2.بادشاهَہ 11 - Sindhi Bible1 هاڻي جڏهن اخزياہ جي ماءُ عتلياہ ڏٺو تہ منهنجو پٽ مري ويو آهي، تڏهن هن اُٿي شاهي نسل جا سڀ ماڻهو ماري چٽ ڪري ڇڏيا. 2 پر يورام بادشاهہ جي ڌيءَ، اخزياہ جي ڀيڻ يهوسبع، جيڪي بادشاهہ جا پٽ قتل ٿيا، تن منجهان اخزياہ جي پٽ يوآس کي سندس دائيءَ سميت چورائي کڻي ويئي، ۽ انهن کي سمهڻ واريءَ ڪوٺيءَ ۾ لڪائي ڇڏيائين؛ ۽ انهيءَ کي عتلياہ کان لڪائي ڇڏيائين، جنهنڪري هو مارجي نہ ويو. 3 ۽ اُهو هن وٽ ڇهہ ورهيہ خداوند جي گهر ۾ لڪل پيو هو: ۽ عتلياہ ملڪ تي بادشاهي پئي ڪئي. 4 ۽ ستين ورهيہ ۾ يهويدع ڪاهن، ۽ پهري وارن مان سوَن جي سردارن کي گهرائي پاڻ وٽ خدا جي گهر ۾ آندو؛ ۽ انهن سان عهدنامو ڪيائين، ۽ خداوند جي گهر ۾ هنن کان قسم کڻايائين، ۽ پوءِ هنن کي بادشاهہ جو پٽ ڏيکاريائين. 5 ۽ انهن کي حڪم ڏيئي چيائين تہ اوهان کي هيءُ ڪم ڪرڻ گهرجي: اوهين جي سبت جي ڏينهن هتي اچو ٿا تن مان ٽئين حصي جيترا هتي لنگهي اچي بادشاهہ جي گهر تي پهرو ڏين؛ 6 ۽ ٽئين حصي جيترا صور جي دروازي تي رهن؛ ۽ ٽئين حصي جيترا دروازي تي پهري وارن جي پٺيان بيهن: انهيءَ طرح اوهين گهر تي پهرو رکجو ۽ پناهہ ٿجو. 7 ۽ اوهان جون ٻہ ٽوليون يعني اُهي سڀ ماڻهو، جي سبت جي ڏينهن نڪري وڃن سي بادشاهہ جي چوڌاري خدا جي گهر تي پهرو ڏين. 8 ۽ اوهين سڀيئي پنهنجا پنهنجا هٿيار هٿ ۾ کڻي بادشاهہ جي چوڌاري بيهي وڃو؛ پوءِ جيڪو قطارن جي اندر گهڙي اچي تنهن کي ماري ڇڏجو: ۽ جڏهن بادشاهہ ٻاهر وڃي يا اندر اچي، تڏهن ساڻس رهجو. 9 ۽ سوَن جي سردارن ائين ڪيو، جيئن يهويدع ڪاهن حڪم ڏنو هون: ۽ جيڪي ماڻهو سبت جي ڏينهن اندر اچڻا هئا ۽ جيڪي سبت جي ڏينهن ٻاهر وڃڻا هئا، سڀيئي پنهنجا پنهنجا ماڻهو ساڻ ڪري يهويدع ڪاهن وٽ آيا. 10 ۽ ڪاهن، انهن سوَن جي سردارن کي بادشاهہ دائود جا نيزا ۽ سپرون، جي خداوند جي گهر ۾ موجود هيون، سي ڏنيون. 11 ۽ پهري وارا سڀيئي پنهنجا پنهنجا هٿيار هٿ ۾ کڻي، گهر جي سڄي پاسي کان وٺي کٻي پاسي تائين، ۽ قربانگاهہ ۽ گهر جي پاسي سان، ۽ بادشاهہ جي چوڌاري بيهي ويا. 12 تنهن کانپوءِ هن بادشاهہ جو پٽ ٻاهر آندو، ۽ هن تي ڇٽ رکيائين ۽ شاهديءَ جي سند انهيءَ کي ڏنائين؛ ۽ اُنهن هن کي بادشاهہ ڪيو ۽ مسح ڪيائونس؛ پوءِ تاڙيون وڄائي چيائون تہ شل خدا بادشاهہ کي سلامت رکي. 13 ۽ جڏهن عتلياہ پهري وارن ۽ ٻين ماڻهن جو هُل ٻڌو، تڏهن هوءَ خداوند جي گهر ۾ ماڻهن وٽ آئي: 14 ۽ نهاري ڏٺائين تہ بادشاهہ دستور موجب ٿنڀ جي پاسي ۾ بيٺو آهي، ۽ سردار ۽ قرنائن وڄائڻ وارا بادشاهہ جي ڀر ۾ بيٺا آهن؛ ۽ ملڪ جا سڀ ماڻهو خوشيون پيا ڪن ۽ قرنائون پيا وڄائين، تڏهن عتلياہ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي رڙيون ڪري چوڻ لڳي تہ دغا، دغا. 15 ۽ سوَن جا سردار، جي لشڪر جي مٿان مقرر ڪيا ويا هئا تن کي يهويدع ڪاهن حڪم ڏيئي چيو تہ هن زال کي گهلي قطارن جي وچ مان ٻاهر آڻيو؛ ۽ جيڪو هن جي پٺيان لڳي تنهن کي ترار سان ماري ڇڏيو: ڇالاءِ جو ڪاهن چيو تہ هن کي خداوند جي گهر ۾ نہ ڪُهو. 16 تڏهن هو اُنهيءَ ڏانهن هليا؛ ۽ هو گهوڙن جي لنگهڻ وارو رستو ڏيئي بادشاهہ جي گهر ڏانهن هلي: ۽ اُتي هنن وڃي قتل ڪيس. 17 ۽ يهويدع خداوند جي، ۽ بادشاهہ ۽ قوم جي وچ ۾، اهو عهد اقرار ڪرايو تہ هو خداوند جي قوم ٿي رهن؛ بادشاهہ ۽ قوم جي وچ ۾ بہ عهد اقرار ڪرايائين. 18 پوءِ ملڪ جا سڀ ماڻهو بعل جي گهر ڏانهن ويا ۽ اُنهيءَ کي وڃي ڊاٺائون؛ انهيءَ جون قربانگاهون، ۽ انهيءَ جون مورتون سڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون، ۽ قربانگاهن جي اڳيان بعل جي پوڄاريءَ متان کي قتل ڪيائون. ۽ ڪاهن خدا جي گهر تي عملدار مقرر ڪيا. 19 ۽ هو سوَن جي سردارن، ۽ ڪارين، ۽ پهري وارن، ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن کي وٺي ويو؛ ۽ هنن بادشاهہ کي خداوند جي گهر مان لاهي هيٺ آندو ۽ پهري وارن جي دروازي واري رستي کان بادشاهہ جي گهر تائين آيا. پوءِ هو بادشاهن جي تخت تي ويٺو. 20 انهيءَ طرح ملڪ جي سڀني ماڻهن خوشيون ڪيون ۽ شهر ۾ امن امان ٿيو: ۽ عتلياہ کي بادشاهہ جي گهر وٽ ترار سان قتل ڪيائون. 21 جڏهن يهوآس بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن هو ستن ورهين جو هو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society