو تہ انهن شين مان تنهنجو مطلب ڪهڙو آهي؟ ۽ ضيبا چيو تہ گڏهہ بادشاهہ جي گهر جي ڀاتين جي سواري لاءِ آهن، ۽ ماني ۽ آرڙهہ وارا ميوا جوان ماڻهن جي کائڻ لاءِ آهن؛ ۽ شراب انهيءَ لاءِ آهي تہ جيڪي بيابان ۾ ٿڪجي پون سي پيئن.

3 ۽ بادشاهہ چيو تہ تنهنجي ڌڻيءَ جو پٽ ڪٿي آهي؟ ۽ ضيبا بادشاهہ کي چيو تہ ڏس، هو يروشلم ۾ ٿو رهي: ڇالاءِ جو هن چيو تہ اڄ اسرائيل جو گهراڻو مون کي پنهنجي پيءُ جي بادشاهي موٽائي ڏيندو.

4 تڏهن بادشاهہ ضيبا کي چيو تہ ڏس جيڪي مفيبوست جو آهي سو سڀ تنهنجو آهي، ۽ ضيبا چيو تہ آءٌ تعظيم بجا ٿو آڻيان: اي منهنجا سائين، اي بادشاهہ، شل آءٌ تنهنجي نظر ۾ مان لهان.

5 ۽ جڏهن بادشاهہ دائود بحوريم ۾ آيو تڏهن ڏس، سائول جي گهراڻي جي قبيلي مان هڪڙو ماڻهو نڪري آيو، جنهن جو نالو سمعي بن جيرا هو: اهو جيئن آيو ٿي تيئن لعنتون وجهندو آيو.

6 ۽ هن دائود تي، ۽ بادشاهہ دائود جي سڀني نوڪرن تي پهڻ اُڇلايا: ۽ سڀ ماڻهو، ۽ سڀ بهادر مرد هن جي سڄي هٿ پاسي ۽ کٻي هٿ پاسي هئا.

7 ۽ سمعي لعنت وجهندي هيئن ٿي چيو تہ اي خوني شخص، اي شيطان آدمي، نڪري وڃ، نڪري وڃ،

8 خداوند سائول جي گهراڻي جو خون سمورو ئي موٽائي تو تي آڻي وڌو آهي، جنهن سائول جي جاءِ تي تو بادشاهي پئي ڪئي آهي؛ ۽ خداوند بادشاهي تنهنجي پٽ ابي سلوم جي هٿن ۾ ڏني آهي: ۽ ڏس، تون پنهنجيءَ خرابي ۾ پاڻ ڦاٿو آهين، ڇالاءِ جو تون خوني آهين.

9 تڏهن ابيشيءَ بن ضروياہ بادشاهہ کي چيو تہ هي مُئل ڪتو ڇو ٿو منهنجي ڌڻي بادشاهہ تي لعنت وجهي؟ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ وڃي هن جي سسي لاهيان.

10 ۽ بادشاهہ چيو تہ اي ضروياہ جا پٽ، منهنجو اوهان سان ڇا وڃي؟ هو لعنت انهيءَ ڪري ٿو ڪري جو خداوند هن کي چيو آهي تہ دائود تي لعنت ڪر؛ تڏهن ڪير چوندو تہ تو ڇو هيئن ڪيو آهي؟

11 ۽ دائود ابيشيءَ کي ۽ پنهنجن سڀني نوڪرن کي چيو تہ ڏس، منهنجو پٽ جو منهنجن آنڊن مان نڪتو آهي، سو منهنجي مارڻ جي پٺيان آهي: تڏهن هاڻي هي بنيميني ڪيترو نہ وڌيڪ ائين ڪري ٿو سگهي؟ ڇڏي ڏيوس تہ ڀلي پيو لعنت وجهي؛ ڇالاءِ جو خداوند هن کي حڪم ڏنو آهي.

12 امڪان آهي تہ جيڪو ايذاءُ مون کي پهتو آهي تنهن تي خداوند نظر ڪري، ۽ هن جي مون تي لعنت وجهڻ ڪري خداوند عيوض ۾ منهنجو ڀلو ڪري.

13 پوءِ دائود پنهنجن ماڻهن سميت پنهنجي واٽ وٺي هليو ويو: ۽ سمعي سندس سامهون ٽڪر جو پاسو ڏئي هليو ويو، ۽ ويندي هن تي لعنتون وجهندو، ۽ هن کي پهڻ هڻندو، ۽ هن ڏي مٽي اُڇلائيندو هليو ويو.

14 ۽ بادشاهہ ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي ٿڪجي ٽٽجي آيا؛ ۽ هن اُتي آرام وٺي پاڻ تازو ڪيو.

15 ۽ ابي سلوم ۽ اسرائيل جا سڀ ماڻهو، يروشلم ۾ آيا، ۽ اخيتفل بہ ساڻس هو.

16 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود جو دوست حوسي ارڪي ابي سلوم وٽ آيو، تڏهن حوسي ابي سلوم کي چيو تہ خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي، خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي.

17 ۽ ابي سلوم حوسيءَ کي چيو تہ پنهنجي دوست سان اها مهرباني ٿو ڪرين ڇا؟ ڇو تون پنهنجي دوست سان گڏجي نہ وئين؟

18 ۽ حوسيءَ ابي سلوم کي چيو تہ ائين ناهي؛ آءٌ انهيءَ جو ٿيندس، ۽ انهي سان گڏ رهندس، جنهن کي خداوند، ۽ هيءَ قوم، ۽ اسرائيل جا سڀ ماڻهو پسند ڪندا.

19 ۽ وري آءٌ ڪنهن جي خدمت ڪريان؟ آءٌ هن جي پٽ جي اڳيان خدمت نہ ڪريان ڇا؟ جيئن مون تنهنجي پيءُ جي اڳيان خدمت پي ڪئي آهي، تيئن آءٌ تنهنجي اڳيان بہ ڪندس.

20 تڏهن ابي سلوم، اخيتفل کي چيو تہ اوهين صلاح ڏيو تہ اسين ڇا ڪريون.

21 ۽ اخيتفل ابي سلوم کي چيو تہ تون پنهنجي پيءُ جي سريتن وٽ وڃ، جي هن گهر جي سنڀال لاءِ ڇڏيون آهن؛ ۽ سڀ اسرائيلي ٻڌندا تہ تنهنجي پيءُ کي توکان نفرت آهي: تڏهن جيڪي ماڻهو توسان آهن تن جا هٿ مضبوط ٿيندا:

22 پوءِ هنن ابي سلوم جي لاءِ گهر جي ڇت تي هڪڙو تنبو کوڙيو؛ ۽ ابي سلوم ساري اسرائيل جي روبرو پنهنجي پيءُ جي سريتن وٽ ويو.

23 انهن ڏينهن ۾ اخيتفل جيڪا صلاح ڏيندو هو سا اهڙي هوندي هئي جهڙي ڪو ماڻهو خدا جي ڪلام کان پڇي: اخيتفل جي سڀڪا صلاح دائود جي برخلاف ابي سلوم جي لاءِ اهڙي ئي هوندي هئي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan