2.بادشاهَہ 19 - Sindhi Bible1 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ حزقياہ اهو ٻڌو تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيائين، ۽ کٿو ڍڪي خداوند جي گهر ۾ ويو. 2 ۽ الياقيم، گهر جي ڪم ڪار سنڀالڻ واري کي، ۽ شبناہ محرر ۽ ڪاهنن جي بزرگن کي کٿا ڍڪائي، آموص جي پٽ يسعياہ نبيءَ وٽ موڪليائين. 3 ۽ انهن وڃي هن کي چيو تہ حزقياہ هيئن ٿو چوي تہ اڄوڪو ڏينهن مصيبت جو، ۽ طعني جو، ۽ ڌڪار جو آهي: ڇالاءِ جو ٻار ڄمڻ تي آيا آهن پر انهن کي ڄڻڻ جي طاقت ڪانہ رهي آهي. 4 من خداوند تنهنجو خدا ربشاقيءَ جون سڀ ڳالهيون ٻڌي، جنهن کي سندس ڌڻيءَ اسور جي بادشاهہ موڪليو آهي تہ جيئري خدا کي ملامت ڪري، ۽ جيڪي ڳالهيون خداوند تنهنجي خدا ٻڌيون آهن تن بابت هو ڇڙٻي: تنهنڪري باقي جيڪي بچيا آهن، تن جي حق ۾ دعا گهر. 5 تڏهن بادشاهہ حزقياہ جا نوڪر يسعياہ وٽ آيا. 6 ۽ يسعياہ انهن کي چيو تہ اوهين پنهنجي ڌڻيءَ کي وڃي چئو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيڪي ڳالهيون تو ٻڌيون آهن، جن ۾ اسور جي بادشاهہ جي نوڪرن منهنجي نسبت ۾ ڪفر بڪيو آهي، تن کان تون نہ ڊڄ. 7 ڏس، آءٌ هن ۾ هڪڙو روح وجهندس، ۽ هو هڪڙو افواهہ ٻڌندو ۽ موٽي پنهنجي ملڪ ڏانهن ويندو؛ ۽ آءٌ هن کي خود سندس ملڪ ۾ ترار سان ڪيرائيندس. 8 پوءِ ربشاقي موٽي آيو ۽ اچي ڏٺائين تہ اسور جو بادشاهہ لبناہ سان جنگ پيو ڪري: ڇالاءِ جو هن ٻڌو هو تہ هو لڪيس مان روانو ٿيو آهي. 9 ۽ جڏهن هن ڪوش جي بادشاهہ ترهاقہ بابت ٻڌو تہ ڏس، هو وڙهڻ لاءِ سنبري آيو آهي: تڏهن هن وري بہ ايلچين کي حزقياہ ڏانهن موڪليو ۽ انهن کي چيائين، تہ 10 اوهين يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ کي هيئن چئجو تہ جنهن خدا ۾ تون ڀروسو ٿو رکين سو توکي ائين چئي نہ ٺڳي تہ يروشلم اسور جي بادشاهہ جي هٿن ۾ نہ ڏنو ويندو. 11 ڏس، تو ٻڌو آهي تہ اسور جي بادشاهہ سڀني ملڪن سان ڇا ڪيو آهي، جو انهن کي بلڪل تباهہ ڪري ڇڏيو اٿس: ۽ تون ڇُٽي ويندين ڇا؟ 12 غير قومن جي معبودن اُنهن کي ڪو ڇڏايو ڇا، جن کي منهنجي ابن ڏاڏن چٽ ڪيو آهي، يعني جوزان، ۽ حاران، ۽ رصف، ۽ بني عدن، جي تلسار ۾ هئا؟ 13 حمات جو بادشاهہ، ۽ ارفاد جو بادشاهہ، ۽ سفروائم جي شهر، ۽ هينع، ۽ عواہ جا بادشاهہ ڪٿي آهن؟ 14 ۽ حزقياہ کي اهو خط ايلچين جي هٿان مليو ۽ اُهو هن پڙهيو: ۽ حزقياہ خداوند جي گهر ۾ وڃي اُهو خداوند جي اڳيان پکيڙي رکيو. 15 ۽ حزقياہ خداوند جي حضور مان دعا گهري، ۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند اسرائيل جا خدا، تون جو ڪروبين تي ويٺو آهين سو ئي فقط زمين جي سڀني بادشاهتن جو خدا آهين؛ تو آسمان ۽ زمين جوڙيا آهن. 16 اي خداوند تون پنهنجو ڪن ڏي ۽ ٻڌ؛ اي خداوند، تون پنهنجيون اکيون کول ۽ ڏس؛ ۽ جيڪي ڳالهيون سنحيرب جيئري خدا کي طعني هڻڻ جي ارادي سان مون ڏانهن چوائي موڪليون آهن، سي ٻڌ. 17 اي خداوند، تحقيق اسور جي بادشاهن قومن ۽ انهن جي ملڪن کي خراب ۽ ويران ڪري ڇڏيو آهي. 18 ۽ انهن جي معبودن کي باهہ ۾ اُڇلائي وڌو اٿن: ڇالاءِ جو اُهي خدا نہ هئا، پر ماڻهن جي هٿن جو جوڙيل ڪاٺ ۽ پٿر هئا؛ تنهنڪري انهن کي هنن ناس ڪري ڇڏيو. 19 تنهنڪري هاڻي، اي خداوند، اسان جا خدا، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ تون انهيءَ جي هٿن مان اسان کي بچاءِ تہ زمين جون سڀ بادشاهتون ڄاڻن تہ توکان سواءِ ٻيو ڪوبہ خداوند خدا ڪونهي. 20 تڏهن يسعياہ بن آموص حزقياہ ڏانهن چوائي موڪليو تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن صورت تو اسور جي بادشاهہ سنحيرب جي برخلاف مون کان دعا گهري آهي، تنهن صورت مون اها ٻڌي آهي. 21 انهيءَ جي نسبت ۾ خداوند هي ڪلام ڪيو آهي: صيون جي ڪنواري ڌيءَ تو تي نفرت ظاهر ڪئي آهي ۽ تو تي کل ٺٺولي ڪئي اٿس؛ يروشلم جي ڌيءَ تو تي پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو آهي. 22 تو ڪنهن کي طعنو هنيو آهي ۽ ڪنهن جي حق ۾ ڪفر بڪيو اٿيئي؟ ۽ ڪنهن تي تو پنهنجو وات پٽيو آهي، ۽ پنهنجيون اکيون مٿي کنيون آهن؟ يعني اسرائيل جي پاڪ خدا تي. 23 پنهنجا قاصد موڪلي تو خداوند تي ملامت ڪئي آهي ۽ چيو اٿيئي تہ پنهنجن گهڻن رٿن سان آءٌ جبلن جي چوٽيءَ تي، لبنان جي تمام اندرين ڀاڱي ۾ گهڙي آيو آهيان؛ ۽ آءٌ انهيءَ جا ڊگها ديودار ۽ انهيءَ جا عمدا صنوبر جا وڻ وڍيندس: ۽ جيڪو هن جو سڀ کان پرانهون رهڻ جو هنڌ آهي، يعني سندس پيدائش وارين ٻنين جو ٻيلو آهي، تنهن ۾ گهڙندس. 24 مون غير ملڪن جا پاڻي کوٽيا ۽ پيتا آهن، ۽ پنهنجن پيرن جي ترين سان مصر جون نديون سُڪائي ڇڏيندس. 25 تو نہ ٻڌو آهي ڇا تہ اڳئين زماني ۾ مون اهو ڪيو، ۽ قديم وقت ۾ مون انهيءَ جو ڪهڙو بندوبست ڪري ڇڏيو هو؟ هاڻي مون اُهو پورو ڪيو آهي تہ تون ڪوٽ وارن شهرن کي ويران ڪري، ڦٽل ڍيرن ڪرڻ وارو ٿين. 26 تنهنڪري انهن جا رهاڪو ٿوريءَ طاقت وارا هئا، ۽ اُهي ڊڄي منجهي ويا؛ اُهي اهڙا هئا جهڙو ٻنيءَ جو گاهہ، جهڙي جهنگ جي ساوڪ، ۽ گهرن جي ڇتين تي گاهہ، جهڙو اُهو اَن، جو اُڀرڻ کان اڳي سڙي وڃي. 27 پر مون کي تنهنجي هيٺ ويهڻ، ۽ ٻاهر وڃڻ، ۽ اندر اچڻ، ۽ مون تي بڪ ڪرڻ جي خبر آهي. 28 تنهنجي مون تي بڪ، ۽ تنهنجي مغروري منهنجي ڪنن تائين پهتي آهي، تنهنڪري آءٌ پنهنجو ڪنڍو تنهنجي نڪ ۾ هڻندس، ۽ پنهنجو لغام تنهنجن چپن ۾ وجهندس، ۽ جنهن رستي کان آيو آهين، انهيءَ رستي کان توکي موٽائي موڪليندس. 29 ۽ تنهنجي لاءِ هيءَ نشاني ٿيندي: هن سال جيڪي پاڻيهي اُڀرندو سو اوهين کائيندا ۽ ٻئي سال ۾ بہ جيڪي انهيءَ ساڳي مان پاڻيهي ڄمندو؛ ۽ ٽئين سال ۾ اوهين پوکجو، ۽ لڻجو، ۽ ڊاکن جا منهہ لڳائجو، ۽ انهيءَ جو ڦر کائجو. 30 ۽ يهوداہ جي گهراڻي مان جيڪي ماڻهو باقي بچيا آهن، سي وري هيٺ پاڙ هڻندا ۽ مٿي اُڀري ڦر جهليندا. 31 ڇالاءِ جو يروشلم مان باقي رهيل ۽ صيون جبل مان ڀڄي نڪتل ٻاهر نڪري ويندا: خداوند جي غيرت اهو سڀ ڪم ڪندي. 32 تنهنڪري اسور جي بادشاهہ جي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هو هن شهر ۾ نہ ايندو، نڪي ڪو تير هڻندو، نڪي سپر کڻي انهيءَ جي اڳيان ايندو، نڪي انهيءَ جي سامهون بند ٻڌندو. 33 خداوند ٿو فرمائي تہ جنهن رستي کان هو آيو، انهيءَ ساڳئي رستي کان هو موٽي ويندو ۽ هن شهر ۾ نہ ايندو. 34 ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر هي شهر پناهہ ڏيئي بچائيندس. 35 ۽ انهيءَ رات هيئن ٿيو تہ خداوند جو ملائڪ نڪري آيو ۽ اسورين جي لشڪرگاهہ ۾ هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهو ماريائين: ۽ جڏهن صبح جو سوير ماڻهو اُٿيا، تڏهن ڏسن تہ اُنهن سڀني جا لاش پيا آهن. 36 تڏهن اسور جو بادشاهہ سنحيرب اُتان نڪتو ۽ موٽي وڃي نينوہ ۾ رهيو. 37 ۽ هيئن ٿيو تہ جيئن هن پنهنجي معبود نسروڪ جي گهر ۾ سجدو پئي ڪيو، تيئن ادرملڪ ۽ شراضر هن کي ترار هڻي ماري وڌو، ۽ پوءِ هو اراراط جي ملڪ ڏانهن ڀڄي ويا. ۽ هن جو پٽ اسرحدون هن جي جاءِ تي بادشاهہ ٿيو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society