2.تواريخ 5 - Sindhi Bible1 انهيءَ طرح جيڪو ڪم سليمان خداوند جي گهر لاءِ ٿي ڪيو سو پورو ٿيو. ۽ سليمان اهي شيون اندر آنديون، جي سندس پيءُ دائود وقف ڪيون هيون؛ يعني چاندي، ۽ سون، ۽ سڀ باسڻ، ۽ اهي هن خدا جي گهر جي خزانن ۾ رکيا. 2 تنهن کانپوءِ سليمان اسرائيل جا بزرگ، ۽ فرقن جا سڀ رئيس، بني اسرائيل جي ابن جي گهراڻن جا سردار، يروشلم ۾ گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق دائود جي شهر يعني صيئون مان کڻي يروشلم ۾ آڻين. 3 ۽ اسرائيل جا سڀ ماڻهو، ستين مهيني ۾ جيڪا عيد هئي، تنهن تي بادشاهہ وٽ اچي گڏ ٿيا. 4 ۽ اسرائيل جا سڀ بزرگ آيا، ۽ لاوين صندوق کنئي. 5 ۽ هنن صندوق ۽ جماعت جو تنبو، ۽ تنبوءَ ۾ جيڪي پاڪ باسڻ هئا سي سڀ آندا؛ اهي ڪاهنن، يعني لاوين آندا. 6 ۽ بادشاهہ سليمان، ۽ اسرائيل جي جماعت، جا هن وٽ گڏ ٿي هئي، سي سڀ صندوق جي اڳيان حاضر ٿيا، ۽ ايتريون رڍون ۽ ايترا ڏاند قرباني ڪيائون جي شمار کان ٻاهر هئا. 7 ۽ ڪاهنن خداوند جي عهدنامي جي صندوق، گهر جي محراب ۾ تمام پاڪ مڪان ۾، يعني ڪروبين جي پرن هيٺ، پنهنجي جاءِ تي کڻي رکي. 8 ڇالاءِ جو ڪروبي پنهنجا پر صندوق جي جاءِ جي مٿان پکيڙيو بيٺا هئا، ۽ ڪروبي صندوق مٿان انهي جي لٺين کي ڍڪيو بيٺا هئا. 9 ۽ لٺيون ايڏيون ڊگهيون هيون جو انهن لٺين جون چهنبون، محراب جي اڳيان، صندوق تائين ڏسڻ ۾ پئي آيون؛ پر ٻاهران اهي ڏسڻ ۾ نہ ٿي آيون: ۽ اُها اڄ ڏينهن تائين اُتي آهي. 10 صندوق ۾ ٻيو ڪي بہ ڪين هو، سواءِ ٻن تختين جي، جي جڏهن خداوند بني اسرائيل جي مصر مان نڪرڻ مهل حورب ۾، ساڻن عهد اقرار ڪيو هو، تڏهن موسيٰ اتي رکيون هيون. 11 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ڪاهن پاڪ جاءِ مان نڪري آيا (ڇالاءِ جو جيڪي ڪاهن حاضر هئا تن پاڻ کي پاڪ ڪيو هو، ۽ پنهنجي واري موجب نہ آيا هئا؛ 12 ۽ لاوي، جي ڳائڻ وارا هئا، سي سڀ، يعني آسف، هيمان، ۽ يدوتون ۽ انهن جا پٽ ۽ انهن جا ڀائر بہ ڪتاني ڪپڙن ۾، جهانجهن، ۽ سنطورن ۽ بربطن سان، قربانگاهہ جي اُڀرندي واري ڇيڙي وٽ بيهي رهيا، ۽ انهن سان گڏ هڪ سؤ ويهن ڪاهنن قرنائون پئي وڄايون:) 13 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن قرنائن وڄائڻ وارا، ۽ ڳائڻ وارا، سڀ گڏجي هڪ ٿي خداوند جي شڪرگذاري ۽ تعريف ڪرڻ ۾ هڪڙو يڪو آواز ڪڍڻ لڳا؛ ۽ جڏهن هنن پنهنجو آواز قرنائن، ۽ جهانجهن، ۽ وڄائڻ جي سازن سان مٿي کنيو، ۽ خداوند جي تعريف ڪرڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا تہ، اهو چڱو آهي: ڇالاءِ جو هن جي رحمت هميشہ جٽاءَ واري آهي: تڏهن اهو گهر، يعني خداوند جو گهر هڪڙي ڪڪر سان ڀرجي ويو. 14 جنهنڪري ڪاهن انهيءَ ڪڪر جي سبب خدمت ڪرڻ لاءِ بيهي نہ سگهيا: ڇالاءِ جو خداوند جي جلال سان خدا جو گهر ڀرجي ويو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society