Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.بادشاهَہ 15 - Sindhi Bible

1 اسرائيل جي بادشاهہ يربعام جي ستاويهين ورهيہ ۾، عزرياہ بن امصياہ يهوداہ جو بادشاهہ بادشاهي ڪرڻ لڳو.

2 جڏهن هو بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن سورهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ٻاونجاهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو يڪولياہ هو، جا يروشلم جي هئي.

3 ۽ هن جيڪي ڪم ڪيا، سي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، جيئن ڪ سندس پيءُ امصياہ جا ڪم هئا.

4 انهيءَ هوندي بہ مٿانهيون جايون ڊاهيون نہ ويون: ماڻهو اڃا بہ انهن مٿانهين جاين تي قربانيون ڪندا هئا ۽ لوبان ساڙيندا هئا.

5 ۽ خداوند بادشاهہ کي ڌڪ هنيو، جنهنڪري هو مرڻ جي ڏينهن تائين ڪوڙهيو ٿي پيو، ۽ ڌار گهر ۾ رهندو آيو. ۽ بادشاهہ جو پٽ يوتام گهر جي ڪم ڪار تي هوندو هو، ۽ ملڪ ۾ ماڻهن جو انصاف ڪندو هو.

6 هاڻي عزرياہ جا باقي ٻيا ڪم، ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو سو يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟

7 ۽ عزرياہ پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو؛ ۽ کيس سندس ابن ڏاڏن سان گڏ دائود جي شهر ۾ دفن ڪيائون: ۽ هن جو پٽ يوتام سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.

8 يهوداہ جي بادشاهہ عزرياہ جي اٺٽيهين ورهيہ ۾، زڪرياہ بن يربعام سامريہ ۾ اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو، ۽ ڇهہ مهينا بادشاهي ڪيائين.

9 ۽ هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي، جهڙي سندس ابن ڏاڏن ڪئي هئي: هن يربعام بن نباط جي گناهن کان پاسو نہ ڪيو، جنهن مان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايا.

10 ۽ سلوم بن يبيس هن جي برخلاف منصوبو ڪيو، ۽ ماڻهن جي روبرو هن کي ڌڪ هڻي ماري وڌائين، ۽ انهيءَ جي جاءِ تي پاڻ بادشاهہ ٿيو.

11 هاڻي زڪرياہ جا باقي ٻيا ڪم، سي ڏس، اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.

12 جيڪو ڪلام خداوند ياهوءَ سان ڪيو، سو هي هو تہ تنهنجا پٽ چوٿين پيڙهيءَ تائين اسرائيل جي تخت تي ويهندا. ۽ ائين ئي ٿيو.

13 سلوم بن يبيس، يهوداہ جي بادشاهہ عزرياہ جي اوڻيتاليهين ورهيہ ۾ بادشاهي ڪرڻ شروع ڪئي؛ ۽ هن سامريہ ۾ هڪڙو مهينو بادشاهي ڪئي.

14 ۽ مناحم بن جادي، ترضہ مان چڙهي سامريہ ۾ آيو، ۽ سلوم بن يبيس کي سامريہ ۾ شڪست ڏنائين ۽ ڪُٺائين، ۽ انهيءَ جي جاءِ تي پاڻ بادشاهہ ٿيو.

15 هاڻي سلوم جا ٻيا ڪم، ۽ جيڪو منصوبو ڪيائين، سو ڏس، اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي.

16 تڏهن مناحم، تفسح، ۽ ٻيا جيڪي انهيءَ ۾ هئا سي، ۽ انهيءَ جون سرحدون، ترضہ کان ماري ورتيون: ڇالاءِ جو هنن اهو شهر کولي هن کي نہ ڏنو، تنهنڪري هن اهو ماري ورتو؛ ۽ اُتي جيڪي زالون پيٽ سان انهيءَ ۾ هيون، تن جو هن پيٽ ڦاڙيو.

17 يهوداہ جي بادشاهہ عزرياہ جي اوڻيتاليهين ورهيہ ۾، مناحم بن جادي اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو، ۽ هن ڏهہ ورهيہ سامريہ ۾ بادشاهي ڪئي.

18 ۽ هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي: هن پنهنجن سڀني ڏينهن ۾ يربعام بن نباط جي گناهن کان پاسو نہ ڪيو، جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايا.

19 اسور جو بادشاهہ پول ملڪ تي ڪاهي آيو؛ ۽ مناحم پول کي هڪ هزار چانديءَ جا قنطار ڏنا تہ سندس هٿن ۾ بادشاهي قائم ڪرڻ ۾ کيس مدد ڏئي.

20 ۽ مناحم اُهي پئسا اسرائيل کان، يعني سڀني دولت ۽ طاقت وارن ماڻهن کان وصول ڪيا، ۽ هرهڪ ماڻهوءَ کان چانديءَ جا پنجاهہ شيڪل وٺي اسور جي بادشاهہ کي ڏنائين. پوءِ اسور جو بادشاهہ پٺتي موٽي ويو ۽ ملڪ ۾ وڌيڪ نہ ترسيو.

21 هاڻي مناحم جا ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو، سو اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟

22 ۽ مناحم پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو؛ ۽ سندس پٽ فقحياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.

23 يهوداہ جي بادشاهہ عزرياہ جي پنجاهين ورهيہ ۾، فقحياہ بن مناحم سامريہ ۾ اسرائيل جي مٿان بادشاهي ڪرڻ لڳو، ۽ هن ٻہ ورهيہ بادشاهي ڪئي.

24 ۽ هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي: هن يربعام بن نباط جي گناهن کان پاسو نہ ڪيو، جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايا.

25 ۽ فقح بن رملياہ، جو هن جو سپهہ سالار هو، تنهن سندس برخلاف منصوبو ڪيو، ۽ ارجوب ۽ اريہ سان گڏجي، سامريہ ۾، بادشاهہ جي گهر واري قلعي ۾ هن کي ماريائين، ۽ جلعادين مان پنجاهہ ماڻهو هن سان گڏ هئا: ۽ انهيءَ کي قتل ڪري سندس جاءِ تي پاڻ بادشاهہ ٿيو.

26 هاڻي فقحياہ جا ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو، سو ڏس، اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي.

27 يهوداہ جي بادشاهہ عزرياہ جي ٻاونجاهين ورهيہ ۾، فقح بن رملياہ سامريہ ۾ اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو ۽ هن ويهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي.

28 ۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا: هن يربعام بن نباط جي گناهن کان پاسو نہ ڪيو، جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايا.

29 اسرائيل جي بادشاهہ فقح جي ڏينهن ۾ تگلت پلاسر، اسور جي بادشاهہ، ڪاهي اچي ايون، ۽ ابيل ۽ بيت معڪہ، ۽ ينوحہ، ۽ قادس، ۽ حصور، ۽ جلعاد، ۽ گليل، ۽ نفتاليءَ جي ساري زمين ورتي؛ ۽ انهن کي گرفتار ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو.

30 ۽ هوسيع بن ايلہ، فقحہ بن رملياہ جي برخلاف منصوبو ڪيو، ۽ هن کي ماري قتل ڪيائين، ۽ يوتام بن عزرياہ جي ويهين ورهيہ ۾، هن جي جاءِ تي پاڻ بادشاهہ ٿيو.

31 هاڻي فقحہ جا باقي ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو، سو ڏس، اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي.

32 اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ بن رملياہ جي ٻئي ورهيہ ۾، يوتام بن عزرياہ، يهوداہ جو بادشاهہ بادشاهي ڪرڻ لڳو.

33 جڏهن هو بادشاهہ ٿيو تڏهن پنجويهن ورهين جو هو ۽ هن يروشلم ۾ سورهن ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو يروسا هو، جا صدوق جي ڌيءَ هئي.

34 ۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا: جيئن هن جي پيءُ عزرياہ ڪيو هو تيئن هن سڀ ڪجهہ ڪيو.

35 انهيءَ هوندي بہ هن مٿانهيون جايون نہ ڊاهيون: ماڻهو اڃا بہ اُنهن مٿانهين جاين تي قربانيون ڪندا ۽ لوبان ساڙيندا هئا. هن خداوند جي گهر جو مٿيون دروازو جوڙايو.

36 هاڻي يوتام جا باقي ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو سو يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟

37 انهن ڏينهن ۾ خداوند يهوداہ تي ارام جي بادشاهہ رضين، ۽ فقحہ بن رملياہ کي موڪلڻ لڳو.

38 ۽ يوتام پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، ۽ پنهنجي پيءُ دائود جي شهر ۾ پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو: ۽ سندس پٽ آخز سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan