Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.ڪرنٿين 1 - Sindhi Bible

1 پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب مسيح يسوع جو رسول آهي، انهي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان، خدا جي اُنهيءَ ڪليسيا ڏانهن، جا ڪرنٿيس ۾ آهي، ۽ انهن سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي ساري اخيہ ۾ آهن:

2 اسان جي پيءُ خدا، ۽ خداوند يسوع مسيح جو فضل ۽ اطمينان حاصل ٿيندو رهي.

3 اسان جي خداوند يسوع مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي تعريف هجي، جو رحمتن جو پيءُ ۽ سڀ ڪنهن تسلي جو خدا آهي.

4 جو اسانجين سڀني مصيبتن ۾ اسان کي تسلي ٿو ڏئي، انهي لاءِ تہ جيڪا تسلي خدا خود اسان کي ٿو ڏئي، تنهن جي وسيلي اسين اُنهن ٻين کي بہ تسلي ڏيئي سگهون جي ڪنهن مصيبت ۾ آهن.

5 ڇالاءِ جو جيئن مسيح جي خاطر اسان جا ڏک وڌندا ٿا وڃن، تيئن ئي اسان جي تسلي بہ مسيح جي وسيلي وڌندي ٿي وڃي.

6 پر جي اسين مصيبت ۾ مبتلا آهيون، تہ اُها اوهان جي تسلي ۽ نجات جي لاءِ آهي؛ يا جي اسان کي تسلي ملي تہ اُها اوهان جي تسلي جي لاءِ آهي، جنهن جي اثر ڪري اوهين صبر سان اُهي ساڳيا ڏک سهو ٿا، جي اسين بہ ٿا سهون.

7 ۽ اسان کي اوهان جي لاءِ پڪي اُميد آهي، ڇالاءِ جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جيئن اوهين انهن ڏکن ۾ شريڪ آهيو، تيئن انهي تسلي ۾ بہ شريڪ آهيو.

8 اي ڀائرو، اسان جي مرضي نہ آهي تہ اوهين اسان جي انهيءَ مصيبت کان ناواقف رهو جا آسيہ ۾ اسان تي پيئي؛ جنهن ڪري اسين حد کان وڌيڪ، ۽ پنهنجي طاقت کان ٻاهر بار هيٺ اچي وياسين، ايتري قدر جو اسان پنهنجي حياتيءَ جي بہ اُميد لاهي ڇڏي.

9 بلڪ اسان پاڻ تي موت جي حڪم جي پڪ سمجهي، تان تہ پاڻ تي ڀروسو نہ رکون پر خدا تي، جو مُئلن کي جياري ٿو؛

10 ۽ هن اسان کي هيڏي وڏي خطري کان ڇڏايو ۽ ڇڏائيندو؛ تنهن تي اسان اها اُميد رکي آهي، تہ هو اڃا بہ اسان کي ڇڏائيندو رهندو.

11 اوهين بہ پنهنجي دعا سان اسان جي مدد ڪجو، تہ جيڪا نعمت اسان کي گهڻن جي وسيلي ملي آهي، تنهن جي لاءِ اسان جي طرفان گهڻا ماڻهو شڪرانا ڪن.

12 ڇالاءِ جو اسان جو فخر هيءُ آهي، ۽ اسان جي دل بہ شاهدي ٿي ڏئي، تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان ۾ جيڪا هلت چلت ڪئي، سا جسماني ڏاهپ سان نہ، پر پاڪيزگيءَ، ۽ راستبازيءَ، ۽ خدا جي فضل سان.

13 هن ڪري جو اسين اوهان ڏانهن ٻيون ڪي ڳالهيون نٿا لکون، رڳو اهي ٿا لکون جي اوهين پڙهو ۽ مڃو بہ ٿا، ۽ آئون اُميد ٿو ڪريان تہ توڙ تائين مڃيندا رهندا.

14 جيئن ڪ اوهان ڪجهہ قدر مڃيو بہ آهي تہ اسين اوهان جو فخر آهيون، جهڙيءَ طرح اسان جي خداوند يسوع جي ڏينهن اوهين بہ اسان جو فخر ٿيندا.

15 ۽ انهي اعتقاد تي مون ارادو ڪيو تہ پهرين اوهان ڏانهن اچان، تہ اوهان کي ٻيڻي نعمت ملي؛

16 يعني تہ اوهان وٽان ٿي مڪدونيہ ڏانهن وڃان، ۽ مڪدونيہ کان موٽي اوهان وٽ اچان، ۽ اوهين مون کي يهوديہ ڏانهن روانو ڪريو.

17 تنهنڪري جڏهن مون اهو ارادو ڪيو، تڏهن مون ڪا ڳالهہ هيٺ مٿي ڪئي ڇا؟ يا جن ڳالهين جو ارادو ڪريان ٿو، سو جسماني طرح ٿو ڪريان ڇا، انهي لاءِ تہ هائو هائو بہ ڪريان، ۽ نہ نہ بہ ڪريان؟

18 پر خدا ٿو ڄاڻي تہ اسين جيڪي اوهان کي چئون ٿا، تنهن ۾ هائو ۽ نہ ٻئي نہ آهن.

19 ڇالاءِ جو خدا جو فرزند يسوع مسيح، جنهن جي اسان اوهان ۾ منادي ڪئي، يعني مون ۽ سلوانس ۽ تيمٿيس، سو هائو ۽ نہ ٻئي نہ هو؛ پر انهي ۾ رڳو هائو آهي.

20 هن ڪري جو خدا جا جيترا بہ واعدا آهن، سي سڀ هن ۾ هائو سان آهن. ۽ انهي ڪري هن جي وسيلي آمين بہ ٿا چئون تہ اسان جي معرفت خدا جو جلال ظاهر ٿئي.

21 هاڻي جيڪو اسان کي اوهان سان گڏ مسيح ۾ قائم ٿو ڪري، ۽ جنهن اسان کي مسح ڪيو سو خدا آهي؛

22 انهي اسان تي مهر بہ هنئي ۽ اسانجين دلين ۾ روح سوٿيءَ طور ڏنائين.

23 پر آئون خدا کي پنهنجيءَ جان تي شاهد ڪري ٿو سڏيان، تہ اوهان تي ڪهل ڪرڻ جي سانگي آئون ڪرنٿيس ۾ نہ آيس.

24 اسين ايمان جي نسبت ۾ اوهان تي حڪومت نٿا هلايون، پر اوهان جي خوشيءَ جي لاءِ اوهان جا مددگار آهيون؛ ڇالاءِ جو ايمان جي ڪري اوهين قائم آهيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan