2.بادشاهَہ 5 - Sindhi Bible1 هاڻي ارام جي بادشاهہ جو سپهہ سالار نعمان وڏو ماڻهو هو، ۽ پنهنجي ڌڻيءَ جي اڳيان عزت وارو هو، ڇالاءِ جو انهيءَ جي وسيلي خداوند ارام کي فتح ڏني هئي: هو همت وارو بهادر مرد بہ هو، مگر هو ڪوڙهيو هو. 2 ۽ ارامي ٽوليون ڪري نڪري ويا هئا؛ ۽ اسرائيل جي ملڪ مان هڪڙي ننڍڙي ڇوڪري قيد ڪري وٺي آيا هئا؛ ۽ اُها نعمان جي زال جي خدمتگار هئي. 3 ۽ انهيءَ پنهنجي ڌياڻيءَ کي چيو تہ جيڪو نبي سامريہ ۾ آهي تنهن وٽ جي منهنجو ڌڻي هجي تہ ڪهڙو نہ چڱو! پوءِ جيڪر هو کيس ڪوڙهہ کان ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪري. 4 ۽ هڪڙو اندر لنگهي ويو، ۽ اُنهيءَ پنهنجي ڌڻيءَ کي چيو تہ اسرائيل جي ملڪ جي جيڪا ڇوڪري آهي سا هيئن ڪ هيئن ٿي چوي. 5 ۽ ارام جي بادشاهہ چيو تہ هل، اچ، آءٌ پاڻ اسرائيل جي بادشاهہ ڏي خط موڪليندس. ۽ هو هليو ويو، ۽ پاڻ سان ڏهہ قنطار چانديءَ ۽ ڇهہ هزار ٽڪر سون ۽ ڏهہ وڳا ڪپڙن جا کڻي ويو. 6 ۽ هن اُهو خط اسرائيل جي بادشاهہ وٽ آندو، جنهن ۾ لکيل هو تہ هاڻي جڏهن اهو خط تو وٽ آيو آهي تڏهن ڏس، مون پنهنجي نوڪر نعمان کي تو ڏانهن موڪليو آهي تہ تون هن کي ڪوڙهہ کان ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪرين. 7 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسرائيل جي بادشاهہ خط پڙهيو، تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چوڻ لڳو تہ آءٌ ڪو خدا آهيان ڇا جو ماريان ۽ جيئاريان، جو هي ماڻهو هڪڙي ڪوڙهئي کي ڇُٽائي چڱي ڀلي ڪرڻ لاءِ مون ڏانهن ٿو موڪلي؟ پر ڀلائي ڪري ويچار ڪريو ۽ ڏسو تہ ڪيئن هو مون سان جهيڙي ڪرڻ لاءِ وجهہ ٿو ڳولي. 8 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خدا جي مرد اليشع ٻڌو تہ اسرائيل جي بادشاهہ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا آهن، تڏهن هن بادشاهہ ڏانهن چوائي موڪليو تہ تو ڇالاءِ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا آهن؟ هاڻي ڀلي تہ هو مون وٽ اچي، پوءِ هن کي معلوم ٿيندو تہ اسرائيل ۾ ڪو نبي آهي. 9 پوءِ نعمان پنهنجن گهوڙن ۽ پنهنجين گاڏين سان آيو، ۽ اچي اليشع جي گهر جي در تي بيٺو. 10 ۽ اليشع هن ڏانهن قاصد جي هٿان چوائي موڪليو تہ وڃي يردن ۾ ست ڀيرا غسل ڪر، ۽ تنهنجو ماس تو وٽ موٽي ايندو ۽ تون پاڪ ٿيندين. 11 پر نعمان ڪاوڙجي هليو ويو ۽ چوڻ لڳو تہ ڏس، مون دل ۾ چيو هو تہ هو ضرور مون وٽ ايندو، ۽ بيهي خداوند پنهنجي خدا جو نالو وٺي سڏيندو، ۽ انهيءَ جاءِ جي مٿان پنهنجو هٿ لوڏيندو ۽ ڪوڙهہ کي ڇُٽائيندو. 12 دمشق جون نديون ابانہ ۽ فرفر اسرائيل جي سڀني پاڻين کان بهتر نہ آهن ڇا؟ اُنهن ۾ آءٌ غسل ڪري پاڪ نہ ٿيان ڇا؟ انهيءَ طرح هو ڦري ڪاوڙ ۾ هليو ويو. 13 ۽ هن جا نوڪر ويجهو آيا، ۽ هن کي چوڻ لڳا تہ اي منهنجا جا ابا، جيڪڏهن نبي توکي ڪنهن وڏي ڪم ڪرڻ لاءِ چوي ها تہ تون اُهو نہ ڪرين ها ڇا؟ تڏهن ڇو نہ تون ائين ڪرين جڏهن هو توکي چوي ٿو تہ غسل ڪري پاڪ ٿيءُ. 14 تڏهن هو هيٺ لهي ويو ۽ يردن ۾ ست ٽُٻيون ڏنائين، جيئن ڪ خدا جي مرد چيو هو: ۽ ننڍي ٻار جي ماس وانگر هن جو ماس موٽي هن وٽ آيو، ۽ هو پاڪ ٿيو. 15 پوءِ هو اُنهيءَ خدا جي مرد وٽ موٽي آيو، ۽ سندس ساري ٽولي ساڻس گڏ اچي هن جي اڳيان بيهي رهي: ۽ هن چيو تہ هاڻي ڏس، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اسرائيل جي خدا کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي، مهرباني ڪري پنهنجي ٻانهي کان هڪڙو تحفو قبول ڪر. 16 پر هن چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، جنهن جي اڳيان آءٌ بيٺو آهيان، تہ آءٌ ڪوبہ تحفو نہ وٺندس. ۽ هن انهيءَ جي وٺڻ لاءِ زور ڪيس؛ تڏهن بہ هن وٺڻ کان انڪار ڪيو. 17 ۽ نعمان چيو تہ جي نٿو وٺين تہ بہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تنهنجي ٻانهي کي ٻن خچرن جي بار جيتري مٽي ملي؛ ڇالاءِ جو تنهنجو ٻانهو اڄ کان وٺي اڳتي ڪنهن بہ معبود جي اڳيان نہ سوختني قرباني چاڙهيندو نہ ٻي ڪا قرباني، پر رڳو خداوند جي اڳيان. 18 انهيءَ ڳالهہ ۾ شل خداوند تنهنجي ٻانهي کي معاف ڪري؛ جڏهن منهنجو ڌڻي رمون جي گهر ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ وڃي ۽ منهنجي هٿ تي ٽيڪ ڏئي، ۽ آءٌ رمون جي گهر ۾ سجدو ڏيان، جڏهن آءٌ پاڻ رمون جي گهر ۾ سجدو ڏيان تڏهن شل خداوند تنهنجي ٻانهي کي انهيءَ ڳالهہ ۾ معافي ڏئي. 19 ۽ هن انهيءَ کي چيو تہ صحيح سلامت هليو وڃ. تڏهن هو وٽانئس ٿورو پري هليو ويو. 20 پر خدا جي مرد اليشع جي نوڪر جيحازيءَ چيو تہ ڏس، منهنجي ڌڻيءَ هن نعمان اراميءَ کي ائين ئي ڇڏي ڏنو، جو جيڪي هن آندو هو سو انهيءَ جي هٿان نہ ورتائين: خداوند جيئري جو قسم آهي تہ آءٌ هن جي پٺيان ڊوڙندس ۽ هن کان ڪي ڪجهہ وٺندس. 21 پوءِ جيحازي نعمان جي پٺيان ويو. ۽ جڏهن نعمان ڏٺو تہ ڪو ماڻهو سندس پٺيان ڊوڙندو پيو اچي، تڏهن هن سان گڏجڻ لاءِ گاڏيءَ تان لهي پيو ۽ چوڻ لڳو تہ ٻيو تہ سڀ خير آهي؟ 22 ۽ هن چيو تہ ٻيو سڀ خير آهي. منهنجي ڌڻيءَ مون کي موڪليو آهي ۽ چوايو اٿس تہ ڏس، بلڪل هينئر، افرائيم جي ڪوهستان مان مون وٽ نبين جي پٽن مان ٻہ جوان ماڻهو آيا آهن؛ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اُنهن کي هڪڙو چانديءَ جو قنطار ۽ ٻہ وڳا ڪپڙن جا ڏي. 23 تڏهن نعمان چيو تہ تون راضي ٿيءُ، ٻہ قنطار وٺ. ۽ زور ڪيائينس، ۽ ٻہ قنطار چانديءَ جا، ۽ ٻہ وڳا ڪپڙن جا ٻن ڳوٿرين ۾ ٻڌائين، ۽ اُهي پنهنجي ٻن نوڪرن جي مٿان رکيائين، جي هن جي اڳيان کڻي اُٿي هليا. 24 ۽ جڏهن هو ٽڪريءَ وٽ آيو، تڏهن هن اُهي هنن جي هٿان ورتا ۽ گهر ۾ رکي ڇڏيائين: پوءِ هن اُنهن کي موڪل ڏني ۽ هو هليا ويا. 25 پر هو اندر وڃي پنهنجي ڌڻيءَ جي اڳيان بيٺو، ۽ اليشع هن کي چيو تہ اي جيحازي، تون ڪٿان ٿو اچين؟ ۽ هن چيو تہ تنهنجو ٻانهو ڪيڏانهن بہ ڪين ويو هو. 26 ۽ هن چيس تہ منهنجي دل انهيءَ وقت توسان نہ هئي ڇا، جنهن وقت اُهو ماڻهو توسان گڏجڻ لاءِ پنهنجيءَ گاڏيءَ تان لهي تو وٽ موٽي آيو؟ هي ڪو پئسن وٺڻ، ۽ ڪپڙن وٺڻ، ۽ زيتون ۽ ڊاک جي باغن، ۽ رڍن، ۽ ڏاندن، ۽ ٻانهن، ۽ ٻانهين جي وٺڻ جو وقت آهي ڇا؟ 27 تنهنڪري نعمان جو ڪوڙهہ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ چُهٽندو؛ ۽ هو هن وٽان ڪوڙهيو ٿي نڪتو، اهڙو اڇو جهڙي برف. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society