2.سموئيل 13 - Sindhi Bible1 ۽ انهي کان پوءِ هيئن ٿيو تہ دائود جي پٽ ابي سلوم جي هڪڙي خوبصورت ڀيڻ هئي، جنهن جو نالو تمر هو؛ ۽ دائود جي پٽ امنون جي انهيءَ سان محبت هوندي هئي. 2 ۽ امنون پنهنجي ڀيڻ تمر جي ڪري اهڙو بي آرام ٿي پيو، جو هو بيمار ٿي پيو؛ ڇالاءِ جو هوءَ اڃا ڪنواري هئي؛ ۽ امنون جي نظر ۾ اها ڳالهہ مشڪل هئي تہ انهيءَ سان ڪجهہ ڪري. 3 پر امنون جو هڪڙو دوست هوندو هو، جنهن جو نالو يوندب هو، جو دائود جي ڀاءُ سمعہ جو پٽ هو: ۽ يوندب ڏاڍو چالاڪ ماڻهو هو. 4 ۽ هن چيس تہ اي شهزادا، ڇو تون روزبروز ڏٻرو ٿيندو ٿو وڃين؟ مون کي ڪين ٻڌائيندين؟ ۽ امنون هن کي چيو تہ منهنجي پنهنجي ڀاءُ ابي سلوم جي ڀيڻ تمر سان محبت آهي. 5 ۽ يوندب چيس تہ تون پنهنجي هنڌ تي سمهي رهہ، ۽ ڪوڙ ڪري چئُہ تہ آءٌ بيمار آهيان: ۽ جڏهن تنهنجو پيءُ توکي ڏسڻ اچي تڏهن چئينس تہ ڀلائي ڪري منهنجي ڀيڻ تمر کي ڇڏ تہ اچي مون کي ماني کارائي، ۽ منهنجي ڏسندي کاڌو تيار ڪري تہ اهو آءٌ ڏسان، ۽ سندس هٿان کاوان. 6 تڏهن امنون سمهي پيو ۽ ڪوڙ ڪري چيائين تہ آءٌ بيمار آهيان: ۽ جڏهن بادشاهہ هن کي ڏسڻ آيو تڏهن امنون بادشاهہ کي چيو تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ منهنجي ڀيڻ تمر کي ڇڏ تہ اچي منهنجي روبرو ٻہ لوليون پچائي تہ آءٌ سندس هٿان کاوان. 7 تڏهن دائود تمر جي گهر چوائي موڪليو تہ هاڻي تون پنهنجي ڀاءُ امنون جي گهر وڃ، ۽ وڃي سندس لاءِ کاڌو تيار ڪر. 8 تنهن تي تمر پنهنجي ڀاءُ امنون جي گهر ويئي؛ ۽ هو ستو پيو هو. ۽ هن اٽو کڻي ڳوهيو، ۽ سندس روبرو لوليون پچايائين. 9 پوءِ هن ٿالهي کڻي اهي هن جي اڳيان اُن ۾ اُٿلائي وڌيون، پر هن نہ کاڌيون، ۽ امنون چيو تہ مون وٽان سڀ ماڻهو ٻاهر ڪڍي ڇڏ. ۽ سڀ ماڻهو وٽانئس نڪري ويا. 10 تڏهن امنون تمر کي چيو تہ ماني ڪوٺيءَ ۾ کڻي اچ تہ آءٌ تنهنجي هٿان کاوان. ۽ تمر جيڪي لوليون پچايون هيون سي کڻي پنهنجي ڀاءُ امنون جي ڪوٺيءَ ۾ آنديون. 11 ۽ جڏهن هن اهي کائڻ لاءِ سندس ويجهو آنديون تڏهن هن کڻي پڪڙيس ۽ چوڻ لڳس تہ ادي، اچي مون سان سمهہ. 12 تڏهن هن ورندي ڏني تہ نہ ادا، مون کي زور نہ ڪر؛ ڇالاءِ جو اسرائيل ۾ اهڙو ڪم ڪرڻ نہ گهرجي: اهڙي بي عقلي نہ ڪر. 13 پوءِ آءٌ پنهنجي خواري کڻي ڪيڏي وينديس؟ ۽ تون اسرائيلين ۾ بي عقلن مان هڪڙو شمار ۾ ايندين. تنهنڪري هاڻي آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ انهيءَ بابت بادشاهہ کي چئُہ؛ ڇالاءِ جو هو مون کي توکان ڪين روڪيندو. 14 انهيءَ هوندي بہ هن سندس ڳالهہ نہ مڃي: پر هن کان مضبوط هئڻ ڪري هو زور زبردستي ڪري هن سان سُتو. 15 تنهن کان پوءِ امنون جي هن سان نهايت گهڻي نفرت پيدا ٿي؛ ڇالاءِ جو جيتري اڳي هن سان محبت هوندي هيس، تنهن کان زيادہ هن جي ساڻس نفرت پيدا ٿي. ۽ امنون چيس تہ اُٿ ۽ هلي وڃ. 16 ۽ هن چيس تہ ائين نہ ٿيندو، ڇالاءِ جو اهو مون کي هڪالي ڪڍڻ جو قصور هن ٻئي قصور کان بہ خراب آهي جو تو منهنجي نسبت ۾ ڪيو، پر هن سندس ڳالهہ نہ ٻڌي. 17 تڏهن هن هڪڙي نوڪر کي سڏيو جو سندس خدمت چاڪري ڪندو هو، ۽ انهيءَ کي چيائين تہ هن زال کي مون وٽان ڪڍي وڃ ۽ پٺيانس در بند ڪري ڇڏ. 18 ۽ هن کي بت تي گهڻن رنگن جي پوشاڪ پيل هئي: ڇالاءِ جو بادشاهن جون ڌيئرون جي ڪنواريون هونديون هيون سي اهڙي پوشاڪ ڍڪينديون هيون. تڏهن هن جي نوڪر هن کي ٻاهر ڪڍي پٺيانس در بند ڪري ڇڏيو. 19 ۽ تمر پنهنجي مٿي تي خاڪ وڌي، ۽ جيڪي رنگين ڪپڙا پيل هئس سي ڦاڙي ڇڏيائين؛ پوءِ پنهنجو هٿ مٿي تي رکي رستو وٺي هلي وئي، ۽ وڏي سڏ دانهون ڪندي وئي. 20 ۽ سندس ڀاءُ ابي سلوم چيس تہ تنهنجو ڀاءُ امنون توسان گڏ ستو آهي ڇا؟ پر هاڻي، اي منهنجي ڀيڻ، ماٺ ڪر: هو تنهنجو ڀاءُ آهي: انهيءَ ڳالهہ جو دل ۾ فڪر نہ ڪر. پوءِ تمر پنهنجي ڀاءُ ابي سلوم جي گهر ۾ غمگين رهندي آئي. 21 پر جڏهن بادشاهہ دائود اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون تڏهن ڏاڍو ڪاوڙيو. 22 ۽ ابي سلوم امنون کي نہ ڀلو چيو نہ برو: ڇالاءِ جو ابي سلوم امنون کي ڌڪاريندو هو؛ ڇالاءِ جو هن سندس ڀيڻ تمر سان زور زبردستي ڪئي هئي. 23 ٻن ڀرين ورهين کان پوءِ هيئن ٿيو، تہ ابي سلوم وٽ بعل حصور ۾، جو افرائيم جي پاسي ۾ آهي، اُن ڪترڻ وارا آيا: ۽ ابي سلوم بادشاهہ جي سڀني پٽن کي دعوت ڏيئي گهرايو. 24 ۽ ابي سلوم بادشاهہ وٽ آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ هاڻي ڏس تنهنجي ٻانهي وٽ اُن ڪترڻ وارا آيا آهن؛ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ بادشاهہ ۽ سندس نوڪر پنهنجي ٻانهي سان گڏجي هلن. 25 ۽ بادشاهہ ابي سلوم کي چيو تہ نہ منهنجا پٽ، اسين سڀ نہ هلون تہ چڱو، متان توتي بار ٿي پئون. پر هن کيس زور ڪيو: تڏهن بہ هن وڃڻ جي نہ ڪئي، مگر هن کي خير جي دعا ڪيائين. 26 تڏهن ابي سلوم چيو تہ جي ائين نہ ڪرين تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ منهنجو ڀاءُ امنون اسان سان هلي. تڏهن بادشاهہ هن کي چيو تہ هو تو سان ڇو هلي؟ 27 پر ابي سلوم اهڙو زور ڪيس جو هن امنون، ۽ ٻين سڀني شهزادن کي ساڻس وڃڻ ڏنو. 28 ۽ ابي سلوم پنهنجن نوڪرن کي حڪم ڏئي چيو تہ هاڻي نظر رکجو تہ جڏهن امنون شراب پي خوشدل ٿئي؛ ۽ جڏهن آءٌ اوهان کي چوان تہ امنون کي ماريو تڏهن انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏجو، ۽ ڊڄو متان: مون اوهان کي حڪم نہ ڏنو آهي ڇا؟ همت جهلجو، ۽ بهادر ٿجو. 29 ۽ ابي سلوم جي نوڪرن امنون سان ائين ئي ڪيو، جيئن ابي سلوم حڪم ڏنو هون. تڏهن سڀيئي شهزادا اُٿيا، ۽ سڀڪو ماڻهو پنهنجي خچر تي چڙهي اُٿي ڀڳو، 30 ۽ هيئن ٿيو تہ هو اڃا رستي تي هئا تہ دائود کي ماڻهن خبر ڏني تہ ابي سلوم بادشاهہ جي سڀني پٽن کي قتل ڪرائي ڇڏيو آهي، ۽ انهن مان هڪڙو بہ ڪونہ بچيو آهي. 31 تڏهن بادشاهہ اُٿيو ۽ ڪپڙا ڦاڙي زمين تي ليٽڻ لڳو؛ ۽ سندس سڀ نوڪر بہ ڪپڙا ڦاڙي سندس ڀرسان بيهي رهيا. 32 پر دائود جي ڀاءُ سمعہ جي پٽ يوندب ورندي ڏئي چيو تہ منهنجو ڌڻي ائين نہ سمجهي تہ سڀيئي جوان شهزادا ماري ڇڏيا اٿن؛ ڇالاءِ جو رڳو امنون مارجي ويو آهي: جو جنهن ڏينهن هن پنهنجي ڀيڻ تمر سان زور زبردستي ڪئي تنهن ڏينهن کان وٺي ابي سلوم اهو ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو. 33 تنهنڪري هاڻي منهنجو ڌڻي بادشاهہ اها ڳالهہ دل ۾ نہ ڪري، ۽ ائين نہ ڄاڻي تہ سڀيئي شهزادا مارجي ويا آهن: ڇالاءِ جو رڳو امنون مئو آهي. 34 پوءِ ابي سلوم ڀڄي ويو، ۽ جنهن جوان ماڻهوءَ پهرو ٿي ڏنو، سو اکيون کڻي نهاري تہ ڏسي تہ گهڻا ئي ماڻهو ٽڪر جي پاسي سندس پٺيان پيا اچن. 35 ۽ يوندب بادشاهہ کي چيو تہ ڏس، شهزادا ٿا اچن: جيئن تنهنجي ٻانهي چيو ائين ئي آهي. 36 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن ڳالهائي بس ڪيو تڏهن شهزادا بہ اچي نڪتا، ۽ رڙيون ڪري روئڻ لڳا: ۽ بادشاهہ ۽ سندس نوڪرن بہ زار زار رُنو. 37 پر ابي سلوم ڀڄي ويو ۽ جسور جي بادشاهہ عميهود جي پٽ تلميءَ وٽ وڃي نڪتو. ۽ دائود پنهنجي پٽ لاءِ ڏهاڙي ماتم ڪندو رهيو. 38 انهيءَ طرح ابي سلوم ڀڄي ويو ۽ جسور ۾ وڃي نڪتو، ۽ اتي ٽي ورهيہ هو. 39 ۽ بادشاهہ دائود کي ابي سلوم ڏي وڃڻ جي ڏاڍي سڪ ٿي: ڇالاءِ جو امنون بابت هن کي تسلي ملي هئي تہ هو مري چڪو آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society