2.ڪرنٿين 9 - Sindhi Bible1 پاڪ ٿيلن جي خدمت جي بابت منهنجو اوهان کي لکڻ اجايو آهي: 2 ڇالاءِ جو اوهان جي شوق جي خبر اٿم، جنهن جي ڪري آئون مڪدونيہ جي ماڻهن جي اڳيان اوهان تي فخر ٿو ڪريان، تہ اخيہ جا ماڻهو بہ سال کان تيار آهن؛ ۽ اوهان جي سرگرميءَ انهن مان گهڻن کي جوش ڏياريو آهي. 3 پر مون ڀائرن کي انهي لاءِ موڪليو تہ جيڪو فخر اسين اوهان تي ڪريون ٿا، سو هن ڳالهہ ۾ بي بنياد نہ ٿئي، بلڪ جيئن مون چيو آهي تيئن اوهين تيار رهجو؛ 4 ۽ ائين نہ ٿئي تہ جيڪڏهن مڪدونيہ جا ڪي ماڻهو مون سان اچن، ۽ اوهان کي تيار نہ ڏسن، تہ اسين (ائين نٿا چئون تہ اوهين) انهيءَ اُميد رکڻ جي ڪري شرمندا ٿيون. 5 تنهنڪري مون ڀائرن کي اهو عرض ڪرڻ ضروري سمجهيو، تہ هو اڳڀرو اوهان وٽ اچن، ۽ جنهن خيرات جو اوهان انجام ڪيو آهي، سا جمع ڪن، تہ اُها بخشش وانگر تيار ٿئي نہ زور زبردستيءَ وانگر. 6 پر آئون هيترو چوان ٿو تہ جيڪو ٿورو ٿو پوکي سو ٿورو لُڻندو، ۽ جيڪو سخاوت سان پوکي ٿو، سو سخاوت سان لُڻندو. 7 جيئن هر ڪنهن ماڻهوءَ دل ۾ ارادو ڪيو آهي، تيئن ئي ڀلي ڪري؛ پر ڪُرڪڻ ۽ لاچاريءَ سان نہ، ڇالاءِ تہ جيڪو خوشيءَ سان ٿو ڏئي تنهن کي خدا پيار ٿو ڪري. 8 ۽ خدا اوهان تي بيحد فضل ڪرڻ لاءِ قادر آهي؛ انهي لاءِ تہ اوهان کي سڀڪا شئي هميشہ پوريءَ طرح سان ملندي رهي، ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم جي لاءِ اوهان وٽ سڀ ڪجهہ هجي. 9 جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”هن پکيڙي ڇڏيو آهي، هن غريبن کي ڏنو آهي، هن جي راستبازي هميشہ تائين قائم رهي ٿي.“ 10 ۽ جيڪو هاريءَ کي ٻج ۽ کائڻ لاءِ ماني ٿو ڏئي، سو اوهان کي بہ پوکڻ لاءِ ٻج موجود ڪري ڏيندو، ۽ منجهس واڌ وجهندو، ۽ اوهان جي راستبازيءَ جو ڦل بہ وڌائيندو: 11 ۽ اوهين سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾ هر طرح جي سخاوت لاءِ دولتمند ٿيندا، جنهنڪري اسان جي معرفت خدا جي شڪرگذاري ڪرڻ ۾ ٿي اچي. 12 ڇالاءِ جو انهيءَ خدمتگاريءَ جي ڪري نہ فقط پاڪ ٿيلن جون گهُرجون پوريون ٿيون ٿين، پر انهي ڪري گهڻيئي ماڻهو خدا جي وڌيڪ شڪرگذاري بہ ٿا ڪن. 13 انهيءَ خدمت سان اوهان جي آزمائش ٿي ٿئي، تہ ڪيئن اوهين مسيح جي خوشخبري قبول ڪري تابعداري ٿا ڏيکاريو، ۽ هنن کي ۽ سڀني کي مدد ڏيئي سخاوت ٿا ڪريو، تنهنڪري هو خدا جي وڏائي ظاهر ٿا ڪن. 14 ۽ هو پاڻ بہ اوهان جي لاءِ دعا ٿا گهُرن، ۽ خدا جو جيڪو گهڻو فضل اوهان تي آهي تنهن جي ڪري اوهان جا مشتاق ٿا رهن. 15 شڪر خدا جو انهيءَ بخشش لاءِ، جا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society