Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.ڪرنٿين 3 - Sindhi Bible

1 اسين وري پنهنجي ساراهہ پاڻ ٿا ڪريون ڇا؟ يا جيئن ڪ ماڻهو ڪندا آهن تيئن سفارش جا خط اوهان ڏانهن موڪلڻ ۽ اوهان کان ڪجهہ وٺڻ جا محتاج آهيون ڇا؟

2 اسان جو خط تہ اوهين آهيو، جو اسان جي دلين ۾ لکيل آهي ۽ جو سڀيئي ماڻهو ڄاڻن ۽ پڙهن ٿا؛

3 ۽ اها ڳالهہ پڌري ٿي آهي تہ اوهين مسيح جو خط آهيو، جو اسان خدمت بجا آڻي لکيو، نہ مس سان، پر جيئري خدا جي روح سان، نہ پهڻ جي تختين تي، پر گوشت جي يعني دلين جي تختين تي.

4 ۽ اسين مسيح جي معرفت خدا تي اهڙو ئي يقين ٿا رکون.

5 ائين نہ آهي تہ اسين پاڻ اهڙي لياقت ٿا رکون، جو پاڻهي پاڻ کان ڪو خيال ڪري سگهون؛ پر اسان جي لياقت خدا کان آهي،

6 جنهن اسان کي نئين عهد جي خادم ٿيڻ جو لائق ڪيو، نہ لفظن جو پر روح جو؛ ڇالاءِ جو لفظ ماري ٿا وجهن، پر روح جياري ٿو.

7 پر جيڪڏهن موت جي خدمت، جنهن جو عهد پهڻن تي اُڪريل هو، سا اهڙي جلال واري ٿي جو جيڪو جلال موسيٰ جي چهري تي هو ۽ جيتوڻيڪ اهو جلال فاني هو تہ بہ بني اسرائيل سندس منهن ڏانهن غور سان نهاري نٿي سگهيا،

8 تہ روح جي خدمت ڀلا ڇو نہ جلال واري هوندي؟

9 ڇالاءِ جو اها خدمت جا ڏوهاري ٿي ٺهرائي، سا جيڪڏهن جلال واري آهي تہ جنهن خدمت جي ڪري راستباز ٿو ٺهرجي سا تہ ضرور انهيءَ کان بہ زيادہ جلال واري هوندي.

10 ڇالاءِ جو حقيقت ڪري اهو جلال وارو، هن ٻئي جي زيادہ جلال جي ڪري بي جلال ٿي پيو.

11 هن ڪري جو جيڪڏهن هو فنا ٿيندڙ جلال وارو هو، تہ هي بقا ڪندڙ تہ ضرور زيادہ جلال وارو هوندو.

12 تنهنڪري اهڙي اميد رکي اسين وڏيءَ دليريءَ سان ڳالهايون ٿا،

13 ۽ موسيٰ وانگر نہ آهيون، جنهن پنهنجي منهن تي پردو وڌو تہ متان بني اسرائيل انهي فنا ٿيندڙ شئي جي پڇاڙيءَ تي غور سان نظر ڪن،

14 پر هنن جون دليون سخت ٿي ويون؛ ڇالاءِ جو اڄ ڏينهن تائين پراڻي عهدنامي جي پڙهڻ وقت اهو ساڳيو پردو پيل ٿو رهي؛ جو پردو مسيح ۾ کڄي ويو.

15 پر اڄ ڏينهن تائين جڏهن ڪڏهن هو موسيٰ جو ڪتاب پڙهن ٿا، تڏهن هنن جي دل تي پردو پيل ٿو رهي.

16 پر جڏهن ڪڏهن هنن جي دل خداوند ڏانهن ڦرندي، تڏهن پردو کڄي ويندو.

17 هاڻي اهو خداوند روح آهي؛ ۽ جتي خداوند جو روح آهي اُتي آزادي آهي.

18 پر اسين سڀيئي بي نقاب چهري سان خداوند جو جلال ڏسي، درجي بدرجي خداوند جي روح جي وسيلي سندس جلالي صورت ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan