Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.بادشاهَہ 25 - Sindhi Bible

1 ۽ هن جي بادشاهيءَ جي نائين ورهيہ جي ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ هيئن ٿيو تہ بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر پنهنجو سمورو لشڪر وٺي يروشلم تي ڪاهي آيو ۽ اُن جي سامهون اچي منزل ڪيائين؛ ۽ اُن جي چوڌاري ڪوٽ جوڙايائين.

2 انهيءَ طرح اهو شهر، صدقياہ جي يارهين ورهيہ تائين گهيري هيٺ رهيو.

3 چوٿين مهيني جي نائين تاريخ شهر ۾ اچي ڏڪار پيو، اهڙو جو ملڪ جي ماڻهن لاءِ ماني ڪانہ ٿي لڌي.

4 تڏهن شهر جي ڀت کي هڪڙي هنڌان ڀڃي وڌائون ۽ سڀ جنگي ماڻهو رات جي وقت ٻن ڀتين جي وچ واري دروازي کان ڀڄي نڪتا، جو دروازو بادشاهہ جي باغ جي ڀرسان هو: (هاڻي انهيءَ وقت ڪلدي شهر جي چوڌاري گهيرو ڪيو بيٺا هئا:) ۽ بادشاهہ عرباہ جي رستي کان هليو ويو.

5 پر ڪلدين جو لشڪر بادشاهہ جي پٺيان پيو ۽ يريحو جي ميدان ۾ انهيءَ کي وڃي پهتو: ۽ هن جو سڀ لشڪر کيس ڇڏي هيڏي هوڏي ٽڙي پکڙي ويو.

6 پوءِ هنن بادشاهہ کي پڪڙي ربلہ ۾ بابل جي بادشاهہ وٽ آندو، ۽ هن تي فتويٰ جاري ڪيائون.

7 ۽ صدقياہ جي پٽن کي سندس اکين اڳيان ڪُٺائون، ۽ صدقياہ جون اکيون ڪڍي ڇڏيائون، ۽ پوءِ هن کي زنجير وجهي بابل ڏانهن کڻي ويا.

8 هاڻي پنجين مهيني جي ستين تاريخ، جو بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جو اوڻيهون ورهيہ هو، تنهن ۾ پهري واري فوج جو سردار نبوزرادان، جو بابل جي بادشاهہ جو هڪڙو نوڪر هو: سو يروشلم ۾ آيو.

9 ۽ انهيءَ خداوند جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر ساڙي ڇڏيو؛ ۽ يروشلم جا سڀ گهر، يعني سڀ وڏا گهر، باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيا.

10 ۽ ڪلدين جي ساري فوج، جا پهري وارن جي سردارن سان هئي، تنهن يروشلم جي ڀتين کي چوڌاري ڀڃي وڌو.

11 باقي جيڪي ماڻهو شهر ۾ بچيا، ۽ جيڪي نڪري وڃي بابل جي بادشاهہ سان شامل ٿيا، تن کان سواءِ ٻيا سڀ پهري وارن جو سردار نبوزرادان قيد ڪري وٺي ويو.

12 پر پهري وارن جي سردار ملڪ جا تمام غريب ماڻهو ڇڏي ڏنا تہ ڊاک جي منهہ جا باغبان ۽ ڪڙمي ٿين.

13 ۽ جيڪي پتل جا ٿنڀ ۽ گاڏيون ۽ پتل جو سمنڊ، جي خداوند جي گهر ۾ هئا سي ڪلدين ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪري، انهيءَ جو پتل بابل ڏانهن کڻي ويا.

14 ۽ ديڳيون، ۽ ڪوڏاريون، ۽ ڦلن وڍڻ جون ڪينچيون، ۽ چمچا، ۽ ٻيا سڀ پتل جا باسڻ، جن سان هو خدمت ڪندا هئا، سي هو کڻي ويا.

15 ۽ مُنڊيون، ۽ ٿالهيون؛ ۽ جيڪي شيون سون جون هيون تن جو سون، ۽ جيڪي شيون چانديءَ جون هيون تن جي چاندي، پهري وارن جو سردار کڻي ويو.

16 ٻہ ٿنڀ، هڪڙو سمنڊ ۽ گاڏيون، جي سليمان خداوند جي گهر لاءِ جوڙايون هيون؛ انهن سڀني باسڻن جو پتل تورڻ کان ٻاهر هو.

17 هڪڙي ٿنڀ جي اوچائي ارڙهن هٿ هئي، ۽ پتل جو هڪڙو ڇٽ انهيءَ جي مٿان هو: ۽ انهيءَ ڇٽ جي اوچائي ٽي هٿ هئي؛ انهيءَ ڇٽ تي چوڌاري جيڪو ڄاريءَ جهڙو ڪم هو ۽ جيڪي ڏاڙهون هئا، سي سڀ پتل جا هئا: انهن جهڙو ڪم ڄاريءَ جي ڪم سميت هن ٻئي ٿنڀ تي هو.

18 ۽ پهري وارن جي سردار، سردار ڪاهن سراياہ کي، ۽ ٻئي ڪاهن صفنياہ کي، ۽ ٽن دربانن کي گرفتار ڪيو:

19 ۽ شهر مان جيڪو عملدار جنگي ماڻهن جي مٿان مقرر ٿيل هو، تنهن کي هن ورتو؛ ۽ جيڪي ماڻهو بادشاهہ جو منهن ڏسندا هئا تن مان پنج ڄڻا، جي شهر ۾ لڌا تن کي بہ، ۽ انهيءَ محرر کي بہ، جو ساري ملڪ تي ڀرتي ڪرڻ جو سردار هو؛ ۽ ملڪ جي ماڻهن مان سٺ ڄڻا، جي شهر ۾ لڌا تن کي بہ:

20 ۽ پهري وارن جي سردار نبوزرادان انهن کي وٺي ربلہ ۾ بابل جي بادشاهہ وٽ آندو.

21 ۽ بابل جي بادشاهہ حمات جي ملڪ ۾ ربلہ منجهہ هنن کي قتل ڪرايو. انهيءَ طرح يهوداہ قيد ٿي پنهنجي ملڪ مان کڄي ويو.

22 ۽ جيڪي ماڻهو يهوداہ جي ملڪ ۾ باقي بچيا هئا، جن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ڇڏي ڏنو هو، تن تي هن جدلياہ بن اخيقام، بن سافن کي حاڪم مقرر ڪيو.

23 هاڻي جڏهن لشڪرن جي سڀني سردارن ۽ سندن ماڻهن ٻڌو تہ بابل جي بادشاهہ جدلياہ کي حاڪم مقرر ڪيو آهي، تڏهن هو مصفاہ ۾ جدلياہ وٽ آيا، يعني اسماعيل بن نتنياہ، ۽ يوحنان بن قريحہ، ۽ سراياہ بن تخومت نطوفاتي، ۽ يازنياہ، جو معڪاتيءَ جو پٽ هو، اهي سڀ پنهنجن ماڻهن سميت.

24 ۽ جدلياہ اُنهن ۽ اُنهن جي ماڻهن کي قسم کڻي چيو تہ ڪلدين جي نوڪرن جي ڪري نہ ڊڄو: ملڪ ۾ رهو، ۽ بابل جي بادشاهہ جي خدمت ڪريو، تہ پوءِ انهيءَ ۾ اوهان جو ڀلو ٿيندو.

25 پر ستين مهيني ۾ هيئن ٿيو تہ اسماعيل بن نتنياہ، بن اليشع، جو شاهي نسل جو هو، ڏهہ ماڻهو پاڻ سان وٺي آيو، ۽ جدلياہ کي اهڙو ڌڪ هنيائين جو هو مري ويو، ۽ جيڪي يهودي ۽ ڪلدي هن سان گڏ مصفاہ ۾ هئا تن کي بہ ماريائين.

26 ۽ سڀ ماڻهو، ننڍا توڙي وڏا ۽ لشڪر جا سردار اُٿيا ۽ مصر ۾ آيا: ڇالاءِ جو اُهي ڪلدين کان ڊنا ٿي.

27 ۽ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين جي قيد ٿيڻ جي ستٽيهين ورهيہ جي ٻارهين مهيني جي ستاويهين تاريخ هيئن ٿيو تہ اِويل مرودڪ، بابل جي بادشاهہ، پنهنجي بادشاهيءَ جي شروع ڪرڻ واري سال ۾ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين کي قيد مان ڪڍي سرفراز ڪيو؛

28 ۽ ساڻس مهربانيءَ سان ڳالهايائين، ۽ جيڪي بادشاهہ بابل ۾ ساڻس هئا، تن جي تخت کان بہ مٿي هن جو تخت رکيائين.

29 ۽ هن انهيءَ جا قيدين وارا ڪپڙا بدلايا، ۽ هو پنهنجي حياتيءَ جي سڀني ڏينهن ۾ هن جي اڳيان ماني کائيندو رهيو.

30 ۽ هن جي ساري ڄمار ۾ جيڪو بادشاهہ جي طرفان هميشہ جو ڀتو مقرر هوس، تنهن جو حصو هر روز حساب موجب ملندو رهيس.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan