Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.بادشاهَہ 9 - Sindhi Bible

1 ۽ اليشع نبيءَ، نبين جي پٽن مان هڪڙي کي سڏي چيو تہ پنهنجي ڪمر ٻڌ ۽ هيءَ تيل جي ڪُپي پنهنجن هٿن ۾ کڻي رامات جلعاد ڏانهن وڃ.

2 ۽ جڏهن تون اُتي پهچين، تڏهن ياهو بن يهوسفط بن نمشيءَ کي ڳولي هٿ ڪج، ۽ اندر وڃي انهيءَ کي پنهنجن ڀائرن مان اُٿاري اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ وٺي وڃج.

3 پوءِ اها ڪُپي ڪڍي هن جي مٿي تي تيل اوتي چئجانءِ، تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون توکي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪيو آهي. پوءِ در پٽي اُٿي ڀڄج ۽ متان ترسين.

4 تڏهن اُهو جوان ماڻهو، يعني اُهو نبي رامات جلعاد ۾ ويو.

5 ۽ جڏهن هو اُتي پهتو تڏهن ڏس، لشڪر جا سردار اُتي ويٺا هئا؛ ۽ هن چيو تہ اي سردار، مون کي تنهنجي لاءِ هڪڙو پيغام مليل آهي. ۽ ياهوءَ چيو تہ اسان سڀني مان ڪهڙي جي لاءِ؟ هن چيو تہ اي سردار، تنهنجي لاءِ.

6 ۽ هو اُٿيو ۽ اندر گهر ۾ گهڙي ويو؛ تڏهن هن اهو تيل هاري هن جي مٿي تي وڌو، ۽ چيائينس تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ مون توکي خداوند جي قوم جي مٿان، يعني اسرائيل جي مٿان مسح ڪري بادشاهہ ڪيو آهي.

7 ۽ تون پنهنجي ڌڻي اخي آب جي گهراڻي کي ماريندين، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ پنهنجن ٻانهن نبين جي خون جو، ۽ خداوند جي سڀني ٻانهن جي خون جو، ايزبل جي هٿان وير وٺان.

8 ڇالاءِ جو اخي آب جو سارو گهراڻو ناس ٿيندو: ۽ آءٌ اخي آب کان سڀ ڪو ڇوڪر وڍي ڇڏيندس، ۽ انهيءَ کي بہ جو غلام آهي، ۽ جو اسرائيل ۾ آزاد ڇڏيل آهي.

9 ۽ آءٌ اخي آب جي گهراڻي کي يربعام بن نباط جي گهراڻي، ۽ بعشا بن اخياہ جي گهراڻي جهڙو ڪندس.

10 ۽ ايزبل کي يزرعيل جي ڀاڱي ۾ ڪتا کائيندا، ۽ هن کي دفن ڪرڻ جي لاءِ ڪوبہ ماڻهو ڪونہ هوندو. پوءِ هو در پٽي اُٿي ڀڳو.

11 تڏهن ياهو پنهنجي ڌڻيءَ جي نوڪرن وٽ موٽي آيو: ۽ هڪڙي چيس تہ ٻيو تہ خير آهي؟ اهو ديوانو ماڻهو ڇو تو وٽ آيو هو؟ ۽ هن اُنهن کي چيو تہ اوهان کي انهيءَ ماڻهوءَ جي، ۽ جيڪي هن چيو، تنهن جي خبر آهي.

12 ۽ هنن چيو تہ اهو ڪوڙ آهي؛ هاڻ اسان کي ٻڌاءِ. تڏهن هن چيو تہ انهيءَ ماڻهوءَ مون کي هيئن ۽ هيئن چيو، ۽ چيائين تہ خداوند فرمايو آهي تہ مون توکي مسح ڪري اسرائيل جو بادشاهہ ڪيو آهي.

13 تڏهن اُنهن مان هرهڪ ماڻهوءَ تڪڙو ٿي پنهنجو پنهنجو ڪپڙو کڻي سندس هيٺان ڏاڪڻ تي وڇايو، ۽ قرناءِ وڄائي چوڻ لڳا تہ ياهو بادشاهہ آهي.

14 پوءِ ياهو بن يهوسفط بن نمسي، يورام جي برخلاف منصوبو ڪيو. (هاڻي يورام سڄي اسرائيل سان گڏجي ارام جي بادشاهہ حزائيل جي سببان رامات جلعاد جي حفاظت پئي ڪئي:

15 پر بادشاهہ يورام موٽي يزرعيل ۾ ويو هو تہ جيڪي زخم هن کي ارام جي بادشاهہ حزائيل سان وڙهندي ارامين جي هٿان رسيا هئا، تن جو علاج ڪري؛) ۽ ياهوءَ چيو تہ جيڪڏهن اوهان جي دل جي مراد اها آهي تہ تڏهن ڪوبہ هن شهر مان ڀڄي نڪري نہ وڃي، جو وڃي يزرعيل ۾ اها خبر رسائي.

16 سو ياهو هڪڙي رٿ ۾ چڙهي يزرعيل ڏانهن ويو؛ ڇالاءِ جو يورام اُتي هو. ۽ يهوداہ جو بادشاهہ اخزياہ يورام کي ڏسڻ آيو هو.

17 هاڻي يزرعيل ۾ پهري وارو ٺلهہ تي بيٺو هو، ۽ انهيءَ ياهوءَ جي ٽوليءَ کي ايندو ڏٺو، ۽ چوڻ لڳو تہ آءٌ هڪڙي ٽولي ٿو ڏسان. ۽ يورام چيو تہ هڪڙو گهوڙي سوار وٺي انهيءَ کي اڳي روانو ڪر تہ وڃي هنن کي گڏجي، ۽ پڇي تہ خير سلامتي آهي؟

18 اُن موجب هڪڙو ماڻهو گهوڙي تي چڙهي هن کي گڏجڻ ويو، ۽ چيائين تہ بادشاهہ ٿو پڇي تہ خير سلامتي آهي؟ تڏهن ياهوءَ چيو تہ توکي خير سلامتيءَ سان ڪهڙو ڪم آهي؟ تون ڦري منهنجي پٺيان هل. ۽ پهري واري وڃي چيو تہ قاصد هنن وٽ آيو، پر وري نٿو موٽي.

19 تڏهن هن وري ٻيو ماڻهو گهوڙي تي چاڙهي موڪليو جو هنن وٽ ويو ۽ چيائين تہ بادشاهہ ٿو پڇي تہ خير سلامتي آهي؟ تڏهن ياهوءَ ورندي ڏني تہ توکي خير سلامتيءَ سان ڪهڙو ڪم آهي؟ تون ڦري منهنجي پٺيان هل.

20 ۽ پهري واري اچي چيو تہ هو بہ هنن وٽ آيو، پر وري نٿو موٽي: ۽ اها سواري ياهو بن نمسيءَ جي سواريءَ جهڙي آهي؛ ڇالاءِ جو هو ڏاڍي جوش سان هڪليندو آهي.

21 ۽ يورام چيو تہ تيار ٿيو. ۽ هنن سندس رٿ تيار ڪيو. ۽ اسرائيل جو بادشاهہ يورام ۽ يهوداہ جو بادشاهہ اخزياہ پنهنجي پنهنجي رٿ تي چڙهي ياهوءَ کي گڏجڻ لاءِ نڪري ويا، ۽ نبوت يزرعيليءَ جي حصي ۾ هن کي وڃي مليا.

22 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يورام ياهوءَ کي ڏٺو تڏهن پڇڻ لڳو تہ اي ياهو، خير سلامتي تہ آهي؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ جيسين تنهنجي ماءُ ايزبل جون زناڪاريون ۽ انهيءَ جون جادوگريون ايتريون هونديون تيسين خير سلامتي ڪهڙي آهي؟

23 تڏهن يورام پنهنجا هٿ ڦيرائي اُٿي ڀڳو، ۽ اخزياہ کي چوڻ لڳو تہ اي اخزياہ، بغاوت ٿي آهي.

24 ۽ ياهوءَ پنهنجي سڄي زور سان ڪمان ڪشي يورام جي ٻنهي ٻانهن جي وچ ۾ تير هنيو، جو هن جي دل منجهان لنگهي ويو، ۽ هو پنهنجي رٿ منجهہ ڪِري پيو.

25 تڏهن ياهو پنهنجي لشڪر جي سردار بدقر کي چيو تہ هن کي کڻي نبوت يزرعيليءَ جي ٻنيءَ ۾ اُڇلائي ڇڏ: ڇالاءِ جو ياد هوندءِ تہ جڏهن آءٌ ۽ تون هن جي پيءُ اخي آب جي پٺيان گڏ چڙهيا پئي وياسين، تڏهن خداوند هي بار هن تي رکيو هو.

26 يقيناً خداوند ٿو فرمائي تہ ڪالهہ مون نبوت جو خون ۽ سندس پٽن جو خون ڏٺو آهي؛ ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ هن ئي ٻنيءَ ۾ آءٌ توکان بدلو وٺندس. تنهنڪري هاڻي هن کي کڻي خداوند جي ڪلام موجب زمين جي اُنهيءَ حصي ۾ اُڇلائي ڇڏ.

27 پر جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ اخزياہ اهو حال ڏٺو، تڏهن باغ واري گهر جو رستو ڏيئي اُٿي ڀڳو. ۽ ياهو اُنهيءَ جي پٺيان پيو ۽ چوندو ويو تہ انهيءَ کي بہ رٿ تي ماري وجهو. تڏهن جُور جي چاڙهي، جا ابلعام جي ڀرسان آهي، تنهن وٽ ماڻهن هن کي ڌڪ هنيو، ۽ هو مجدو ڏي ڀڳو ۽ اُتي وڃي مئو.

28 ۽ سندس نوڪرن هن کي رٿ تي کڻي يروشلم ۾ آندو، ۽ دائود جي شهر ۾ سندس قبر ۾، سندس ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيائونس.

29 ۽ يورام بن اخي آب جي يارهين ورهيہ ۾، اخزياہ يهوداہ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.

30 ۽ جڏهن ياهو يزرعيل ۾ آيو، تڏهن ايزبل کي انهيءَ جي خبر پهتي: ۽ هن پنهنجي اکين کي ڪجل لاتو، ۽ سينڌ ڪڍي دريءَ مان ٻاهر نهارڻ لڳي.

31 ۽ جيئن ياهو در وٽ اندر ٿي لنگهيو، تيئن هوءَ چوڻ لڳي تہ اي زمري، پنهنجي ڌڻيءَ جا خوني، خير سلامتي تہ آهي؟

32 ۽ هن منهن دريءَ ڏانهن مٿي ڪري چيو تہ منهنجي پاسي ڪير آهي؟ ڪير؟ ۽ ٻہ ٽي خواجہ ٻاهر نهارڻ لڳا.

33 ۽ هن چيو تہ انهيءَ زال کي هيٺ ڪيرائي وجهو: تنهن تي هنن هيٺ ڪيرائي وڌس: ۽ هن جو ڪجهہ رت ڀت تي ۽ گهوڙن تي اچي پيو: ۽ هو کيس پيرن هيٺ لتاڙي هليو ويو.

34 ۽ جڏهن هو اندر آيو تڏهن کاڌائين ۽ پيتائين؛ ۽ هن چيو تہ هاڻي وڃي اُنهيءَ لعنتي زال کي ڏسو ۽ دفن ڪريو: ڇالاءِ جو اُها بادشاهہ جي ڌيءَ آهي.

35 ۽ هو هن کي دفن ڪرڻ لاءِ ويا: پر ڏٺائون تہ سندس بدن مان سواءِ ميڄالي، ۽ پيرن ۽ هٿن جي ترين جي، ٻيو ڪي ڪين بچيو آهي.

36 تنهنڪري هو موٽي آيا ۽ اچي هن کي اها خبر ڏنائون. ۽ هن چيو تہ اهو خداوند جو ڪلام آهي جو هن پنهنجي ٻانهي ايلياہ تشبيءَ جي واتان ڪيو، جو چيو هئائين تہ يزرعيل جي ڀاڱي ۾ ايزبل جو ماس ڪتا کائيندا:

37 ۽ ايزبل جو لاش يزرعيل جي ڀاڱي ۾ ٻنيءَ جي مٿان گند ڪچري وانگر پيل رهندو؛ اهڙيءَ طرح جو ڪوبہ ڪونہ چوندو تہ هيءَ ايزبل آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan