Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.ڪرنٿين 7 - Sindhi Bible

1 تنهنڪري اي پيارو، جڏهن اسان سان اهڙا واعدا ڪيا ويا آهن، تڏهن اچو تہ اسين پاڻ کي هر طرح جي جسماني ۽ روحاني ناپاڪيءَ کان پاڪ ڪريون، ۽ خدا جو خوف رکي پاڪيزگيءَ ۾ ڪامل ٿيون.

2 اسان کي قبول ڪريو، اسان ڪنهن سان بہ ظلم نہ ڪيو، نڪي ڪنهن کي بگاڙيو، نڪي ڪنهن کي ٺڳيو.

3 آئون اوهان کي ڏوهہ ڏيڻ جي لاءِ ائين نٿو چوان، ڇالاءِ جو آئون اڳيئي چئي چڪو آهيان، تہ اوهين اسانجين دلين ۾ اهڙي طرح ٿا رهو، جو اسين گڏ مرنداسين، ۽ گڏ جيئنداسين.

4 آئون اوهان سان وڏي جرئت ڪري ٿو ڳالهايان، آئون اوهان تي وڏو فخر ٿو ڪريان: مون کي پوري تسلي آهي؛ ۽ آئون پنهنجين سڀني مصيبتن ۾ نهايت خوش ٿو رهان.

5 ڇالاءِ جو جڏهن اسين مڪدونيہ ۾ آياسين، تڏهن بہ اسان جي جسم کي آرام ڪونہ هو، پر اسين هر طرف مصيبتن ۾ گرفتار ٿي وياسين؛ ٻاهر جهيڙا جهڳڙا هئا، اندر ڊپ ڊاءُ هو.

6 انهي هوندي بہ جيڪو نماڻن کي تسلي ٿو ڏئي، يعني خدا، تنهن طيطس جي اچڻ ڪري اسان کي تسلي ڏني:

7 ۽ نہ فقط سندس اچڻ ڪري پر اوهان هن کي تسلي ڏني تنهنڪري بہ، ۽ هن اسان کي اوهان جي دل جي خواهش، اوهان جو غم، ۽ اوهان کي مون لاءِ جو شوق آهي سو بيان ڪري ٻُڌايو، جنهنڪري آئون پاڻ زيادہ خوش ٿيس.

8 ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ مون اوهان کي پنهنجي خط سان غمگين ڪيو، تڏهن بہ انهي ڪري پڇتايان نٿو، اگرچہ اڳي پڇتائيم ٿي؛ ڇالاءِ جو آئون ڏسان ٿو تہ انهي خط اوهان کي غمگين ڪيو اگرچہ ٿوري وقت تائين.

9 هاڻي جو آئون خوش ٿيو آهيان سو نہ انهي ڪري تہ اوهين غمگين ٿيا؛ پر انهي ڪري تہ غمگين ٿيڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو اوهان پڇتاءُ ڪيو: ڇالاءِ جو اوهان جي غمگيني خدا جي مرضيءَ موجب هئي، انهي لاءِ تہ اوهين اسان جي ڪري ڪنهن بہ طرح جو نقصان نہ سهو.

10 ڇالاءِ تہ اهڙي غمگيني، جا خدا جي مرضيءَ موجب آهي سا توبهہ ٿي پيدا ڪري؛ اهڙي توبهہ جنهن جو نتيجو نجات آهي، تنهن ۾ ڪا بہ پشيماني نہ ٿي ٿئي؛ پر دنياوي غم جي ڪري موت ٿو ٿئي.

11 ڇالاءِ جو ڏسو، اها ئي ساڳي ڳالهہ تہ اوهان جي غمگيني خدا جي مرضيءَ موجب هئي، تنهن اوهان ۾ ڪهڙي نہ سرگرمي، ڪهڙي نہ عذرخواهي، ڪهڙي نہ غيرت، ڪهڙو نہ ڊپ، ڪهڙي نہ سڪ، ڪهڙو نہ شوق، ڪهڙو نہ انتقام پيدا ڪيو! هر طرح سان اوهان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ انهي ڳالهہ ۾ اوهين آجا آهيو.

12 تنهنڪري مون جو اوهان ڏانهن لکيو هو، سو نہ انهي جي ڪري جنهن بي انصافي ڪئي هئي، نڪي انهي جي ڪري جنهن سان بي انصافي ٿي، پر انهي لاءِ تہ اوهان کي جيڪو اسان جي لاءِ فڪر آهي، سو خدا جي اڳيان اوهان تي ظاهر ٿئي.

13 تنهنڪري اسان کي تسلي ملي، ۽ اسان جي انهيءَ تسلي کانسواءِ اسان کي طيطس جي خوشيءَ سببان نهايت گهڻي خوشي ٿي، ڇالاءِ جو اوهان سڀني جي ڪري هن جي روح کي تازگي ملي آهي.

14 ڇالاءِ جو جيڪڏهن مون هن جي اڳيان اوهان جي بابت ڪو فخر ظاهر ڪيو، تہ آئون شرمندو نہ ٿيس، پر جيئن اسان اوهان سان سڀ ڳالهيون سچيون ڪيون، تيئن جيڪو فخر مون طيطس جي اڳيان ڪيو، سو بہ سچو ثابت ٿيو.

15 ۽ جڏهن هن کي اوهان سڀني جي فرمانبرداري ياد ٿي اچي، تہ اوهين ڪهڙيءَ طرح ڊڄندي ۽ ڏڪندي ساڻس گڏيا، تڏهن سندس دلي محبت اوهان ڏانهن پاڻ گهڻي قدر زيادہ ٿي ٿئي.

16 آئون خوش ٿيو آهيان جو اوهان جي نسبت ۾ هر طرح جي دلجاءِ اٿم.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan