Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.بادشاهَہ 18 - Sindhi Bible

1 هاڻي اسرائيل جي بادشاهہ هوسيع بن ايلہ جي ٽئين ورهيہ ۾ هيئن ٿيو تہ يهوداہ جو بادشاهہ حزقياہ بن آخز بادشاهي ڪرڻ لڳو.

2 جڏهن هو بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن پنجويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ اوڻٽيهہ ورهيہ بادشاهہ ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو ابي هو ۽ هوءَ زڪرياہ جي ڌيءَ هئي.

3 ۽ هن اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، جيئن ڪ سندس پيءُ دائود ڪيا هئا.

4 هن مٿانهيون جايون ڪڍي ڇڏيون ۽ ٿنڀ ڀڃائي ۽ يسيرت وڍائي ڇڏيا: ۽ جيڪو پتل جو نانگ موسيٰ جوڙيو هو، سو هن ڀڃائي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو؛ ڇالاءِ جو انهن ڏينهن تائين بني اسرائيل انهيءَ لاءِ لوبان ساڙيندا هئا؛ ۽ هن انهيءَ جو نالو نحشتان رکيو.

5 هن خداوند اسرائيل جي خدا تي ڀروسو رکيو؛ جنهنڪري هن کان پوءِ يهوداہ جي سڀني بادشاهن ۾، توڙي هن کان اڳي ٻيو هن جهڙو ڪونہ هو.

6 ڇالاءِ جو هو خداوند کي چُهٽيو آيو، ۽ انهيءَ جي پيروي ڪرڻ ڇڏي نہ ڏنائين، پر جيڪي حڪم خداوند موسيٰ کي ڏنا هئا تن جي تعميل ڪندو آيو.

7 ۽ خداوند هن سان هو؛ جنهن پاسي هو ويندو هو انهيءَ پاسي هو فتحياب ٿيندو هو: ۽ هو اسور جي بادشاهہ کان باغي ٿيو ۽ هن جي تابعداري نہ ڪيائين.

8 هن فلستين کي غزہ تائين، ۽ ان جي سرحد تائين، پهري واري جي ٺلهہ کان وٺي ڪوٽ واري شهر تائين شڪست ڏني.

9 ۽ بادشاهہ حزقياہ جو چوٿون سال، جو اسرائيل جي بادشاهہ هوسيع بن ايلہ جو ستون سال هو، تنهن ۾ هيئن ٿيو تہ اسور جو بادشاهہ سلمنسر سامريہ تي چڙهي آيو ۽ انهيءَ کي گهيرو ڪيائين.

10 ۽ ٽن ورهين کان پوءِ اهو ورتائين: يعني حزقياہ جو ڇهون سال، جو اسرائيل جي بادشاهہ هوسيع جو نائون سال هو، تنهن ۾ هن سامريہ ورتو.

11 ۽ اسور جو بادشاهہ اسرائيل کي قيد ڪري اسور ۾ وٺي ويو ۽ اُتي جوزان نديءَ جي ڪناري تي، خلح ۽ خابور ۾، ۽ مادين جي شهرن ۾ هنن کي رکيائين:

12 ڇالاءِ جو هنن خداوند پنهنجي خدا جو حڪم نہ مڃيو هو، پر هن جي عهد اقرار کان، ۽ جيڪي حڪم خداوند جي ٻانهي موسيٰ جاري ڪيا هئا، تن سڀني کان هنن عدول ڪيو، ۽ اُهي نہ ٻڌائون ۽ نہ انهن تي عمل ڪيائون.

13 هاڻي بادشاهہ حزقياہ جي چوڏهين ورهيہ ۾، اسور جو بادشاهہ سنحيرب يهوداہ جي سڀني ڪوٽ وارن شهرن تي چڙهي آيو ۽ اُهي ورتائين.

14 ۽ يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ اسور جي بادشاهہ ڏانهن لڪيس ۾ چوائي موڪليو تہ مون قصور ڪيو آهي؛ مون وٽان موٽي وڃو: جيڪي تون مون تي رکندين سو آءٌ ڏيندس. ۽ اسور جي بادشاهہ يهوداہ جي بادشاهہ تي ٽي سؤ قنطار چانديءَ جا ۽ ٽيهہ قنطار سون جا ٻڌا.

15 ۽ حزقياہ هن کي جيڪا چاندي خداوند جي گهر ۾، ۽ بادشاهہ جي گهر جي خزانن ۾ لڌي سا سڀ ڏني.

16 انهيءَ وقت حزقياہ خداوند جي هيڪل جي درن تان، ۽ جيڪي ٿنڀ يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ سون سان مڙهايا هئا، تن تان سون لاهي اهو اسور جي بادشاهہ کي ڏنائين.

17 پوءِ اسور جي بادشاهہ ترتان، ۽ رب سارس ۽ ربشاقيءَ کي لڪيس مان وڏو لشڪر ساڻ ڏيئي بادشاهہ حزقياہ ڏانهن يروشلم ۾ موڪليو. ۽ هو روانا ٿيا ۽ يروشلم ۾ آيا. ۽ جڏهن هو اُتي پهتا تڏهن مٿين ڍنڍ، جا ڌوٻي گهاٽ جي شاهي رستي تي آهي، تنهن جي موريءَ تي اچي بيهي رهيا.

18 ۽ جڏهن هنن بادشاهہ کي سڏيو تڏهن وٽن الياقيم بن خلقياہ، جو گهر جي ڪم ڪار تي مقرر هو، سو ۽ شبناہ محرر، ۽ يواخ بن آسف دفتردار نڪري آيا.

19 ۽ ربشاقيءَ انهن کي چيو تہ هاڻي اوهين حزقياہ کي چئو تہ وڏو بادشاهہ، اسور جو بادشاهہ هيئن ٿو فرمائي، تہ هي ڪهڙو ويساهہ آهي، جنهن تي تون ڀروسو ٿو رکين؟

20 تون چوين تہ ٿو، مگر اهي سڀ اجايون ڳالهيون آهن تہ جنگ جي لاءِ مصلحت ۽ زور آهي. هاڻي تنهنجو ڪنهن تي ڀروسو آهي جو تون مون کان باغي ٿيو آهين؟

21 هاڻي ڏس، تنهنجو ڀروسو اهڙيءَ لٺ تي آهي جهڙو ڦٿل ڪانو، يعني مصر تي آهي، جنهن تي ڪڏهن ڪو ماڻهو ٽيڪ ڏيندو تہ اُهو سندس هٿ ۾ چُڀي ويندو: مصر جو بادشاهہ فرعون بہ، جيڪي مٿس ڀروسو ٿا رکن، تن جي لاءِ اهڙو ئي آهي.

22 پر جيڪڏهن اوهين مون کي چوندا تہ اسان جو ڀروسو خداوند اسان جي خدا تي آهي: تہ هو اهو نہ آهي ڇا جنهن جون مٿانهيون جايون ۽ جنهن جون قربانگاهون حزقياہ ڪيرائي ڇڏيون آهن، ۽ جنهن يهوداہ ۽ يروشلم کي چيو آهي تہ اوهين يروشلم ۾ هن قربانگاهہ جي اڳيان سجدو ڪجو؟

23 تنهنڪري هاڻي آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجي ڌڻيءَ اسور جي بادشاهہ سان عهد ڪر، ۽ آءٌ توکي ٻہ هزار گهوڙا ڏيندس، بشرطيڪ تون اهو ذمو کڻندين تہ انهن تي سوار چاڙهي سگهندين.

24 تڏهن توکان ڪيئن ٿي سگهندو تہ منهنجي ڌڻيءَ جي خسيس نوڪرن مان هڪڙي سردار جو منهن ڦيرائين، ۽ رٿن ۽ گهوڙي سوارن لاءِ مصر تي ڀروسو رکين؟

25 آءٌ ڪو خداوند کان سواءِ هن هنڌ کي چٽ ڪرڻ لاءِ ڪاهي آيو آهيان ڇا؟ خداوند مون کي چيو تہ هن ملڪ تي ڪاهي وڃي انهيءَ کي ناس ڪر.

26 تڏهن الياقيم بن خلقياہ، ۽ شبناہ، ۽ يواخ، ربشاقيءَ کي چيو تہ ڀلائي ڪري پنهنجن نوڪرن سان ارامي ٻوليءَ ۾ ڳالهاءِ، ڇالاءِ جو اسين اُها سمجهون ٿا: ۽ يهودين جي ٻوليءَ ۾ اسان سان نہ ڳالهاءِ، متان ڀت تي جيڪي ماڻهو آهن سي ٻڌن.

27 پر ربشاقيءَ هنن کي چيو تہ منهنجي ڌڻيءَ مون کي تنهنجي ڌڻيءَ ۽ تو ڏانهن ڪو انهن ڳالهين ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي ڇا؟ هن مون کي انهن ماڻهن ڏانهن نہ موڪليو آهي ڇا جي ڀت تي ويٺا آهن تہ پنهنجو گند اوهان سان گڏجي کائين، ۽ پنهنجو پاڻي اوهان سان گڏجي پيئن؟

28 تڏهن ربشاقي اُٿي يهودين جي ٻوليءَ ۾ وڏي سڏ چوڻ لڳو تہ اوهين وڏي بادشاهہ اسور جي بادشاهہ جو حڪم ٻڌو.

29 بادشاهہ هيئن ٿو فرمائي تہ ڌيان ڪجو متان حزقياہ اوهان کي ٺڳي؛ ڇالاءِ جو هو اوهان کي هن جي هٿن مان ڇڏائي نہ سگهندو.

30 حزقياہ جي انهيءَ چوڻ تي خداوند تي ڀروسو متان رکو تہ خداوند ضرور اوهان کي بچائيندو، ۽ هي شهر اسور جي بادشاهہ جي قبضي ۾ ڏيئي نہ ڇڏيندو.

31 حزقياہ جي ڳالهہ متان مڃو: ڇالاءِ جو اسور جي بادشاهہ هيئن فرمايو آهي تہ مون سان صلح ڪريو ۽ نڪري مون وٽ اچو؛ ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي ڊاک کائي، ۽ پنهنجي پنهنجي انجير جي وڻ مان کائي، ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي حوض مان پاڻي پئي؛

32 جيسين آءٌ اچي اوهان کي انهيءَ ملڪ ڏانهن وٺي وڃان جو اوهان جي پنهنجي ملڪ جهڙو آهي، جو اَن ۽ شراب جو ملڪ آهي، ماني ۽ ڊاک جي منهہ جو ملڪ آهي، زيتون جي تيل ۽ ماکيءَ جو ملڪ آهي: تہ اوهين زندہ رهو ۽ مري نہ وڃو: ۽ جڏهن حزقياہ اوهان کي ٺڳاري چوي تہ خداوند اسان کي ڇڏائيندو، تڏهن هن جي ڳالهہ متان ٻڌو.

33 ڪڏهن غير قومن جي معبودن مان ڪنهن پنهنجو ملڪ اسور جي بادشاهہ جي هٿن کان بچايو آهي ڇا؟

34 حمات ۽ ارفاد جا معبود ڪٿي آهن؟ سفروائم ۽ هينع ۽ عواہ جا معبود ڪٿي آهن؟ اُنهن سامريہ کي ڪو منهنجن هٿن کان بچايو آهي ڇا؟

35 ملڪن جي سڀني معبودن مان ڪهڙا آهن جن پنهنجو ملڪ منهنجن هٿن کان بچايو آهي، جو خداوند يروشلم کي منهنجن هٿن مان بچائيندو؟

36 پر ماڻهن ماٺ ڪيو پئي ٻڌو ۽ جواب ۾ هڪڙو اکر بہ نہ ڪُڇيائون: ڇالاءِ جو بادشاهہ اهو حڪم ڏيئي ڇڏيو هون تہ هن کي ڪوبہ جواب نہ ڏجو.

37 تڏهن الياقيم بن خلقياہ جو گهر جي ڪم ڪار تي مقرر هو، ۽ شبناہ محرر، ۽ يواخ بن آسف دفتردار، پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي اچي حزقياہ کي ربشاقيءَ واريون ڳالهيون ٻڌايون.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan