Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.بادشاهَہ 23 - Sindhi Bible

1 ۽ بادشاهہ ماڻهو موڪليا، ۽ يهوداہ جا ۽ يروشلم جا بزرگ وٽس آڻي گڏ ڪيائون.

2 ۽ بادشاهہ خداوند جي گهر تائين چڙهي ويو، ۽ سڀ يهوداہ جا ماڻهو، ۽ سڀ يروشلم جا رهاڪو، ۽ ڪاهن، ۽ نبي، ۽ سڀ ننڍا وڏا ماڻهو بہ ساڻس گڏجي ويا: ۽ جيڪو عهدنامي وارو ڪتاب خداوند جي گهر ۾ لڌو هو، تنهن جون سڀ ڳالهيون هن اُنهن کي پڙهي ٻڌايون.

3 ۽ بادشاهہ ٿنڀ جي پاسي ۾ اُٿي بيٺو ۽ خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيائين تہ خداوند جي پيروي ڪندس، ۽ سندس حڪمن، ۽ سندس شاهدين، ۽ سندس قاعدن جي پنهنجي سموريءَ دل ۽ روح سان سنڀال ڪندس، ۽ هن عهدنامي جون ڳالهيون، جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، سي عمل ۾ آڻيندس: ۽ سڀ ماڻهو انهيءَ عهد اقرار تي قائم رهيا.

4 ۽ بادشاهہ سردار ڪاهن خلقياہ، ۽ ٻئي درجي وارن ڪاهنن ۽ دربانن کي حڪم ڏنو تہ خداوند جي هيڪل مان اُهي سڀ باسڻ ڪڍي ٻاهر ڪن جي بعل جي لاءِ، ۽ يسيرت جي لاءِ، ۽ آسمان جي سڀني تارن لاءِ جوڙايا هئائون: پوءِ هن اُهي يروشلم جي ٻاهران، قدرون جي ٻنين ۾ ساڙائي ڇڏيا، ۽ انهن جي خاڪ بيت ايل ۾ کڻائي ويو.

5 ۽ جن بت پرست پوڄارين کي يهوداہ جي بادشاهن يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي آس پاس وارن هنڌن جي مٿانهين جاين ۾، لوبان ساڙڻ لاءِ مقرر ڪيو هو، تن کي هن ڪڍي ڇڏيو؛ انهن کي بہ، جي بعل جي لاءِ، ۽ سج، ۽ چنڊ، ۽ گهمندڙن تارن، ۽ آسمان جي سڀني تارن لاءِ لوبان ساڙيندا هئا.

6 ۽ هن خداوند جي گهر مان يسيرت ڪڍي يروشلم جي ٻاهران قدرون جي نهر وٽ آڻي، انهي کي قدرون جي نهر تي ساڙيو ۽ لتاڙي خاڪ ڪيائين، ۽ اُها خاڪ عام ماڻهن جي قبرن تي اُڇلايائين.

7 ۽ خداوند جي گهر ۾ جيڪي لونڊي باز هئا، جتي زالون يسيرت جي لاءِ پردا اُڻنديون هيون، تن جا گهر ڊهرائي ڇڏيائين.

8 ۽ هن سڀ پوڄاري يهوداہ جي شهرن مان ٻاهر ڪڍيا، ۽ جبع کان وٺي بيرسبع تائين، جن مٿانهين جاين تي اُهي پوڄاري لوبان ساڙيندا هئا، اُنهن کي پليت ڪيائين؛ ۽ هن اُهي سڀ چونڪ جون مٿانهيون جايون ڀڃرايون، جي شهر جي حاڪم يشوع جي دروازي جي لنگهہ وٽ هيون، ۽ جي شهر جي دروازي وٽ ماڻهوءَ جي کٻي هٿ پاسي هيون.

9 انهيءَ هوندي بہ انهن مٿانهين جاين جا پوڄاري يروشلم ۾ خداوند جي قربانگاهہ تائين نہ آيا، پر پنهنجن ڀائرن سان گڏ بي خميري ماني کاڌائون.

10 ۽ توفت، جو بني هنوم جي واديءَ ۾ آهي، تنهن کي هن پليت ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي پٽ يا پنهنجي ڌيءَ کي مولڪ جي لاءِ باهہ مان نہ لنگهائي.

11 ۽ جيڪي گهوڙا يهوداہ جي بادشاهن سج لاءِ ڏنا هئا، ۽ جي خداوند جي گهر جي لنگهہ وٽ ناتن ملڪ ناظر جي ڪوٺيءَ جي ڀرسان دالان ۾ هئا، سي ڪڍي ڇڏيائين؛ ۽ سج جون گاڏيون باهہ سان ساڙي ڇڏيائين.

12 ۽ آخز جي مٿينءَ ڪوٺيءَ جي ڇت تي جي قربانگاهون يهوداہ جي بادشاهن جوڙايون هيون، ۽ جي قربانگاهون خداوند جي گهر جي ٻن ايوانن ۾ منسي جوڙايون هيون، سي بادشاهہ ڊهرائي خاڪ ڪري ڇڏيون، ۽ اُها خاڪ اُتان کڻائي قدرون جي نهر ۾ اُڇلارائي ڇڏي.

13 ۽ جيڪي قربانگاهون يروشلم جي اڳيان هيون، جي بربادي واري جبل جي سڄي هٿ پاسي، اسرائيل جي بادشاهہ سليمان صيدانين جي ڪراهت جهڙي بت عستارات، ۽ موآب جي ڪراهت جهڙي بت ڪموس، ۽ بني عمون جي ڪراهت جهڙي بت ملڪوم جي لاءِ جوڙايون هيون، تن کي بادشاهہ پليت ڪرائي ڇڏيو.

14 ۽ هن ٿنڀ ڀڃائي پرزا پرزا ڪري ڇڏيا، ۽ يسيرتون وڍائي ڇڏيائين، ۽ انهن جون جايون ماڻهن جي هڏن سان ڀري ڇڏيائين.

15 تنهن کان سواءِ جيڪا قربانگاهہ بيت ايل ۾ هئي ۽ جيڪا مٿانهين جاءِ يربعام بن نباط جوڙائي هئي، جنهن اسرائيل کان گناهہ ڪرايا، سا قربانگاهہ ۽ مٿانهين جاءِ هن ڊهرائي ڇڏي؛ ۽ اُها مٿانهين جاءِ هن ساڙي لتاڙي خاڪ ڪري ڇڏي، ۽ يسيرت بہ ساڙي ڇڏيائين.

16 ۽ جيئن يوسياہ منهن ڦيرايو تيئن هن جي نظر انهن قبرن تي پيئي جي انهيءَ جبل ۾ هيون؛ ۽ هن ماڻهو موڪلي انهن قبرن مان هڏا ڪڍائي ورتا، ۽ انهن کي قربانگاهہ تي ساڙيائين، ۽ انهيءَ کي پليت ڪيائين، جيئن ڪ خدا جي مرد، خداوند جي ڪلام موجب اهي ڳالهيون پڌريون ڪري ٻڌايون هيون.

17 تڏهن هن چيو تہ اهو ڪهڙو يادگار آهي جو آءٌ ڏسان ٿو؟ ۽ شهر جي ماڻهن هن کي چيو تہ اها انهيءَ خدا جي مرد جي قبر آهي جو يهوداہ مان آيو هو، ۽ جنهن اهي سڀ ڳالهيون پڌريون ڪري ٻڌايون هيون، جي تو بيت ايل جي قربانگاهہ جي برخلاف ڪيون آهن.

18 ۽ هن چيو تہ انهيءَ کي ڇڏي ڏيو؛ ڪوبہ ماڻهو انهيءَ جا هڏا نہ ڪڍي. تنهنڪري هنن انهيءَ جا هڏا ڇڏي ڏنا ۽ انهيءَ نبيءَ جا هڏا بہ، جو سامريہ مان آيو هو.

19 ۽ سامريہ جي شهر ۾ مٿانهين جاين جا جيڪي گهر هئا، ۽ جي اسرائيل جي بادشاهن خداوند کي ڪاوڙ ڏيارڻ لاءِ جوڙيا هئا. سي سڀ بہ يوسياہ ڪڍائي ڇڏيا، ۽ انهن سان بہ ائين ڪيائين جيئن بيت ايل سان ڪيو هئائين.

20 ۽ مٿانهين جاين جا جيڪي پوڄاري هئا تن سڀني کي هن قربانگاهن تي قتل ڪرائي ڇڏيو، ۽ ماڻهن جا هڏا انهن جي مٿان ساڙايائين؛ پوءِ هو يروشلم ڏانهن موٽيو.

21 ۽ بادشاهہ سڀني ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ فسح جي عيد ڪريو، جيئن ڪ عهدنامي جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهي.

22 يقين آهي تہ اهڙي فسح جي عيد، جيڪي قاضي اسرائيل جي عدالت ڪندا هئا تن جي ڏينهن کان وٺي ڪابہ ڪانہ ڪئي ويئي هئي، ۽ نہ اسرائيل جي بادشاهن جي ڏينهن ۾ ڪڏهن ٿي هئي، نڪي يهوداہ جي بادشاهن جي ڪل ڏينهن ۾ ٿي هئي؛

23 پر بادشاهہ يوسياہ جي ارڙهين ورهيہ ۾ اها فسح جي عيد خداوند جي لاءِ يروشلم ۾ ڪئي ويئي.

24 تنهن کانسواءِ جن کي جنَ ايندا هئا تن کي، ۽ ڏائڻين کي، ۽ ترافيم، ۽ بتن، ۽ ٻيون سڀ ڪراهت جهڙيون شيون جي يهوداہ جي ملڪ ۾ ۽ يروشلم ۾ ڏٺيون ويون، تن کي يوسياہ ڪڍائي ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ شريعت جو ڪلام قائم ٿئي، جو اُنهيءَ ڪتاب ۾ لکيل هو، ۽ جو خلقياہ نبيءَ خداوند جي گهر ۾ لڌو هو.

25 ۽ ٻيو هن کان اڳي ڪوبہ بادشاهہ اُنهيءَ جهڙو ڪونہ ٿيو، جو پنهنجيءَ ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساري روح سان، ۽ پنهنجيءَ ساري طاقت سان، موسيٰ جي ساري شريعت موجب خداوند ڏانهن ڦريو؛ نڪي انهيءَ کانپوءِ ڪو هن جهڙو ٿيو.

26 انهيءَ هوندي بہ خداوند پنهنجي وڏيءَ ڪاوڙ جي جوش کان نہ مڙيو، جنهن سان سندس ڪاوڙ يهوداہ تي ڀڙڪي هئي، ڇالاءِ جو منسي پنهنجن گهڻن چڙ ڏيارڻ جهڙن ڪمن سان هن کي ڪاوڙايو هو.

27 ۽ خداوند چيو تہ جيئن مون اسرائيل کي پنهنجي اڳيان ٽاري ڇڏيو آهي، تيئن يهوداہ کي بہ ٽاري ڇڏيندس، ۽ هي شهر جو مون پسند ڪيو آهي، يعني يروشلم، ۽ جنهن گهر بابت مون چيو هو تہ منهنجو نالو انهيءَ تي قائم رهندو، سو رد ڪري ڇڏيندس.

28 هاڻي يوسياہ جا باقي ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو، سو يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟

29 هن جي ڏينهن ۾ فرعون نڪوہ، مصر جو بادشاهہ، اسور جي بادشاهہ تي ڪاهہ ڪري فرات نديءَ تائين ويو: ۽ يوسياہ بادشاهہ سندس مقابلو ڪيو، ۽ مجدو ۾ جڏهن هن ڏٺس تڏهن ماري وڌائينس.

30 ۽ هن جي نوڪرن هن کي مجدو مان هڪڙيءَ گاڏيءَ ۾ مئل کڻي يروشلم ۾ آندو، ۽ هن کي خود سندس قبر ۾ دفن ڪيائون. ۽ انهيءَ ملڪ جي ماڻهن يوسياہ جي پٽ يهوآخز کي وٺي مسح ڪري سندس پيءُ جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو.

31 جڏهن يهوآخز بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن ٽيويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ٽي مهينا بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو حموطل هو، ۽ اُها لبناہ واري يرمياہ جي ڌيءَ هئي.

32 ۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، جهڙا ڪ سندس ابن ڏاڏن جا هئا.

33 ۽ فرعون نڪوہ حمات جي ملڪ ۾ ربلہ منجهہ هن کي قيد ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ هو يروشلم ۾ بادشاهي نہ ڪري: ۽ انهيءَ زمين تي چانديءَ جي هڪ سؤ قنطارن ۽ سون جي هڪ سؤ قنطار جي ڍل ٻڌائين.

34 ۽ فرعون نڪوہ، الياقيم بن يوسياہ کي سندس پيءُ يوسياہ جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو، ۽ انهيءَ جو نالو مٽائي يهويقيم رکيائين: پر هن يهوآخز کي وٺي مصر ۾ آندو، جتي هو مئو.

35 ۽ يهويقيم چاندي ۽ سون فرعون کي پهچائي ڏنو؛ پر هن ملڪ تي فرعون جي حڪم موجب ڍل جا پئسا مقرر ڪيا: هن ملڪ جي سڀني ماڻهن کان چاندي ۽ سون ڇڪي تاڻي ورتو، جيئن ڪ هن ڍل مقرر ڪئي هئي، ۽ اُهو هن فرعون نڪوہ کي پهچائي ڏنو.

36 جڏهن يهويقيم بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن هو پنجويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ٻارهن ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو زبودہ هو ۽ اُها روماہ واري فدياہ جي ڌيءَ هئي.

37 ۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، جهڙا ڪ سندس ابن ڏاڏن ڪيا هئا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan