Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.سموئيل 10 - Sindhi Bible

1 ۽ انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ بني عمون جي بادشاهہ وفات ڪئي، ۽ سندس پٽ حنون سندس جاءِ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.

2 ۽ دائود چيو تہ آءٌ ناحس جي پٽ حنون کي اهڙي مهرباني ڏيکاريندس جهڙي هن جي پيءُ مون کي ڏيکاري هئي. انهيءَ طرح دائود هن کي سندس پيءُ جي نسبت ۾ پنهنجي نوڪرن جي هٿان معذرت چوائي موڪلي. ۽ دائود جا نوڪر بني عمون جي ملڪ ۾ آيا.

3 پر بني عمون جي سردارن پنهنجي ڌڻي حنون کي چيو تہ تون ائين ڀانئين ٿو ڇا تہ دائود تنهنجي پيءُ کي عزت ٿو ڏئي، ۽ تنهنڪري معذرت ڪرڻ لاءِ توڏي ماڻهو موڪليا اٿس؟ دائود پنهنجا نوڪر توڏي انهيءَ ڪم لاءِ نہ موڪليا آهن ڇا تہ شهر جي تلاشي وٺي، ۽ انهيءَ جي جاسوسي ڪري، ۽ پوءِ انهيءَ کي ناس ڪري؟

4 تڏهن حنون دائود جي نوڪرن کي پڪڙي سندن اڌ ڏاڙهيون ڪوڙائي ڇڏيون، ۽ سندن ڪپڙا وچان ٻنڊڻن تائين ڪپائي ڇڏيائين، ۽ پوءِ روانو ڪري ڇڏيائين.

5 جڏهن اها ڳالهہ دائود کي وڃي ٻڌايائون تڏهن هن انهن کي گڏجڻ لاءِ ماڻهو موڪليا؛ ڇالاءِ جو اهي ماڻهو ڏاڍا شرمندا هئا. ۽ بادشاهہ چيو تہ اوهين يريحو ۾ ترسي پئو، جيسين ڪ اوهان جون ڏاڙهيون وڌن، پوءِ موٽي اچجو.

6 ۽ جڏهن بني عمون ڏٺو تہ دائود اسان سان نفرت ٿو ڪري، تڏهن بني عمون ماڻهو موڪلي بيت رحوب جا ارامي، ۽ ضوباہ جا ارامي، ويهہ هزار پيادا، ۽ معڪہ جو بادشاهہ هڪ هزار ماڻهن سان، ۽ طوب جا ٻارهن هزار ماڻهو، اُجوري تي گهرائي ورتا.

7 ۽ جڏهن دائود اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن يوآب کي، ۽ بهادرن جي ساري لشڪر کي ڏياري موڪليائين.

8 ۽ بني عمون ٻاهر نڪري آيا، ۽ دروازي جي لنگهہ وٽ جنگ جي لاءِ صفون ٻڌڻ لڳا: ۽ ضوباہ ۽ رحوب جا ارامي، ۽ طوب ۽ معڪہ جا ماڻهو ميدان تي اڪيلا هئا.

9 هاڻي جڏهن يوآب ڏٺو تہ سندس اڳيان توڙي پٺيان هو جنگ لاءِ صفون ٻڌي بيٺا آهن تڏهن هن اسرائيل جي سڀني مکيہ ماڻهن مان ڪي چونڊي ڪڍيا، ۽ اهي ارامين سان وڙهڻ لاءِ تيار ڪري بيهاريائين:

10 باقي ٻيا سڀ ماڻهو هن پنهنجي ڀاءُ ابيشيءَ جي هٿ هيٺ رکيا، ۽ انهن کي بني عمون سان سامهون ٿيڻ لاءِ تيار ڪري بيهاريائين.

11 ۽ چيائين تہ جي ارامي مون کان ڏاڍا ٿيا، تہ تون مون کي مدد ڏجانءِ: پر جي بني عمون توکان ڏاڍا ٿيا، تہ آءٌ اچي توکي مدد ڏيندس.

12 چڱي همت جهل تہ پنهنجي قوم لاءِ، ۽ پنهنجي خدا جي شهرن لاءِ بهادري ڏيکاريون: پوءِ خداوند کي جيڪي وڻي سو ڪري.

13 تڏهن يوآب ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي ارامين سان وڙهڻ لاءِ رڙهي ويجها ٿيا: ۽ هو سندن اڳيان اُٿي ڀڳا.

14 ۽ جڏهن بني عمون ڏٺو تہ ارامي ڀڳا آهن، تڏهن هو بہ ابيشيءَ جي اڳيان اُٿي ڀڳا، ۽ شهر ۾ گهڙي ويا. تڏهن يوآب بني عمون وٽان موٽي يروشلم ۾ آيو.

15 ۽ جڏهن ارامين ڏٺو تہ اسرائيل جي هٿان شڪست کاڌي اٿئون، تڏهن هو سڀ گڏ ٿيا.

16 ۽ هدد عزر ماڻهو موڪلي، جيڪي ارامي فرات نديءَ جي هن ڀر هئا تن کي گهرائي ورتو: ۽ اهي حلام ۾ آيا، ۽ سوبڪ، جو هدد عزر جو سپهہ سالار هو، سو سندن مهندار ٿيو.

17 ۽ ماڻهن دائود کي اها خبر رسائي؛ ۽ انهيءَ سڀ اسرائيلي گڏ ڪيا، ۽ هو يردن لنگهي حلام ۾ آيو. ۽ ارامي دائود جي سامهون صفون ٻڌي ساڻس وڙهيا.

18 نيٺ ارامي اسرائيل جي اڳيان ڀڄي ويا؛ ۽ دائود ارامين جا ست سؤ گاڏين وارا، ۽ چاليهہ هزار گهوڙي سوار قتل ڪيا، ۽ سندس سپهہ سالار سوبڪ کي اهڙو ڌڪ هنيائين جو هو اتي ئي مري ويو.

19 ۽ جيڪي ٻيا بادشاهہ هدد عزر جا نوڪر هئا تن جڏهن ڏٺو تہ اسرائيل جي اڳيان شڪست کاڌي اٿن تڏهن اسرائيل سان صلح ڪيائون، ۽ انهن جي ٻانهپ قبول ڪيائون. انهيءَ طرح ارامي بني عمون کي وري مدد ڏيڻ کان ڊڄندا رهيا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan