2.پطرس 2 - Sindhi Bible1 پر انهيءَ اُمت ۾ بہ ڪوڙا نبي پيدا ٿيا، جيئن ڪ اوهان ۾ بہ ڪوڙا اُستاد پيدا ٿيندا، جي ڳجهہ ڳوهہ ۾ برباد ڪندڙ بدعتون شروع ڪندا، ۽ ايتري قدر جو انهي ڌڻيءَ جو بہ انڪار ڪندا، جنهن کين خريد ڪيو، ۽ هو پاڻ کي جلد ئي برباد ڪري ڇڏيندا. 2 ۽ گهڻا ئي سندن شهوت پرستيءَ جي پيروي ڪندا، جن جي ڪري حق جي راهہ جي بدنامي ٿيندي. 3 ۽ اهي لالچ جي ڪري ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهي اوهان مان فائدو حاصل ڪندا. ۽ انهن جي بابت قديم زماني کان وٺي جيڪا سزا جي فتويٰ مليل آهي، سا وڌيڪ مهمل نہ رهندي، ۽ سندن بربادي ويجهي آئي آهي. 4 ڇالاءِ تہ جڏهن گناهہ ڪندڙ ملائڪن کي بہ خدا نہ ڇڏيو، پر دوزخ ۾ اُڇلائي وڌائين ۽ اونداهين کڏن ۾ بند ڪيائين، انهي لاءِ تہ عدالت ٿيڻ تائين اتي نظربند رهن: 5 ۽ قديم دنيا کي بہ ڪين ڇڏيائين، پر انهيءَ بي دين دنيا تي طوفان آڻي، رڳو راستبازيءَ جي منادي ڪندڙ نوح ۽ ٻين ستن ڄڻن کي بچايائين: 6 ۽ سدوم ۽ عموراہ جي شهرن کي برباديءَ جي سزا ڏيئي ساڙي رک ڪري ڇڏيائين، تان تہ اڳتي بي دينن جي لاءِ عبرت جو مثال ٿين؛ 7 ۽ راستباز لوط کي بچائي ورتائين، جو بدڪارن جي شهوت پرستيءَ جي هلت چلت جي ڪري ڏاڍو پريشان هو، 8 (ڇالاءِ جو اُهو راستباز ماڻهو انهن ۾ رهي ۽ سندن بي شرع ڪم ڏسي ۽ ٻُڌي، روز بروز پنهنجي سچيءَ دل ۾ پيو پريشان ٿيندو هو) 9 (تڏهن ثابت آهي تہ) خداوند ڄاڻي ٿو تہ ديندار کي آزمائش کان ڪيئن ڇڏائجي، ۽ بي دينن کي عدالت جي ڏينهن تائين ڪهڙيءَ طرح سزا هيٺ رکي. 10 ۽ خاص ڪري انهن کي جي جسم جي ناپاڪ خواهشن تي ٿا هلن، ۽ حڪومت کي ڪين جهڙو ٿا ڄاڻن، ۽ گستاخ ۽ ضدي آهن، ۽ جلال وارن جي گلا ڪرڻ کان بہ نٿا ڊڄن. 11 جيتوڻيڪ ملائڪ، جي طاقت ۽ قدرت ۾ کانئن وڏا آهن، سي خدا جي اڳيان انهن تي ٽوڪبازي ڪري نٿا پڪارين. 12 پر اهي ماڻهو بي عقل جانورن وانگر آهن، جي رڳو پڪڙجڻ ۽ برباد ٿيڻ جي لاءِ حيوانن جهڙا پيدا ٿيا آهن، ۽ جن ڳالهين کان ناواقف آهن، تن جي نسبت ۾ اجايو سجايو پيا ڳالهائين. هو پنهنجي خرابيءَ ۾ پاڻ چٽ ٿي ويندا، 13 ۽ بدڪاريءَ ڪري پاڻ بدڪاريءَ جو بدلو پائيندا؛ ۽ هو اهڙا ماڻهو آهن جو ڏينهن ڏٺي عيش عشرت ڪري خوش ٿا ٿين؛ هو داغ ۽ عيب آهن: جي اوهان سان گڏ کائيندي پيئندي پنهنجي محبت جي محفلن ۾ عيش عشرت پيا ڪن؛ 14 انهن جي اکين مان زنا پيو بَکي، ۽ گناهہ ڪرڻ کان بس نٿا ڪن؛ ۽ جيڪي غير مستقل مزاج آهن، تن کي ڦاسايو وٺن؛ انهن جي دل لالچ ۾ ڏاڍي چالاڪ آهي؛ ۽ اُهي لعنت جا ٻار آهن. 15 اهي سنئون رستو ڇڏي گمراهہ ٿي پيا آهن، ۽ بعور جي پٽ بلعام جي پيروي ٿا ڪن، جنهن کي گناهہ جو اُجورو پسند هو؛ 16 پر پنهنجي قصور ڪري پاڻ تي لعنت آندائين ۽ هڪڙي گگدام گڏهہ، انسان وانگر ڳالهائي انهي نبيءَ جي چريائي روڪي. 17 اهي اهڙن چشمن وانگر آهن جن جو پاڻي سُڪي ويو آهي، ۽ ڪوهيڙي وانگر آهن جنهن کي طوفان اُڏايو ڇڏي، جن جي لاءِ ڀڀ اونداهہ مقرر ٿيل آهي. 18 ڇالاءِ جو اُهي مغروريءَ جون نهايت بيهوديون ڳالهيون ڪري شهوت پرستيءَ جي وسيلي انهن ماڻهن کي جسماني خواهشن ۾ ڦاسائين ٿا، جي گمراهہ ٿيل ماڻهن کان ڌار ٿيڻ تي آهن. 19 هو کين آزادگيءَ جو واعدو ڏين ٿا، ۽ پاڻ خرابيءَ جا غلام ٿيا وتن: ڇالاءِ جو جيڪو ماڻهو ڪنهن کان مغلوب ٿو ٿئي، سو انهيءَ جي غلاميءَ ۾ ٿو اچي. 20 ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اُهي خداوند ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي سڃاڻپ جي ڪري دنيا جي ناپاڪائيءَ کان ڇُٽن ٿا، پر وري بہ انهيءَ ۾ ڦاسي مغلوب ٿا ٿين، تہ انهن جي پوئين حالت پهرينءَ کان خراب ٿي ٿئي. 21 ڇالاءِ جو هڪ ڀيرو راستبازيءَ جي واٽ معلوم ڪري پوءِ انهي پاڪ حڪم کان، جو کين مليو هو، ڦري وڃڻ، تنهن کان چڱو ائين هو جو انهيءَ واٽ کان واقف ئي نہ ٿين ها. 22 هي سچو پهاڪو ساڻن لاڳو ٿو ٿئي تہ ”ڪتو قئي ڪري وري انهي ڏانهن موٽي ٿو، ۽ سوئر غسل کانپوءِ وري وڃيو گپ ۾ ليٽي.“ |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society