Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.تواريخ 3 - Sindhi Bible

1 تنهن کانپوءِ سليمان مورياہ جبل تي، يروشلم ۾ خداوند جو گهر جوڙائڻ شروع ڪيو، جتي خداوند هن جي پيءُ دائود کي ڏيکاري ڏني هئي، ۽ جنهن جي تياري هن انهيءَ جاءِ تي ڪئي، جا دائود ارنان يبوسيءَ جي ڳاهڻ واري پڙ ۾ مقرر ڪئي هئي.

2 ۽ اهو گهر جوڙڻ جو ڪم هن پنهنجي بادشاهت جي چوٿين سال جي ٻئي مهيني جي ٻي تاريخ شروع ڪيو.

3 هاڻي خداوند جي گهر جي جوڙڻ لاءِ هي بنياد وڌا ويا. اڳئين ماپ موجب ڊيگهہ سٺ هٿ هئي، ۽ ويڪر ويهہ هٿ.

4 ۽ جيڪو ورانڊو گهر جي اڳيان هو، تنهن جي ڊيگهہ، گهر جي ويڪر موجب، ويهہ هٿ هئي، ۽ اوچائي هڪ سؤ ويهہ هٿ: ۽ انهي کي اندران هن سون مڙهايو.

5 ۽ وڏي گهر جي ڇت هن صنوبر جي ڪاٺ جي جوڙائي، جنهن تي هن عمدو سون مڙهايو، ۽ انهن تي کجين جا وڻ ۽ زنجير ڪڍرايائين.

6 ۽ زينت جي لاءِ هن انهيءَ گهر کي قيمتي پٿر جَڙايا، ۽ سون بہ پروائم جو سون هو.

7 ۽ هن گهر تي بہ، يعني ان جي ڪامن، ۽ چانئٺ، ۽ ڀتين، ۽ درن تي بہ، سون مڙهايو؛ ۽ ڀتين تي ڪروبي اُڪرايائين.

8 ۽ هن تمام پاڪ گهر جوڙيو؛ جنهن جي ڊيگهہ، گهر جي ويڪر موجب ويهہ هٿ هئي، ۽ ويڪر ويهہ هٿ: ۽ انهيءَ تي هن عمدو سون ڇهہ سؤ قنطارن جيترو مڙهايو.

9 ۽ ڪلين جي تور سون جا پنجاهہ شيڪل هئي، ۽ مٿين ڪوٺين کي هن سون مڙهايو.

10 ۽ تمام پاڪ جاءِ ۾، هن ٻہ ڪروبي مورتن جي نموني تي ٺهرايا؛ ۽ انهن تي هنن سون مڙهيو.

11 ۽ انهن ڪروبين جا پر ويهہ هٿ ڊگها هئا: هڪڙي ڪروبيءَ جو پر پنج هٿ هو، جو گهر جي ڀت تائين ٿي پهتو؛ ۽ ٻيو پر بہ پنج هٿ هو جو ٻئي ڪروبيءَ جي پر تائين ٿي پهتو.

12 ۽ ٻئي ڪروبيءَ جو پر پنج هٿ هو، جو گهر جي ڀت تائين ٿي پهتو: ۽ ٻيو پر بہ پنج هٿ هو، جو ٻئي ڪروبيءَ جي پر سان وڃي ٿي گڏيو.

13 انهن ڪروبين جا پر پکيڙ ۾ ويهہ هٿ ٿي ٿيا: ۽ اهي پنهنجن پيرن تي بيٺل هئا، ۽ انهن جا منهن گهر ڏي هئا.

14 ۽ هن پردو نيلي، ۽ واڱڻائي، ۽ قرمزي رنگ جو ۽ ڪتاني ڪپڙي جو جوڙيو، ۽ انهيءَ تي ڪروبي ڪڍيائين.

15 هن گهر جي اڳيان ٻہ ٿنڀ پنجٽيهن هٿن جا جوڙايا، ۽ انهن مان هرهڪ جي چوٽيءَ تي جيڪو ڇٽ هو سو پنج هٿ هو.

16 ۽ هن پاڪ مڪان ۾ زنجير جوڙي انهن ٿنڀن جي چوٽين تي رکيا؛ ۽ هن هڪ سؤ ڏاڙهون جوڙائي، انهن زنجيرن تي وڌا.

17 هن اهي ٿنڀ هيڪل جي اڳيان کڙا ڪيا، ۽ هڪڙو سڄي هٿ پاسي، ٻيو کٻي هٿ پاسي، جيڪو سڄي پاسي هو تنهن تي ياڪين جو نالو رکيائين، ۽ جيڪو کٻي هو تنهن جو بوعز نالو رکيائين.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan