Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.بادشاهَہ 3 - Sindhi Bible

1 هاڻي يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط جي ارڙهين ورهيہ ۾، يهورام بن اخي آب سامريہ ۾ اسرائيل جي مٿان بادشاهي ڪرڻ لڳو، جا ٻارهن ورهيہ هلي.

2 ۽ هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي؛ پر پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جهڙي نہ: ڇالاءِ جو جيڪو بعل جو ٿنڀ پڻس جوڙايو هو، سو هن ڊاهي ڇڏيو.

3 انهيءَ هوندي بہ هو يربعام بن نباط جي گناهن تي هليو، جن سان هن اسرائيل جي هٿان گناهہ ڪرايا؛ هن انهن کي ڇڏي نہ ڏنو.

4 هاڻي موآب جي بادشاهہ ميسا کي گهڻيون رڍون هيون؛ ۽ هو اسرائيل جي بادشاهہ کي هڪ لک رڍن ۽ هڪ لک گهٽن جي اُن پهچائي ڏيندو هو.

5 پر هيئن ٿيو تہ جڏهن اخي آب مري ويو تڏهن موآب جو بادشاهہ اسرائيل جي بادشاهہ کان باغي ٿي ڦري ويو.

6 ۽ اُنهيءَ وقت بادشاهہ يهورام سامريہ مان نڪري سڀ اسرائيلي گڏ ڪيا.

7 ۽ هن يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط ڏي پيغام موڪليو تہ موآب جو بادشاهہ مون کان باغي ٿي ويو آهي: تون موآب سان جنگ ڪرڻ لاءِ مون سان گڏجي هلندين يا نہ؟ ۽ هن چيو تہ آءٌ هلندس: آءٌ اهڙو آهيان جهڙو تون، منهنجا ماڻهو اهڙا آهن جهڙا تنهنجا ماڻهو، منهنجا گهوڙا اهڙا آهن جهڙا تنهنجا گهوڙا.

8 ۽ هن چيو تہ ڪهڙي پاسي هلون؟ هن ورندي ڏني تہ ادوم جي بيابان واري رستي کان.

9 پوءِ اسرائيل جو بادشاهہ، ۽ يهوداہ جو بادشاهہ، ۽ ادوم جو بادشاهہ، گڏجي روانا ٿيا: ۽ هنن ست ڏينهن چوڌاري گشت ڪيو، پر لشڪر ۽ جانور، جي سندن پٺيان هئا، تن لاءِ پاڻي موجود نہ هو.

10 ۽ اسرائيل جي بادشاهہ چيو تہ افسوس آهي، ڇالاءِ جو خداوند هن ٽن بادشاهن کي گڏ سڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي موآب جي هٿن ۾ ڏيئي.

11 پوءِ يهوسفط چيو تہ هتي ڪو خداوند جو نبي ڪونهي ڇا، جنهن جي وسيلي اسين خداوند کان پڇا ڪريون؟ ۽ اسرائيل جي بادشاهہ جي نوڪرن مان هڪڙي ورندي ڏيئي چيو تہ سافط جو پٽ اليشع هتي آهي، جو ايلياہ جا هٿ ڌوئندو هو.

12 ۽ يهوسفط چيو تہ خداوند جو ڪلام هن ساڻ آهي. تڏهن اسرائيل جو بادشاهہ، ۽ يهوسفط، ۽ ادوم جو بادشاهہ هن وٽ ويا.

13 ۽ اليشع اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو تہ منهنجو توسان ڪهڙو واسطو آهي؟ تون پنهنجي پيءُ جي، ۽ پنهنجي ماءُ جي نبين وٽ وڃ. ۽ اسرائيل جي بادشاهہ هنن کي چيو تہ ائين نہ ٿيندو: ڇالاءِ جو خداوند هنن ٽنهي بادشاهن کي گڏ سڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي موآب جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏي.

14 ۽ اليشع چيو تہ لشڪرن جي جيئري خداوند جو قسم آهي، جنهن جي اڳيان آءٌ بيٺو آهيان، تہ يقيناً جي يهوداہ جو بادشاهہ يهوسفط هت حاضر نہ هجي ها، تہ جيڪر آءٌ تو ڏانهن نهاريان بہ ڪين، ۽ توکي ڏسان ئي ڪين ها.

15 پر هاڻي مون وٽ هڪڙو ڳائڻ وڄائڻ وارو وٺي اچو. ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اُنهيءَ ڳائڻي پنهنجو ساز وڄايو تڏهن خداوند جو هٿ هن تي آيو.

16 ۽ هن چيو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ هيءَ وادي کاهين سان ڀري ڇڏيو.

17 ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين نڪي واءُ ڏسندا نڪي مينهن، انهيءَ هوندي بہ اها وادي پاڻيءَ سان ڀرجي پوندي: ۽ اوهين توڙي اوهان جو چوپايو مال ۽ اوهان جا وهٽ، سڀيئي پاڻي پيئندا.

18 ۽ اها خداوند جي نظر ۾ هڪڙي خسيس ڳالهہ آهي: هو موآبين کي بہ اوهانجن هٿن ۾ ڏيندو.

19 ۽ اوهين سڀني ڪوٽ وارن شهرن، ۽ عمدن شهرن کي شڪست ڏيندا، ۽ سڀ چڱا چڱا وڻ وڍيندا ۽ سڀ پاڻيءَ جا چشما بند ڪندا، ۽ زمين جا سڀيئي چڱا ٽڪر پٿرن سان خراب ڪري ڇڏيندا.

20 ۽ صبح جي وقت، قرباني چاڙهڻ مهل هيئن ٿيو تہ ڏس، ادوم جي رستي کان پاڻي آيو ۽ سارو ملڪ پاڻيءَ سان ڀرجي ويو.

21 هاڻي جڏهن سڀني موآبين ٻڌو تہ بادشاهہ اسان سان جنگ ڪرڻ لاءِ آيا آهن، تڏهن منجهانئن جيڪي بہ زرهہ ڍڪڻ جهڙا ۽ اُنهن کان وڏا هئا، سي سڀ گڏ ٿيا ۽ سرحد تي بيهي ويا.

22 ۽ هو صبح جو سوير اُٿيا ۽ سج پاڻيءَ تي چمڪڻ لڳو، ۽ موآبي ڏسن تہ جيڪو پاڻي سندن سامهون هو سو اهڙو ڳاڙهو آهي جهڙو رت:

23 تڏهن هنن چيو تہ هي رت آهي: بادشاهہ ضرور مري کپي ويا آهن ۽ هنن سڀني پنهنجن سنگتين کي ماري وڌو آهي: تنهنڪري هاڻي، اي موآبي، اُٿي ڦرلٽ ڪريو.

24 ۽ جڏهن هو اسرائيل جي لشڪرگاهہ وٽ آيا تڏهن اسرائيلي اُٿيا ۽ موآبين کي اهڙي شڪست ڏنائون جو هو سندن اڳيان اُٿي ڀڳا. ۽ هو ملڪ جي اندر ڪاهي پيا، ۽ موآبين کي ماريندا ويا.

25 ۽ هنن شهر ڊاهي ڇڏيا: ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ زمين جي سڀ ڪنهن چڱي ٽڪر تي پٿر اُڇلائي اُهو ڀري ڇڏيو، ۽ هنن پاڻيءَ جا سڀ چشما بند ڪري ڇڏيا، ۽ سڀ چڱا وڻ وڍي ڇڏيائون: نيٺ ائين ٿيو جو رڳو قيرحراست ۾ هنن ڪجهہ پٿر ڇڏي ڏنا؛ پر کانڀاڻين وارن انهيءَ جي چوڌاري وڃي انهن کي ماريو.

26 ۽ جڏهن موآب جي بادشاهہ ڏٺو تہ سندس لاءِ جنگ ڏاڍي سخت ٿي پيئي آهي، تڏهن هن پاڻ سان ست سؤ ترار مار ماڻهو کنيا، انهيءَ لاءِ تہ ادوم جي بادشاهہ تائين وڙهي لنگهي وڃي: پر هو ائين ڪري نہ سگهيا.

27 تڏهن هن پنهنجو وڏو پٽ کنيو، جو کانئس پوءِ بادشاهہ ٿيڻو هو، ۽ اُنهيءَ کي ڀت جي مٿان سوختني قرباني ڪري چاڙهي ڇڏيائين. ۽ اُنهيءَ ڪري ماڻهو اسرائيل تي ڏاڍو ڪاوڙيا: ۽ هن کي ڇڏي ويا، ۽ موٽي پنهنجي ملڪ ڏانهن هليا ويا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan