Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.پطرس 1 - Sindhi Bible

1 يسوع مسيح جي بندي ۽ رسول شمعون پطرس جي طرفان انهن ڏانهن، جن اسان جي خدا ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي راستبازيءَ ڪري اسان جهڙو قيمتي ايمان حاصل ڪيو آهي:

2 شل اسان جي خداوند يسوع جي سڃاڻپ ۾ فضل ۽ اطمينان اوهان کي زيادہ حاصل ٿيندو رهي.

3 ڇالاءِ جو سندس خدائي قدرت، زندگيءَ ۽ دينداريءَ سان تعلق رکندڙ سڀ شيون، پنهنجي سڃاڻپ جي وسيلي اسان کي بخشيون آهن. هن پنهنجي جلال ۽ نيڪيءَ سان اسان کي سڏيو؛

4 ۽ اسان سان پنهنجا قيمتي ۽ نهايت وڏا واعدا ڪيا، تہ انهن جي وسيلي اوهين نفساني خواهش جي ڪري دنيا ۾ جيڪا خرابي آهي، تنهن کان ڇُٽو، ۽ خدائي طبيعت ۾ شريڪ ٿيو.

5 ۽ انهي سبب ڪري اوهين پنهنجي طرفان نهايت ڪوشش ڪري پنهنجي ايمان سان گڏ نيڪي وڌايو، ۽ نيڪيءَ سان علم.

6 ۽ پنهنجي علم سان پرهيزگاري، ۽ پرهيزگاريءَ سان صبر؛ صبر سان دينداري؛

7 ۽ دينداريءَ سان گڏ ڀائرن جو پيار، ۽ ڀائرن جي پيار سان گڏ محبت.

8 ڇالاءِ جو جيڪڏهن اهي ڳالهيون اوهان ۾ موجود هونديون ۽ وڌنديون وينديون، تہ اُهي اوهان کي اسان جي خداوند يسوع مسيح جي سڃاڻپ ۾ سست ۽ بي ڦل ٿيڻ نہ ڏينديون.

9 ڇالاءِ جو جنهن ۾ اهي ڳالهيون نہ آهن، سو انڌو ۽ گهٽ نظر آهي، ۽ پنهنجن اڳوڻن گناهن جي ڌوپي صاف ٿيڻ جي ڳالهہ وساري ڇڏي اٿس.

10 تنهنڪري اي ڀائرو، پنهنجي ڪوٺ ۽ چونڊ جي خاطري ڪرڻ لاءِ زيادہ ڪوشش ڪريو؛ ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ ڪڏهن بہ گمراهہ نہ ٿيندا.

11 ڇالاءِ جو ائين ڪرڻ سان اوهين فتحمند ٿي اسان جي خداوند ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي ابدي بادشاهت ۾ چڱيءَ طرح داخل ٿيندا.

12 تنهنڪري آئون اوهان کي اهي ڳالهيون ياد ڏيارڻ لاءِ هميشہ تيار رهندس، جيتوڻيڪ انهن جي اوهان کي خبر آهي، ۽ جيڪا سچائي اوهان کي مليل آهي، تنهن تي اوهين قائم آهيو.

13 ۽ آئون اها ڳالهہ واجب ٿو سمجهان تہ جيستائين آئون هن جسم ۾ آهيان، تيستائين اوهان کي يادگيري ڏياري پيو هوشيار ڪريان؛

14 جو آئون ڄاڻان ٿو تہ منهنجي جسم ڇڏڻ جو وقت جلد اچڻو آهي، جيئن ڪ اسان جي خداوند يسوع مسيح مون کي چتايو آهي.

15 ۽ آئون اها ئي ڪوشش ڪندس تہ منهنجي لاڏاڻي کانپوءِ اوهين هر وقت اهي ڳالهيون ياد رکي سگهو.

16 ڇالاءِ جو جڏهن اسان اوهان کي پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي قدرت ۽ اچڻ جي خبر ڏني هئي، تڏهن بناوٽي ڪوڙن قصن تي ڪونہ لڳا هئاسين، پر سندس عظمت جا اکين ڏٺا شاهد هئاسين.

17 ڇالاءِ جو هن کي خدا پيءُ کان عزت ۽ جلال مليو، جنهن وقت نهايت اعليٰ جلال مان کيس هي آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي، جنهن سان آئون گهڻو خوش آهيان.“

18 ۽ جڏهن اسين ساڻس گڏ پاڪ جبل تي هئاسين، تڏهن اسان پاڻ اهو آواز آسمان مان ايندو ٻُڌو.

19 ۽ اسان وٽ نبين جو ڪلام آهي، جو زيادہ اعتقاد جوڳو آهي؛ ۽ اوهين چڱو ٿا ڪريو جو انهي تي ايترو غور ٿا ڪريو جو ڄڻ تہ هڪڙو ڏيئو آهي، جو اونداهيءَ جاءِ ۾ تيستائين سوجهرو پيو ڏئي، جيستائين ڪ پرهہ ڦٽي، ۽ صبح جو ستارو اوهان جي دلين ۾ اُڀري.

20 ۽ پهرين هي ڄاڻجو تہ پاڪ ڪتاب جي ڪابہ پيشنگوئي انساني دل مان پيدا نٿي ٿئي.

21 ڇالاءِ جو ڪابہ پيشنگوئي ڪڏهن بہ ماڻهوءَ جي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي؛ پر ماڻهو پاڪ روح جي چورڻ تي خدا جي طرفان ڳالهائيندا هئا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan