2.ڪرنٿين 10 - Sindhi Bible1 هاڻي آئون پولس، جو اوهان جي روبرو اوهان سڀني ۾ نوڙت وارو آهيان، پر اوهان جي پرپٺ اوهان ڏانهن چڱي همت وارو آهيان، سو مسيح جي حليميءَ ۽ نرميءَ جو واسطو وجهي پاڻ اوهان کي عرض ٿو ڪريان: 2 هائو، آئون اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ متان حاضر ٿي ڪري مون کي انهيءَ دليريءَ سان همت ڏيکارڻي پوي، جنهن سان آئون ڪن ماڻهن تي دلير ٿيڻ جو ارادو ٿو ڪريان، جي اسان جي بابت ائين ٿا سمجهن تہ اسين جسماني طور هلت ٿا ڪريون. 3 ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ اسين جسم ۾ هلون ٿا، تڏهن بہ جسماني طور وڙهون نٿا. 4 ڇالاءِ جو اسان جي جنگ جا هٿيار جسماني نہ آهن، پر اهڙا سگهارا آهن جو خدا جي وسيلي مضبوط قلعا بہ ڊاهيو وجهن؛ 5 يعني بيهودا خيال، ۽ ٻي سڀڪا اوچي شئي جا علم الاهي جي برخلاف سر ٿي کڻي، تنهن کي ڊاهي ٿا ڇڏيون، ۽ سڀ ڪنهن خيال کي قيد ڪري مسيح جو تابعدار ٿا ڪريون؛ 6 ۽ تيار ٿا رهون تہ جڏهن اوهان جي فرمانبرداري پوري ٿئي، تڏهن هر طرح جي نافرمانيءَ جو بدلو وٺون. 7 انهن شين تي نظر ڪريو جي اوهان جي اکين اڳيان آهن. جي ڪنهن کي پاڻ تي اهو اعتبار آهي تہ هو مسيح جو آهي، تہ انهي کي پنهنجي دل ۾ اهو خيال بہ ڪرڻ گهرجي تہ جيئن هو پاڻ مسيح جو آهي تيئن اسين بہ آهيون. 8 ڇالاءِ جو جيڪڏهن آئون کڻي انهي اختيار تي گهڻو فخر ڪريان (جو خداوند اوهان کي قائم ڪرڻ لاءِ مون کي ڏنو ۽ نہ اوهان کي ڊاهي ڇڏڻ لاءِ) تڏهن بہ آئون شرمندو نہ ٿيندس. 9 هيءُ آئون انهي لاءِ ٿو چوان تہ متان اوهان کي ائين نظر اچي تہ آئون اوهان کي خطن جي ذريعي ڊيڄاريان ٿو. 10 ڇالاءِ جو هو چون ٿا تہ هن جا خط بيشڪ اثرائتا ۽ زبردست آهن؛ پر جڏهن هو پاڻ حاضر ٿو ٿئي تہ هن جو بدن ڪمزور ڏسڻ ۾ ٿو اچي ۽ سندس تقرير بي اثر آهي. 11 اهڙي ماڻهو کي هيءُ خيال ڪرڻ کپي تہ جهڙا اسين پرپٺ خطن جي رستي ڪلام ۾ آهيون؛ اهڙا روبرو پنهنجن ڪمن ۾ بہ آهيون. 12 ڇالاءِ جو اسين اهڙا جرئت وارا نہ آهيون جو پاڻ کي انهن شخصن سان شمار ڪريون، يا انهن سان مقابلو ڪريون جي پنهنجي تعريف پاڻ ٿا ڪن: پر اُهي پاڻهي پاڻ کي هڪ ٻئي سان آزمائي ۽ مقابلو ڪري نادان ٿا ٿين. 13 مگر اسين اُنهيءَ حد کان وڌيڪ فخر نٿا ڪريون جا خدا اسان کي مناسب ڄاڻي ورهائي ڏني آهي، ۽ جنهن ۾ خود اوهين بہ اچي ٿا وڃو. 14 ڇالاءِ جو اسين حد کان ٻاهر نٿا نڪرون، جو ڄڻ تہ اوهان تائين ڪين پهتا آهيون: اسين مسيح جي خوشخبري ڏيندي اوهان تائين پهچي وياسين: 15 ۽ پنهنجي حد کان وڌيڪ فخر نٿا ڪريون، يعني ٻين ماڻهن جي پورهئي تي؛ پر اها اميد ٿا رکون تہ جيئن اوهان جو ايمان وڌندو ويندو، تيئن اسين بہ پنهنجي حد موجب اوهان جي ڪري اڃا وڌيڪ وڌندا وينداسين؛ 16 انهي لاءِ تہ اسين اوهان جي سرحد کان بہ پري انجيل جي منادي ڪريون، ۽ نہ ٻئي جي علائقي ۾ ٺهيل ٺڪيل شين جي نسبت ۾ فخر ڪريون. 17 ”پر جيڪو فخر ڪري سو خداوند تي فخر ڪري.“ 18 ڇالاءِ جو جيڪو پنهنجي تعريف ٿو ڪري سو قبول نٿو پوي، پر اهو جنهن جي خداوند تعريف ٿو ڪري. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society