Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.ڪرنٿين 5 - Sindhi Bible

1 ڇالاءِ جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪڏهن اسان جو هيءُ تنبوءَ جهڙو خاڪي گهر ڊاهيو ويندو، تہ اسان کي خدا کان آسمان تي هڪڙي اهڙي عمارت ملندي جا هٿن سان جوڙيل نہ آهي، پر هميشہ جٽاءُ ڪندڙ آهي.

2 ڇالاءِ تہ اسان جو گهر جو آسمان ۾ آهي، تنهن کي پوشاڪ وانگر پائڻ لاءِ اسين آهون پيا ڀريون:

3 ۽ جي اهو ڍڪيوسين تہ پوءِ اسين اُگهاڙا نہ ٿينداسين.

4 ڇالاءِ جو اسين هن تنبوءَ ۾ رهي، بار جي ڪري پيا آهون ڀريون؛ نہ هن لاءِ تہ اها پوشاڪ لاهڻ ٿا گهُرون، پر انهي لاءِ تہ هن جي مٿان ٻي پوشاڪ پايون، تہ جيڪي مرڻ هارڪو آهي سو حياتيءَ ۾ غرق ٿي وڃي.

5 هاڻي جنهن اسان کي انهيءَ ساڳيءَ ڳالهہ لاءِ تيار ڪيو، سو خدا آهي، ۽ اسان کي روح سوٿيءَ طور ڏنائين.

6 تنهنڪري اسان کي هميشہ پوري همت ٿي رهي، ۽ خبر اٿئون تہ جيسين جسماني گهر ۾ آهيون، تيسين خدا کان پري آهيون.

7 (ڇالاءِ جو اسين ايمان جي وسيلي ٿا هلون، نہ اکين ڏٺي.)

8 مطلب تہ اسان کي پوري همت آهي ۽ اسين بدن مان ڇُٽي خداوند وٽ رهڻ زيادہ پسند ٿا ڪريون.

9 انهي ڪري اسان جو هيءُ نشانو آهي، تہ اسين بدن ۾ هجون يا ٻاهر هجون تہ بہ هن کي خوش ڪريون.

10 ڇالاءِ جو اسان سڀني کي مسيح جي عدالت جي تخت جي اڳيان حاضر ٿيڻو آهي؛ انهي لاءِ تہ هر ڪنهن کي انهن ڪمن جو بدلو ملي جي هن بدن ۾ رهي ڪيا آهن، پوءِ اهي چڱا هجن يا بڇڙا.

11 تنهنڪري خداوند جو خوف ڄاڻي اسين ماڻهن کي سمجهايون ٿا، ۽ اسان جو حال خدا کي معلوم آهي، ۽ مون کي اُميد آهي تہ اوهانجين دلين کي بہ اسان جي حال جي خبر پيئي هوندي.

12 وري بہ اسين اوهان وٽ پنهنجي تعريف نہ ٿا ڪريون، پر پنهنجي ڪري اوهان کي فخر ڪرڻ جو وجهہ ٿا ڏيون، تہ اوهين انهن کي جواب ڏيئي سگهو جي ظاهر تي فخر ٿا ڪن، نہ دل تي.

13 ڇالاءِ تہ جي اسين سودائي آهيون تہ خدا جي لاءِ آهيون؛ يا جي اسين سمجهو آهيون تہ اوهان جي لاءِ آهيون.

14 ڇالاءِ جو مسيح جي محبت اسان کي مجبور ٿي ڪري، هن ڪري جو اسين ائين ٿا سمجهون، تہ جي هڪڙو سڀني لاءِ مُئو تہ سڀ مري ويا؛

15 ۽ هو سڀني جي لاءِ مُئو تہ جيڪي جيئرا آهن سي اڳتي پنهنجي لاءِ نہ، پر انهي جي لاءِ جيئن، جو سندن واسطي مُئو ۽ وري جي اُٿيو.

16 تنهنڪري هن کانپوءِ اسين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي جسماني طور نٿا سڃاڻون، جيتوڻيڪ اسان مسيح کي بہ جسماني طور سڃاتو هو، پر هاڻي اسين هن کي ائين نٿا سڃاڻون.

17 تنهنڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو مسيح ۾ آهي تہ هو نئون مخلوق آهي: پراڻيون شيون گذري ويون؛ ڏسو، هو نوان ٿي پيا آهن.

18 پر سڀ شيون خدا کان آهن، جنهن مسيح جي وسيلي اسان کي پاڻ سان ملايو، ۽ ميل ميلاپ جي خدمت اسان جي حوالي ڪئي.

19 يعني تہ خدا، مسيح ۾ ٿي ڪري جهان کي پاڻ سان ملايو، ۽ هنن جا قصور سندن ذمي شمار نہ ڪيائين، ۽ ميل ميلاپ جو ڪلام اسان کي ڏيئي ڇڏيائين.

20 تنهنڪري اسين مسيح جي طرفان ايلچي آهيون، ڄڻ تہ اسان جي وسيلي خدا اوهان کي منٿ ٿو ڪري، ۽ اسين اوهان کي مسيح جي پاران نيزاري ٿا ڪريون، تہ خدا سان ميل ميلاپ ڪريو.

21 جنهن کي گناهہ جي ڪابہ واقفيت ڪانہ هئي، تنهن کي هن اسان جي واسطي گناهہ ٺهرايو؛ انهي لاءِ تہ هن ۾ اسين خدا جي راستبازي ٿي پئون.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan