2.ڪرنٿين 11 - Sindhi Bible1 شل اوهين منهنجي ٿوري بيوقوفيءَ جي برداشت ڪريو، ها منهنجي برداشت تہ ڪريو ٿا. 2 ڇالاءِ تہ مون کي اوهان لاءِ غيرت آهي جهڙي خدا جي غيرت آهي: هن ڪري جو مون اوهان کي هڪڙي مڙس سان مڱايو، انهي لاءِ تہ اوهان کي پاڪ دامن ڪنواريءَ وانگر مسيح وٽ حاضر ڪريان. 3 پر مون کي اهو ڊپ آهي تہ جيئن نانگ پنهنجي مڪاريءَ سان حوا کي ٺڳيو، تيئن متان ڪنهن نموني اوهان جون دليون بہ انهيءَ سادگيءَ ۽ پاڪيزگيءَ کان بگڙي وڃن، جا مسيح سان هئڻ گهرجي. 4 جيڪڏهن ڪو اچي ٻئي يسوع جي منادي ڪري جنهن جي اسان منادي نہ ڪئي، يا جيڪڏهن اوهان کي ڪو ٻيو روح ٿو ملي جو اڳي نہ مليو اٿوَ، يا ٻي ڪا خوشخبري ٿي ملي جا اوهان قبول نہ ڪئي هئي، تہ پوءِ اهو چڱو ٿا ڪريو ڇا جو انهي جي برداشت ٿا ڪريو؟ 5 ڇالاءِ جو آئون پاڻ کي انهن افضل رسولن کان ذرو بہ گهٽ نٿو سمجهان. 6 پر جيڪڏهن آئون خوش تقريريءَ ۾ گهٽ آهيان، تہ بہ علم ۾ اهڙو نہ آهيان؛ بلڪ اهو اسان سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾، سڀني ماڻهن جي اڳيان اوهان وٽ ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي. 7 يا مون اهو گناهہ ڪيو ڇا جو اوهان کي خدا جي خوشخبري مفت ٻُڌائي پنهنجو پاڻ کي هيٺ ڪيم تہ اوهين مٿي ٿيو؟ 8 مون ٻين ڪليسيائن کي ڦريو جو کانئن اُجورو ورتم، انهي لاءِ تہ اوهان جي خدمت ڪريان. 9 ۽ جڏهن آئون اوهان وٽ هوس، تڏهن گهرج هوندي بہ آئون ڪنهن تي بار ڪين ٿيس؛ ڇالاءِ جو ڀائرن مڪدونيہ مان اچي منهنجون سڀ گهرجون پوريون ڪيون؛ ۽ هر ڪنهن ڳالهہ ۾ اوهان تي بار وجهڻ کان مون پاڻ کي روڪيو، ۽ انهيءَ طرح اڳتي بہ روڪيندو رهندس. 10 مسيح جي سچائي جا مون ۾ آهي، تنهن موجب چوان ٿو تہ اخيہ جي پرڳڻن ۾ مون کي انهي فخر ڪرڻ کان ڪوبہ ماڻهو روڪي نٿو سگهي. 11 سو ڇو؟ انهي لاءِ ڇا تہ آئون اوهان کي پيار نٿو ڪريان؟ خدا ڄاڻي ٿو تہ آئون اوهان کي پيار ٿو ڪريان. 12 ۽ جيڪي آئون ڪريان ٿو سو ئي آئون ڪندو رهندس، انهي لاءِ تہ جيڪي پنهنجي ڪم جي وڏائي ٿا ڪن، تہ اسان جهڙا ڪم ٿا ڪن، تن جو فخر بي فائدو ثابت ٿئي. 13 ڇالاءِ جو اهڙا ماڻهو ڪوڙا رسول ۽ دغاباز آهن، ۽ پاڻ کي مسيح جي رسولن جا هم شڪل ٿا بنائين. 14 ۽ انهي ۾ ڪوبہ عجب ڪونهي؛ ڇالاءِ جو شيطان بہ هڪڙي نوراني ملائڪ جهڙي شڪل اختيار ٿو ڪري. 15 تنهنڪري جيڪڏهن انهي جا خادم پاڻ کي راستبازيءَ جا خادم ٿا بنائين تہ ڪا عجب ڳالهہ ڪانهي. انهن جو نتيجو سندن ڪمن جهڙو ٿيندو. 16 آئون وري بہ ٿو چوان تہ ڪوبہ ماڻهو مون کي بيوَقوف نہ سمجهي؛ پر جي ائين سمجهو ٿا تہ مون کي بيوقوف ئي سمجهي قبول ڪريو، تہ آئون بہ ٿورو فخر تہ ڪريان. 17 (جيڪي آئون چوان ٿو، سو خدا جي پاران نٿو چوان، پر ڄڻ تہ بيوَقوف وانگر اِنهيءَ ٻٽاڪ ۾؛ 18 جنهن صورت ۾ گهڻا جسماني طور فخر ٿا ڪن، تڏهن آئون بہ ڇو نہ فخر ڪريان.) 19 ڇالاءِ جو اوهين پاڻ تہ ڏاها ٿي خوشيءَ سان بيوقوفن جي برداشت ٿا ڪريو. 20 هن ڪري جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان کي غلام ٿو بنائي، يا جيڪڏهن اهو اوهان کي کائي ٿو وڃي، يا اهو اوهان کي ڦاسائي ٿو، يا پنهنجي وڏائي ٿو ڪري، يا اوهان کي منهن تي چماٽ ٿو هڻي، تہ اوهين انهي جي برداشت ٿا ڪريو. 21 افسوس سان مون کي چوڻو ٿو پوي تہ انهن ڳالهين ۾ اسين ضعيف آهيون! انهي هوندي بہ (آئون بيوقوف ٿي ٿو چوان تہ) جي ڪنهن ڳالهہ ۾ ڪو ماڻهو ٻٽاڪ ٿو هڻي تہ آئون بہ ٻٽاڪ هڻي ٿو سگهان. 22 ڇا هو ئي عبراني آهن؟ آئون بہ آهيان. ڇا هو ئي اسرائيلي آهن؟ آئون بہ آهيان. ڇا هو ئي ابراهيم جي نسل مان آهن؟ آئون بہ آهيان. 23 ڇا هو ئي مسيح جا خادم آهن؟ (اهو آئون پاڳل وانگر ٿو چوان) آئون انهن کان بہ وڌيڪ آهيان؛ محنتن ۾ گهڻو وڌيڪ، قيدن ۾ گهڻو وڌيڪ؛ چهبڪن کائڻ ۾ حد کان زيادہ، موت جي منهن ۾ گهڻائي ڀيرا. 24 مون پنج دفعا هڪڙي گهٽ چاليهہ چهبڪ يهودين جي هٿان کاڌا. 25 ٽي ڀيرا مون کي لڪڻن سان مار ملي، هڪڙو ڀيرو سنگسار ڪيو ويس، 26 ٽي ڀيرا جهاز ڀڄڻ جي مصيبت ۾ ڦاٿس، هڪ رات ۽ هڪ ڏينهن سمنڊ ۾ ڪاٽيم؛ گهڻائي ڀيرا مسافرين ۾ رهيو آهيان، درياهن جي خطرن ۾، ڌاڙيلن جي خطرن ۾، بيابانن جي خطري ۾، سمنڊ جي خطرن ۾، ڪوڙن ڀائرن جي خطرن ۾؛ 27 محنت ۽ مشقت ۾، اڪثر اوجاڳن ۾، بک ۽ اُڃ ۾، اڪثر فاقن ۾، سرديءَ ۽ اُگهاڙپن ۾. 28 ٻين ڳالهين کانسواءِ هيءَ ڳالهہ بہ آهي جا هر روز مون تي بار وانگر ٿي رهي، يعني سڀني ڪليسيائن جو فڪر. 29 ڪنهن کي ڪمزور ڏسي آئون ڪمزور نٿو ٿيان؟ ۽ ڪنهن کي گمراهہ ٿيندو ڏسي منهنجو جيءُ نٿو جلي؟ 30 جيڪڏهن فخر ڪرڻو اٿم تہ آئون انهن ڳالهين تي فخر ڪندس جن جو منهنجي ڪمزوريءَ سان واسطو آهي. 31 خداوند يسوع مسيح جو خدا ۽ پيءُ، جو هميشہ لاءِ مبارڪ آهي، سو ٿو ڄاڻي تہ آئون ڪوڙ نٿو چوان. 32 دمشق ۾، اريتاس بادشاهہ جي پاران اُتي جي حاڪم مون کي گرفتار ڪرڻ لاءِ دمشقين جي شهر تي پهرو بيهاريو هو، 33 پر مون کي هڪڙيءَ ٽوڪريءَ ۾ ويهاري هڪڙيءَ دريءَ مان ڀت تان لاهي ڇڏيائون، ۽ آئون هن جي هٿان بچي نڪتس. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society