2.ڪرنٿين 8 - Sindhi Bible1 هاڻي، اي ڀائرو، اسين اوهان کي خدا جي انهي فضل جي خبر ٿا ڏيون جو مڪدونيہ جي ڪليسيائن تي ٿيو آهي؛ 2 تہ ڪهڙيءَ طرح مصيبت جي وڏيءَ آزمائش ۾ انهن جي خوشي وڌي ويئي، ۽ ڏاڍيءَ غريبيءَ جي ڪري سندين سخاوت جي دولت تمام گهڻي ٿي ويئي. 3 ڇالاءِ جو آئون شاهدي ٿو ڀريان تہ انهن پنهنجي وت آهر، بلڪ پنهنجي وت کان وڌيڪ خوشيءَ سان ڏنو، 4 ۽ پاڪ ٿيلن جي خدمت ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڏاڍي منٿ زاريءَ سان عرض ڪيائون؛ 5 ۽ نہ رڳو هنن اسان جي اميد موافق ڏنو، پر پنهنجو پاڻ پهرين خداوند کي ڏيئي، پوءِ خدا جي مرضيءَ موجب اسان کي بہ ڏنائون. 6 ايتري قدر جو اسان طيطس کي هدايت ڪئي، تہ جيئن هن پهرين اوهان ۾ اها نعمت شروع ڪئي هئي، تيئن انهي کي پورو بہ ڪري. 7 پر جيئن اوهين سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾، يعني ايمان ۽ ڪلام ۽ علم ۾، هر طرح جي سرگرميءَ ۾، ۽ اسان ڏانهن پنهنجي محبت ۾ وڌندا ٿا وڃو، تيئن هن فضل ۾ بہ وڌندا وڃو. 8 آئون حڪم وانگر ائين نٿو چوان، پر انهي لاءِ ٿو چوان تہ ٻين جي سرگرميءَ سان اوهان جي محبت جي سچائي آزمايان. 9 ڇالاءِ جو اوهان کي اسان جي خداوند يسوع مسيح جي فضل جي خبر آهي، تہ جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تہ بہ اوهان جي خاطر غريب ٿي ويو، انهي لاءِ تہ اوهين سندس غريبيءَ جي ڪري دولتمند ٿي وڃو. 10 ۽ انهيءَ ڳالهہ بابت آئون پنهنجي راءِ ٿو ڏيان، ڇالاءِ جو اها اوهان جي لاءِ فائدي واري آهي، جو اوهين گذريل سال نہ فقط انهي ڪم جي شروع ڪرڻ ۾ پر ارادي ڪرڻ ۾ بہ پهريان هئا. 11 هاڻي اهو ڪم پورو بہ ڪريو، تہ جيئن اوهين ارادي ڪرڻ ۾ تيار هئا، تيئن پنهنجي طاقت آهر انهي کي پورو بہ ڪريو. 12 ڇالاءِ تہ جيڪڏهن نيت هوندي، تہ جيڪي ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو، تنهن موجب سندس خيرات قبول پوندي، نہ انهي موجب جيڪي موجود نہ هوندو. 13 آئون ائين هن لاءِ نٿو چوان تہ ٻين کي آرام ملي ۽ اوهان کي تڪليف ملي: 14 پر هڪ جهڙائيءَ لاءِ؛ يعني هن وقت جيڪي اوهان وٽ وڌيڪ آهي سو هنن جي ڪم اچي، تہ جيڪي هنن وٽ وڌيڪ ٿئي سو وري اوهان جي ڪم اچي، انهيءَ طرح برابري ٿي ويندي؛ 15 جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”جنهن گهڻو ميڙيو تنهن وٽ ڪي ڪين بچيو، ۽ جنهن ٿورو ميڙيو، تنهن وٽ ڪابہ گهٽتائي ڪانہ ٿي.“ 16 پر خدا جو شڪر آهي جو اوهان جي لاءِ طيطس جي دل ۾ ههڙي سرگرمي پيدا ڪئي اٿس. 17 ڇالاءِ جو هن اسان جي هدايت قبول ڪئي ۽ کيس بہ ڏاڍو شوق هو، تنهنڪري پنهنجي خوشيءَ سان اوهان ڏانهن هليو آيو. 18 ۽ ساڻس گڏ اسان انهي ڀاءُ کي موڪليو آهي، جنهن جي تعريف انجيل جي بابت سڀني ڪليسيائن ۾ ڦهليل آهي؛ 19 نہ رڳو ايترو پر هن کي ڪليسيائن مقرر ڪيو هو تہ خيرات جي نسبت اسان سان گڏ سفر ڪري، جنهن خيرات جي خدمت اسين خداوند جو جلال ظاهر ڪرڻ لاءِ شوق سان ٿا ڪريون: 20 ۽ اها خبرداري ٿا ڪريون تہ جنهن وڏيءَ بخشش جي خدمت اسين ڪريون ٿا، تنهن جي نسبت ۾ ڪوبہ ماڻهو اسان کي ڏوهہ نہ ڏئي. 21 ڇالاءِ جو اسين انهن ڳالهين جو اڳيئي خيال ٿا ڪريون جي نہ رڳو خداوند جي نظر ۾، پر ماڻهن جي نظر ۾ بہ چڱيون آهن. 22 ۽ انهن سان گڏ اسان پنهنجي انهي ڀاءُ کي موڪليو آهي، جنهن کي ڪيترائي ڀيرا گهڻين ڳالهين ۾ آزمائي ڏٺو اٿئون تہ سرگرميءَ وارو آهي، ۽ هاڻي تہ پاڻ وڌيڪ سرگرمي اٿس، ڇالاءِ جو هن کي اوهان ۾ وڏي اُميد آهي. 23 جيڪڏهن ڪو طيطس بابت پڇي تہ انهي کي خبر هجي تہ هو منهنجو شريڪ آهي، ۽ اوهان جي خدمت ڪرڻ ۾ منهنجو رفيق آهي، يا جي ڪو اسانجن ڀائرن بابت پڇي تہ انهي کي خبر هجي تہ اُهي ڪليسيائن جا قاصد ۽ مسيح جو جلال آهن. 24 تنهنڪري اوهين پنهنجي محبت، ۽ اوهان جي طرفان اسين جو فخر ٿا ڪريون، سو ڪليسيائن جي روبرو انهن کي ثابت ڪري ڏيکاريو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society