2.بادشاهَہ 7 - Sindhi Bible1 ۽ اليشع چيو تہ اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو: خداوند هيئن ٿو فرمائي: تہ سڀاڻي هن وقت ڌاري سامريہ جي در تي ميدي جو هڪڙو ماڻ هڪڙي شيڪل تي وڪامندو، ۽ جَوَن جا ٻہ ماڻ هڪڙي شيڪل تي. 2 تڏهن جنهن سردار جي هٿ تي بادشاهہ ٽيڪ ڏيو بيٺو هو، تنهن ورندي ڏيئي اُنهيءَ خدا جي مرد کي چيو تہ ڏس، جيڪڏهن خداوند آسمان ۾ دريون جوڙيندو تہ بہ اها ڳالهہ ٿي سگهندي ڇا؟ ۽ هن چيو تہ ڏس، تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين، مگر اُنهيءَ مان کائيندين ڪين. 3 هاڻي دروازي جي لنگهہ واري هنڌ چار ڪوڙهيا ماڻهو هئا: ۽ اُنهن هڪ ٻئي کي چيو تہ هتي اسين هيستائين ڇو ويٺا هجون جيستائين مري وڃون؟ 4 جيڪڏهن اسين چونداسين تہ شهر ۾ ٿا گهڙون، تہ ڏڪار اڳيئي شهر ۾ آهي، ۽ اسين اُتي مري وينداسين: ۽ جي هتي ماٺ ڪيو ويٺا هونداسين، تہ بہ مري وينداسين. تنهنڪري هاڻي هلو تہ هلي ارامين جي لشڪر جي وچ ۾ پئون: جي هنن اسان کي جيئرو بچايو تہ جيئرا رهنداسين؛ ۽ جي اسان کي ماريائون تہ بہ نيٺ مرنداسين. 5 پوءِ هو نما شام جي مهل ارامين جي لشڪرگاهہ ڏانهن وڃڻ لاءِ اُٿيا: ۽ جڏهن اُهي ارامين جي لشڪرگاهہ جي ٻاهرين پاسي تائين آيا، تڏهن ڏسن تہ ڪوبہ ماڻهو اُتي ڪونهي. 6 ڇالاءِ جو خداوند جي قدرت سان ارامين جي لشڪر رٿن جو آواز، ۽ گهوڙن جو آواز، مطلب تہ هڪڙي وڏي لشڪر جو آواز ٻڌو هو: ۽ هنن هڪ ٻئي کي چيو تہ ڏسو، اسرائيل جي بادشاهہ حتين جي بادشاهن، ۽ مصرين جي بادشاهن کي ڀاڙي ڪيو آهي، تہ اسان سان وڙهن. 7 تنهنڪري هو اُٿيا، ۽ نما شام جو ئي پنهنجا تنبو، ۽ پنهنجا گهوڙا، ۽ پنهنجا گڏهہ، مطلب تہ لشڪرگاهہ جيئن هو تيئن ڇڏي ساهہ بچائي اُٿي ڀڳا. 8 ۽ جڏهن اهي ڪوڙهيا لشڪرگاهہ جي ٻاهرئين حصي وٽ آيا، تڏهن هڪڙي تنبوءَ ۾ گهڙي ويا ۽ اُتي وڃي کاڌائون پيتائون، ۽ اُتان چاندي، ۽ سون، ۽ ڪپڙا کڻي وڃي لڪايائون؛ پوءِ وري آيا ۽ ٻئي تنبوءَ ۾ گهڙيا، ۽ اُتان بہ اهي شيون کڻي وڃي لڪايائون. 9 پوءِ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ اسين چڱو ڪم نٿا ڪريون: اڄ خوشخبريءَ جو ڏينهن آهي، ۽ اسين ماٺ ڪري ويٺا آهيون: جيڪڏهن صبح جي سوجهري تائين ترسنداسين تہ اسان کي سزا ملندي: تنهنڪري هاڻي اچو تہ هلي بادشاهہ جي گهر وارن کي ٻڌايون. 10 تڏهن هنن اچي شهر جي دربان کي سڏ ڪيو: ۽ چيائونس تہ اسين ارامين جي لشڪرگاهہ ۾ وياسين، ۽ ڏس، اُتي ڪوبہ ماڻهو ڪونہ هو، نہ ڪو ڪنهن ماڻهوءَ جو آواز هو، پر گهوڙا ۽ گڏهہ ٻڌا بيٺا هئا، ۽ تنبو بہ جيئن هئا تيئن بيٺا هئا. 11 ۽ هن دربانن کي سڏيو؛ ۽ اُنهن اندر بادشاهہ جي گهر وارن کي ٻڌايو. 12 ۽ بادشاهہ رات جو اُٿيو، ۽ پنهنجي نوڪرن کي چيائين تہ هاڻي آءٌ اوهان کي ڏيکاريندس تہ ارامين اسان سان ڇا ڪيو آهي. هنن کي خبر آهي تہ اسين بکايل آهيون؛ تنهنڪري هو لشڪرگاهہ مان نڪري پاڻ کي جهنگ ۾ لڪائڻ ويا آهن، ۽ دل ۾ چيو اٿن تہ جڏهن هي شهر مان نڪرندا، تڏهن اسين هنن کي جيئرو پڪڙينداسين، ۽ شهر ۾ گهڙنداسين. 13 ۽ هن جي نوڪرن مان هڪڙي ورندي ڏيئي چيو تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ شهر ۾ رهيل گهوڙن مان ڪي ماڻهو پنج گهوڙا کڻن (ڏس، اهي انهيءَ ساري اسرائيل جي جماعت وانگر آهن جي اُنهيءَ ۾ رهجي ويا آهن؛ ڏس، اهي اُنهيءَ ساري اسرائيل جي جماعت وانگر آهن جي مري کپي ويا آهن:) ۽ انهن کي اسين موڪلي ڏيون ۽ سماءُ لهون. 14 تنهنڪري هنن رٿ گهوڙن سميت کنيا؛ ۽ اُهي بادشاهہ ارامين جي لشڪر جي پٺيان ڏياري موڪليا، ۽ انهن کي چيائين تہ وڃي سماءُ لهو. 15 ۽ هو اُنهن جي پٺيان يردن تائين ويا: ۽ ڏس، سارو رستو ڪپڙن ۽ ٿانوَن سان ڀريو پيو هو جي ارامين تڪڙ ۾ اُڇلائي ڇڏيا هئا. ۽ قاصدن موٽي اچي بادشاهہ کي ٻڌايو. 16 ۽ ماڻهو نڪري ويا ۽ ارامين جي لشڪرگاهہ کي لٽيائون. انهيءَ طرح ميدي جو هڪڙو ماڻ هڪڙي شيڪل تي وڪاڻو، ۽ جَوَن جا ٻہ ماڻ هڪڙي شيڪل تي وڪاڻا، جيئن ڪ خداوند فرمايو هو. 17 ۽ بادشاهہ انهيءَ سردار کي دروازي جي نگهبانيءَ لاءِ مقرر ڪيو، جنهن جي هٿ تي ٽيڪ ڏيندو هو: ۽ ماڻهو در تي هن جي مٿان لتاڙي لنگهي ويا، ۽ هو مري ويو، جيئن ڪ انهيءَ خدا جي مرد فرمايو هو، جڏهن بادشاهہ وٽس آيو هو. 18 ۽ ائين ئي ٿيو جيئن انهيءَ خدا جي مرد فرمايو هو، جو چيو هئائين تہ سڀاڻي سامريہ جي دروازي تي هن وقت ڌاري جَوَن جا ٻہ ماڻ هڪڙي شيڪل تي وڪامندا، ۽ ميدي جو هڪڙو ماڻ هڪ شيڪل تي وڪامندو؛ 19 ۽ سردار انهيءَ خدا جي مرد کي ورندي ڏيئي چيو هو تہ هاڻي ڏس، جيڪڏهن خداوند آسمان ۾ دريون جوڙيندو تہ بہ اها ڳالهہ ٿي سگهندي ڇا؟ ۽ هن چيو هوس تہ ڏس، تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين مگر انهيءَ مان کائيندين ڪين: 20 انهيءَ سان ٿيو بہ ائين ئي؛ ڇالاءِ جو ماڻهو هن جي مٿان لتاڙي لنگهي ويا، ۽ هو مري ويو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society