2.ڪرنٿين 12 - Sindhi Bible1 جيتوڻيڪ انهي مان ڪو فائدو ڪونهي، تڏهن بہ مون کي فخر ڪرڻو ٿو پوي؛ ۽ جيڪي رويا مون کي خداوند کان عنايت ٿيا، تن جو ذڪر ٿو ڪريان. 2 مسيح ۾ هڪڙي شخص جي مون کي خبر آهي تہ چوڏهن ورهيہ ٿيا جو هو ٽئين آسمان تائين کڄي ويو. (مون کي خبر ناهي تہ بدن ۾ ويو، يا بدن کانسواءِ، انهي جي خبر خدا کي آهي.) 3 ۽ آئون ڄاڻان ٿو تہ اهو ماڻهو (بدن ۾ يا بدن کانسواءِ، سو نٿو ڄاڻان، اهو خدا ٿو ڄاڻي،) فردوس ۾ پهچايو ويو، 4 ۽ اُتي هن اهڙيون ڳالهيون ٻُڌيون جي بيان ڪرڻ جون نہ آهن، ۽ جي ماڻهوءَ کي زبان تي آڻڻ روا نہ آهن. 5 اهڙي شخص تي آئون فخر ڪندس، پر پاڻ تي، سواءِ پنهنجين ڪمزورين جي، فخر نہ ڪندس. 6 پر جيڪڏهن آئون فخر ڪرڻ گهُران بہ، تہ بيوقوف نہ ٿيندس، هن ڪري جو آئون سچ ڳالهائيندس. پر آئون پاڻ کي روڪيان ٿو؛ تہ متان ڪو ماڻهو جهڙو مون کي ڏسي ٿو يا ٻُڌي ٿو، تنهن کان مون کي وڌيڪ سمجهي. 7 ۽ ظهورن جي نهايت گهڻائيءَ ڪري متان آئون مغرور ٿي پوان، تنهنڪري منهنجي جسم ۾ هڪڙو ڪنڊو هنيو ويو، تہ شيطان جو قاصد ٿي اهو مون کي تنگ ڪري تہ آئون مغرور نہ ٿيان. 8 انهيءَ ڳالهہ بابت مون ٽي ڀيرا خدا کي سوال ڪيو، تہ اهو مون مان نڪري وڃي. 9 پر هن مون کي چيو تہ منهنجو فضل تنهنجي لاءِ ڪافي آهي؛ ڇالاءِ جو منهنجي قدرت ڪمزورين ۾ ڪامل ٿي ٿئي. تنهنڪري ڏاڍيءَ خوشيءَ سان آئون پنهنجين ڪمزورين تي فخر ٿو ڪريان، تہ مسيح جي قدرت منهنجي مٿان ڇانيل رهي. 10 تنهنڪري آئون مسيح جي خاطر ڪمزورين ۾، ايذائن ۾، احتياجن ۾، ستائجڻ ۾، ۽ مصيبتن ۾ خوش ٿو رهان؛ ڇالاءِ جو جڏهن آئون ڪمزور آهيان، تڏهن زوراور آهيان. 11 آئون بيوقوف تہ برابر ٿيو آهيان، مگر اوهان ئي مون کي لاچار ڪيو؛ ڇالاءِ جو اوهان کي منهنجي تعريف ڪرڻ کپندي هئي: انهي لاءِ تہ جيتوڻيڪ آئون ڪي ڪين آهيان تہ بہ افضل رسولن کان ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گهٽ نہ آهيان. 12 حقيقت ڪري رسول هئڻ جون نشانيون اوهان اڳيان گهڻي صبر سان، نشانن ۽ عجيب ڪمن ۽ معجزن سان، ظاهر ڪيون ويون. 13 ڇالاءِ جو اُها ڪهڙي ڳالهہ آهي جنهن ۾ اوهين ٻين ڪليسيائن کان گهٽ ٿيا، سواءِ هن جي تہ آئون اوهان تي بار نہ ٿيس؟ انهيءَ بي انصافيءَ جي مون کي معافي ڏيو! 14 ڏسو هي ٽيون ڀيرو آهي جو آئون اوهان ڏانهن اچڻ جي لاءِ تيار ٿيو آهيان؛ ۽ آئون اوهان تي بار نہ ٿيندس؛ ڇالاءِ جو آئون اوهان جو ٻيو ڪي ڪين ٿو گهُران، رڳو اوهان کي ٿو گهُران. هن ڪري جو ٻارن کي مائٽن جي لاءِ جمع ڪري رکڻ نہ گهُرجي، بلڪ مائٽن کي ٻارن جي لاءِ. 15 ۽ آئون گهڻيءَ خوشيءَ سان اوهانجن روحن لاءِ خرچ ڪندس، ۽ پاڻ بہ خرچ ٿي ويندس. جيڪڏهن آئون اوهان کي گهڻو پيار ڪريان، تہ اوهين ڪو مون کي گهٽ پيار ڪندا ڇا؟ 16 پر اوهين ڀلي ائين سمجهو تہ مون پاڻ اوهان تي بار نہ وڌو؛ پر چالاڪي ڪري اوهان کي فريب سان ڦاسايم. 17 ڀلا جن کي مون اوهان ڏانهن موڪليو آهي، تن مان ڪنهن جي بہ معرفت مون اوهان کان ڪو فائدو ورتو ڇا؟ 18 مون طيطس کي سمجهائي ساڻس گڏ هن ڀاءُ کي بہ موڪليو. پوءِ طيطس اوهان کان ڪو فائدو ورتو ڇا؟ اسان ٻنهي جي هلت هڪڙي ئي روح جي هدايت موجب نہ هئي ڇا؟ ۽ هڪڙي ئي طريقي تي نہ هلياسين ڇا؟ 19 هيستائين اوهين شايد ائين پيا سمجهو تہ اسين اوهان جي اڳيان پنهنجو بچاءُ پيا ڏيون؟ اسين تہ خدا کي حاضر ڄاڻي مسيح ۾ ٿا ڳالهايون. پر اي پيارو، سڀ ڳالهيون اوهان جي سڌاري لاءِ آهن. 20 ڇالاءِ جو آئون ڊڄان ٿو تہ متان اوهان کي اهڙو ڏسان جهڙو ڏسڻ نٿو گهُران، يا اوهين مون کي اهڙو ڏسو جهڙو ڏسڻ نٿا گهُرو، جو متان ڪنهن بہ طرح جهيڙو جهڳڙو، حسد، ڪاوڙ، تفرقا، گلائون، غيبتون، ٻٽاڪون ۽ فساد ٿين؛ 21 متان جڏهن آئون وري اچان، تڏهن منهنجو خدا مون کي اوهان جي اڳيان شرمندو ڪري، ۽ مون کي اهڙن گهڻن لاءِ افسوس ڪرڻو پوي، جن هيستائين ناپاڪي ۽ زناڪاري ۽ نفس پرستي جا گناهہ پي ڪيا آهن، ۽ توبهہ نہ ڪئي اٿن. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society