Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.ڪرنٿين 2 - Sindhi Bible

1 پر مون پنهنجي لاءِ اهو پڪو ارادو ڪيو هو، تہ آئون وري اوهان وٽ غمگين ٿي ڪين ايندس.

2 ڇالاءِ تہ جيڪڏهن آئون اوهان کي غمگين ڪندس تہ پوءِ مون کي ڪير خوش ڪندو، سواءِ انهي جي، جو منهنجي ڪري غمگين ٿيو آهي؟

3 ۽ مون اها ساڳي ڳالهہ لکي تہ متان جڏهن اچان، تڏهن جن کان خوشيءَ جي اُميد اٿم، تن کان مون کي غم رسي، جو اوهان سڀني جي نسبت ۾ مون کي اهو يقين آهي، تہ منهنجي خوشيءَ ۾ اوهان سڀني جي خوشي آهي.

4 ڇالاءِ جو مون ڏاڍي ڏک ۽ دلگيريءَ سان، گهڻا ڳوڙها ڳاڙي اوهان ڏانهن لکيو؛ نہ انهي لاءِ تہ اوهين غمگين ٿيو، پر انهي لاءِ تہ جيڪا گهڻي محبت مون کي اوهان سان آهي سا اوهان کي معلوم ٿئي.

5 پر جيڪڏهن ڪنهن هي غم پيدا ڪيو آهي، تہ رڳو مون ۾ ڪين پيدا ڪيو اٿس، آئون سختيءَ سان نٿو چوان – پر ٿورو گهڻو اوهان سڀني ۾ بہ پيدا ڪيو اٿس.

6 اها سزا، جا گهڻن جي طرفان ملي، سا اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڪافي آهي؛

7 تنهنڪري اوهان کي گهرجي تہ کيس معاف ڪريو ۽ تسلي ڏيوس، متان اهو ماڻهو گهڻي غم ڪري برباد ٿي وڃي.

8 تنهنڪري آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ کيس پنهنجيءَ محبت ۾ بحال ڪريو.

9 ڇالاءِ جو مون انهي لاءِ بہ لکيو تہ آئون اوهان کي آزمايان تہ سڀني ڳالهين ۾ فرمانبردار آهيو يا نہ.

10 پر جنهن کي اوهين ڪنهن ڳالهہ جي معافي ٿا ڏيو؛ انهي کي آئون بہ معافي ٿو ڏيان. ڇالاءِ جو جيڪڏهن مون ڪجهہ بہ معاف ڪيو آهي، تہ مسيح جي روبرو اوهان جي خاطر اهو معاف ڪيو اٿم.

11 انهي لاءِ تہ شيطان اسان تي قبضو نہ ڪري، جو اسين هن جي منصوبن کان غير واقف نہ آهيون.

12 هاڻي جڏهن آئون تروآس ۾ مسيح جي خوشخبري ٻُڌائڻ لاءِ آيس ۽ خداوند ۾ منهنجي لاءِ هڪڙو در کُليو،

13 تڏهن منهنجي روح کي آرام نہ آيو، ڇالاءِ جو مون پنهنجي ڀاءُ طيطس کي اُتي نہ ڏٺو؛ پوءِ هنن کان موڪلائي مڪدونيہ ڏانهن هليو ويس.

14 پر خدا جو شڪر آهي، جو مسيح ۾ اسان کي هميشہ فتحمند ڪري ٿو ۽ اسان جي وسيلي پنهنجي علم جي خوشبوءِ جتي ڪٿي ڦهلائي ٿو،

15 ڇالاءِ جو جن کي نجات ٿي ملي ۽ جيڪي چٽ ٿا ٿين، تن ٻنهي جي لاءِ اسين خدا جي حضور ۾ مسيح جي خوشبوءِ آهيون.

16 هڪڙن جي واسطي مرڻ لاءِ موت جي بوءِ، ۽ ٻين جي واسطي جيئڻ لاءِ زندگيءَ جي خوشبوءِ. ۽ انهن ڳالهين جي لاءِ ڪير لائق آهي؟

17 ڇالاءِ جو اسين انهن گهڻن جهڙا نہ آهيون، جي خدا جي ڪلام ۾ واپار ٿا ڪن؛ پر اسين دل جي سچائيءَ سان ۽ خدا جي طرفان، ۽ خدا جي حضوريءَ ۾، مسيح ۾ ٿا ڳالهايون.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan