Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.بادشاهَہ 17 - Sindhi Bible

1 يهوداہ جي بادشاهہ آخز جي ٻارهين ورهيہ ۾، هوسيع بن ايلہ، سامريہ ۾ اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو، ۽ هن نوَ ورهيہ بادشاهي ڪئي.

2 ۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، پر نہ اسرائيل جي ٻين بادشاهن جهڙا، جي هن کان اڳي ٿي گذريا هئا.

3 انهيءَ تي اسور جو بادشاهہ سلمنسر چڙهي آيو؛ ۽ هوسيع انهيءَ جو ٻانهو ٿيو، ۽ اُنهيءَ جي لاءِ نذرانا آندائين.

4 ۽ اسور جي بادشاهہ هوسيع جو منصوبو معلوم ڪيو: ڇالاءِ جو هن مصر جي بادشاهہ سو ڏانهن ايلچي موڪليا ۽ اسور جي بادشاهہ ڏانهن ڪو نذرانو نہ موڪليائين، جيئن اڳي سال بسال موڪليندو هو: تنهنڪري اسور جي بادشاهہ هن کي قيد ۾ وجهي ٻڌي بند ڪري ڇڏيو.

5 تنهن کانپوءِ اسور جو بادشاهہ ساري ملڪ مان گهمي سامريہ تائين ويو، ۽ انهيءَ کي ٽي ورهيہ گهيرو ڪيائين.

6 هوسيع جي نائين ورهيہ ۾ اسور جي بادشاهہ سامريہ ورتو، ۽ اسرائيلين کي قيد ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو، ۽ انهن کي جوزان نديءَ تي، خلحہ ۽ خابور شهرن ۾، ۽ مادين جي شهرن ۾ رکيائين.

7 ۽ ائين انهي ڪري ٿيو جو بني اسرائيل خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ ڪيو، جنهن هنن کي مصر جي بادشاهہ فرعون جي هٿن مان ڪڍي ٻاهر آندو، ۽ هو ٻين معبودن کان ڊنا،

8 ۽ جن قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪلي ڪڍيو تن جي، ۽ اسرائيل جي بادشاهن جي جوڙيل قانونن تي هليا.

9 ۽ بني اسرائيل اهڙا ڪم ڳجهيءَ طرح خداوند پنهنجي خدا جي برخلاف ڪيا، جي چڱا نہ هئا، ۽ هنن پنهنجن سڀني شهرن ۾، ۽ پهري وارن جي ٺلهہ کان وٺي قلعي وارن شهرن تائين، مٿانهيون جايون ٺهرايون.

10 ۽ سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪر تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ، هنن پنهنجي لاءِ ٿنڀ ۽ يسيرتون کڙيون ڪيون:

11 ۽ اُتي اُنهن سڀني مٿانهين جاين ۾ هو لوبان ساڙيندا هئا، جيئن ٻيون قومون ڪنديون هيون، جن کي خداوند هنن جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو؛ ۽ هنن خداوند کي ڪاوڙائڻ لاءِ بڇڙا ڪم ڪيا:

12 ۽ هنن بتن جي عبادت ڪئي، جنهن جي نسبت ۾ خداوند هنن کي چيو هو تہ اهو ڪم متان ڪريو.

13 انهيءَ هوندي بہ خداوند سڀ ڪنهن نبيءَ ۽ سڀ ڪنهن غيب دان جي وسيلي اسرائيل ۽ يهوداہ کي تاڪيد ڪري فرمايو، تہ اوهين پنهنجن بڇڙن رستن کان باز اچو، ۽ منهنجن حڪمن تي ۽ منهنجن قانونن تي انهيءَ ساريءَ شريعت موجب هلو، جا مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني، جا مون پنهنجن ٻانهن نبين جي هٿان موڪلي.

14 تڏهن بہ هنن نہ ٻڌو، پر پنهنجي گردن اهڙي سخت ڪيائون جهڙي سندن ابن ڏاڏن ڪئي هئي، جن خداوند پنهنجي خدا تي ايمان نہ آندو.

15 ۽ انهيءَ جا قانون، ۽ جيڪو عهدنامو هن سندن ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، ۽ جيڪي شاهديون هن کين ڏنيون هيون سي رد ڪري ڇڏيائون؛ ۽ بيهودين ڳالهين جي پٺيان پيا، ۽ مغرور ٿيا، ۽ سندن آس پاس جيڪي قومون هيون تن جي پيروي ڪيائون، جن قومن جي نسبت ۾ خداوند تاڪيد ڪيو هون تہ انهن جهڙا ڪم متان ڪريو.

16 ۽ هنن خداوند پنهنجي خدا جا سڀ حڪم ڇڏي ڏنا، ۽ پنهنجي لاءِ پلٽيل بت جوڙيائون، يعني ٻہ گابا، ۽ يسيرتون جوڙيائون، ۽ آسمان جي سڀني تارن جي پوڄا ڪيائون، ۽ بعل جي عبادت ڪيائون.

17 ۽ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئرن کي باهہ مان لنگهايائون، ۽ فالون ۽ جادوگريون ڪم ۾ آندائون، ۽ جيڪي خداوند جي نظر ۾ خراب هو، تنهن جي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وڪيائون تہ هن کي ڪاوڙائين.

18 تنهنڪري خداوند اسرائيل تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ انهن کي پنهنجي اکين کان ٽاري ڇڏيائين: يهوداہ جي فرقي کانسواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ بچيو.

19 يهوداہ بہ خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن جي سنڀال نہ ڪئي پر اسرائيل جا قانون، جي هنن پاڻ جوڙيا، تن تي هليا.

20 ۽ خداوند اسرائيل جي ساري نسل کي رد ڪري ڇڏيو، ۽ انهن تي مصيبتون نازل ڪيائين، ۽ انهن کي ڦرلٽ ڪندڙن جي حوالي ڪيائين، ۽ نيٺ هنن کي پنهنجي نظر کان برطرف ڪري ڇڏيائين.

21 ڇالاءِ جو هن اسرائيل کي دائود جي گهراڻي کان وڍي ڪڍي ڇڏيو؛ ۽ هنن يربعام بن نباط کي بادشاهہ بنايو: ۽ يربعام اسرائيل کي خداوند جي پيروي ڪرڻ کان ڪڍي هنن جي هٿان وڏا گناهہ ڪرايا.

22 ۽ بني اسرائيل يربعام جي انهن گناهن تي هليا، جي هن ڪيا؛ هو اُنهن کان نہ مڙيا؛

23 نيٺ خداوند اسرائيل کي پنهنجي نظر کان برطرف ڪري ڇڏيو، جيئن ڪ هن پنهنجن سڀني ٻانهن نبين جي معرفت فرمايو. انهيءَ طرح اسرائيلي پنهنجي ملڪ مان کڄي اسور ۾ آيا، جتي اڄ ڏينهن تائين آهن.

24 ۽ اسور جي بادشاهہ بابل مان، ۽ ڪوتہ مان، ۽ عوا مان، ۽ حمات ۽ سفروائم مان ماڻهو آڻي بني اسرائيل بدران سامريہ جي شهرن ۾ ويهاريا: ۽ هو سامريہ هٿ ڪري انهيءَ جي شهرن ۾ رهڻ لڳا.

25 ۽ هيئن ٿيو تہ هنن جي اُتي رهڻ جي شروعات ۾ هو خداوند کان نہ ڊڄندا هئا: تنهنڪري خداوند منجهن شينهن موڪليا، جن انهن مان ڪن کي ماري وڌو.

26 انهيءَ ڪري هنن اسور جي بادشاهہ کي چيو تہ جيڪي قومون تو آڻي سامريہ جي شهرن ۾ ويهاريون آهن، سي انهيءَ ملڪ جي خداوند جو رستو نٿيون ڄاڻين: سو هن انهن منجهہ شينهن موڪليا آهن ۽ ڏس، اُهي هنن کي مارين ٿا، ڇالاءِ جو هو انهيءَ ملڪ جي خدا جو رستو نہ ٿا ڄاڻن.

27 تڏهن اسور جي بادشاهہ حڪم ڏيئي چيو تہ جن ڪاهنن کي اوهان اُتان آندو آهي، تن مان هڪڙو اُتي وٺي وڃو؛ ۽ هو وڃي اُتي رهي ۽ اُهو هنن کي ملڪ جي خدا جو رستو سيکاري.

28 ان موجب جيڪي ڪاهن هن سامريہ مان آندا هئا، تن مان هڪڙو اچي بيت ايل ۾ رهيو، ۽ هنن کي سيکارڻ لڳو تہ ڪيئن خداوند کان ڊڄڻ گهرجي.

29 انهيءَ هوندي بہ سڀ ڪنهن قوم پنهنجا پنهنجا معبود جوڙي، جيڪي مٿانهيون جايون سامريہ وارن جوڙيون هيون، تن جي گهرن ۾ رکيائون؛ هرهڪ قوم، جنهن جنهن شهر ۾ رهندي هئي، تنهن ۾ ائين ڪيو.

30 ۽ بابل جي ماڻهن سڪات بنات جوڙيو، ۽ ڪوت جي ماڻهن نيرگل جوڙيو، ۽ حمات جي ماڻهن اسيما جوڙيو.

31 ۽ عوائين نبحاز، ۽ ترتاق جوڙيا، ۽ سفروين پنهنجا ٻار ادرملڪ ۽ عنملڪ جي لاءِ باهہ ۾ ساڙيا، جي سفروائم جا معبود هئا.

32 انهيءَ طرح هو خداوند کان ڊنا، ۽ پاڻ منجهان پنهنجي لاءِ مٿانهين جاين جا ڪاهن مقرر ڪيائون، جي هنن جي لاءِ مٿانهين جاين جي گهرن ۾ قربانيون چاڙهيندا هئا.

33 هو ڊڄندا خداوند کان هئا پر عبادت پنهنجن معبودن جي ڪندا هئا، جنهن دستور اُهي قومون ڪنديون هيون، جن منجهان هو کڄي آيا هئا.

34 اڄ ڏينهن تائين هو اڳوڻي دستور موجب هلندا اچن: نڪي هو خداوند کان ڊڄن ٿا، نڪي پنهنجن انهن قانونن ۽ انهيءَ شريعت ۽ حڪم تي هلن ٿا، جي خداوند يعقوب جي اولاد کي ڏنا، جنهن جو نالو هن اسرائيل رکيو؛

35 جن سان خداوند عهدنامو ڪيو، ۽ تاڪيد ڪري فرمايائين تہ اوهين ٻين معبودن کان متان ڊڄو، نڪي انهن کي سجدو ڪجو، ۽ نہ انهن جي عبادت ڪجو، ۽ نہ انهن لاءِ قرباني چاڙهجو:

36 پر جنهن خداوند اوهان کي وڏي قدرت ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان مصر جي زمين مان ڪڍي ٻاهر آندو، تنهن کان اوهين ڊڄجو، ۽ انهيءَ کي اوهين سجدو ڏجو، ۽ انهيءَ لاءِ اوهين قربانيون چاڙهجو:

37 ۽ قانون، ۽ قاعدا، ۽ شريعت، ۽ حڪم، جي هن اوهان جي لاءِ لکيا، تن جي اوهين هميشہ تعميل ڪندا رهجو؛ ۽ اوهين ٻين معبودن کان نہ ڊڄجو:

38 ۽ جيڪو عهد مون اوهان سان ڪيو آهي سو اوهين متان وساريو؛ نڪي اوهين ٻين معبودن کان ڊڄجو:

39 پر اوهين خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄجو؛ ۽ اهو اوهان کي اوهانجن سڀني دشمنن جي هٿان ڇڏائيندو.

40 تڏهن بہ هنن نہ ٻڌو پر پنهنجي اڳئين دستور تي هليا.

41 انهيءَ طرح هي قومون خداوند کان ڊڄنديون هيون پر پنهنجن اُڪريل بتن جي عبادت ڪنديون هيون؛ اُنهن جو اولاد ۽ انهن جي اولاد جو اولاد بہ ائين ڪندو هو، جيئن سندن ابا ڏاڏا ڪندا هئا، ۽ ائين هو اڄ ڏينهن تائين ڪندا اچن.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan