2.يوحنا 1 - Sindhi Bible1 هن بزرگ جي طرفان اُنهيءَ چونڊيل بيگم ۽ سندس ٻارن ڏانهن، جن کي آئون سچو پيار ٿو ڪريان؛ نہ رڳو آئون پر اُهي سڀ بہ جي سچ کي سڃاڻن ٿا؛ 2 اُنهي سچ جي ڪري جو اسان ۾ رهي ٿو، ۽ جو هميشہ اسان سان رهندو. 3 خدا پيءُ کان، ۽ پيءُ جي فرزند يسوع مسيح کان، فضل ۽ رحم ۽ اطمينان، سچائيءَ ۽ پيار ۾ اسان سان رهندو. 4 آئون ڏاڍو خوش ٿيس جو جيئن اسان کي پيءُ کان حڪم مليو تيئن ئي مون تنهنجن ٻارن مان ڪن کي حق تي هلندو ڏٺو آهي. 5 ۽ هاڻي آئون توکي هڪڙو عرض ٿو ڪريان. آئون ڪو نئون حڪم ڪونہ ٿو لکان، پر اُهو پراڻو ئي حڪم جيڪو اسان کي شروعات ۾ مليو هو، تہ اسين هڪٻئي کي پيار ڪريون. 6 ۽ پيار هي آهي تہ خدا جي حڪمن تي هلون. هي اهو حڪم آهي، جو اوهان شروعات کان وٺي ٻُڌو، ۽ اوهان کي انهي تي هلڻ گهرجي. 7 ڇالاءِ جو گهڻيئي گمراهہ ڪندڙ دنيا ۾ نڪري پيا آهن، جي هن ڳالهہ کي نٿا مڃين تہ يسوع مسيح مجسم ٿيو. اهو ئي گمراهہ ڪندڙ ۽ مسيح جو مخالف آهي. 8 پنهنجي سنڀال ڪريو تہ جيڪي ڪم اسان ڪيا آهن سي اجايا نہ ٿي وڃن، پر اوهين پورو انعام حاصل ڪريو. 9 جيڪو حد کان ٻاهر ٿو وڃي، ۽ مسيح جي تعليم تي قائم نٿو رهي، تنهن وٽ خدا موجود نہ آهي: جيڪو تعليم تي قائم ٿو رهي، تنهن وٽ پيءُ بہ موجود آهي ۽ فرزند بہ. 10 جيڪڏهن ڪوبہ اوهان وٽ اچي اها تعليم نہ ڏئي، تہ انهي کي پنهنجي گهر ۾ اچڻ نہ ڏيو ۽ نڪي سلام ڪريوس؛ 11 ڇالاءِ جو جيڪو انهي کي سلام ڪري ٿو، سو هن جي خراب ڪمن ۾ شريڪ ٿو ٿئي. 12 مون کي اوهان ڏانهن گهڻيون ئي ڳالهيون لکڻيون آهن، پر اُهي ڪاغذ ۽ مَس سان لکڻ ڪونہ ٿو گهُران: مگر اُميد اٿم تہ اوهان وٽ ايندس ۽ روبرو ڳالهيون ڪندس، تہ اوهان جي خوشي پوري ٿئي. 13 تنهنجي برگزيدہ ڀيڻ جا ٻار توکي سلام ٿا ڏين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society