Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.تواريخ 12 - Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن رحبعام جي بادشاهي قائم ٿي ويئي، ۽ هو پاڻ مضبوط ٿي ويو، تڏهن هن ۽ سڄي اسرائيل خداوند جي شريعت کي ڇڏي ڏنو.

2 ۽ بادشاهہ رحبعام جي پنجين سال ۾ هيئن ٿيو تہ مصر جو بادشاهہ سيسق يروشلم تي ڪاهي آيو، ڇالاءِ جو هو خداوند کان ڦري ويا هئا،

3 ۽ هن سان ٻارهن سؤ گاڏيون ۽ سٺ هزار گهوڙي سوار آيا: ۽ جيڪي ماڻهو مصر مان هن سان گڏ آيا سي بيشمار هئا؛ ۽ اهي لوبي، سوڪي ۽ حبشي هئا.

4 ۽ هو يهوداہ جا جيڪي قلعن وارا شهر هئا، سي وٺي يروشلم تائين آيو.

5 هاڻي سمعياہ نبي رحبعام ۽ يهوداہ جي سردارن وٽ آيو، جي سيسق جي ڊپ کان يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا هئا، ۽ انهن کي چيائين تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ، اوهان مون کي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنڪري مون بہ اوهان کي سيسق جي هٿن ۾ ڇڏي ڏنو آهي.

6 تڏهن اسرائيل جي سردارن ۽ بادشاهہ پاڻ کي نماڻو ڪيو؛ ۽ چوڻ لڳا تہ خداوند سچو آهي.

7 ۽ جڏهن خداوند ڏٺو تہ هنن پاڻ کي نماڻو ڪيو آهي، تڏهن خداوند جو ڪلام سمعياہ تي نازل ٿيو تہ ڇالاءِ جو هنن پاڻ کي نماڻو ڪيو آهي، تنهنڪري آءٌ هنن کي ناس نہ ڪندس پر آءٌ هنن کي ڪجهہ ڇوٽڪارو ڏيندس، ۽ منهنجي ڪاوڙ سيسق جي هٿان يروشلم تي نازل نہ ٿيندي.

8 انهيءَ هوندي بہ هو انهيءَ جا ٻانها ٿيندا؛ تہ ڀلي هنن کي منهنجي خدمت، ۽ ملڪن جي بادشاهن جي خدمت جي وچ ۾ خبر پوي.

9 پوءِ مصر جو بادشاهہ سيسق يروشلم تي چڙهي آيو، ۽ خداوند جي گهر جا خزانا، ۽ بادشاهہ جي گهر جا خزانا کڻي ويو؛ سڀ ڪجهہ هو کڻي ويو: جيڪي سون جون سپرون سليمان ٺهرايون هيون سي بہ هو کڻي ويو.

10 ۽ بادشاهہ رحبعام انهن جي بدران پتل جون سپرون ٺهرايون، ۽ انهن پهري وارن جي سردارن جي حوالي ڪيائين، جي بادشاهہ جي گهر جي در تي پهرو ڏيندا هئا.

11 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ خداوند جي گهر ۾ ويندو هو، تڏهن پهري وارا اهي کڻندا هئا، ۽ پوءِ پهري واريءَ جاءِ ۾ موٽائي آڻي رکندا هئا.

12 ۽ جڏهن هن پاڻ کي نماڻو ڪيو، تڏهن خداوند جي ڪاوڙ هن کان ڦري، جو هن کيس اصل ناس ڪرڻ نہ گهريو: ۽ تنهن کانسواءِ يهوداہ ۾ ڪي چڱيون ڳالهيون بہ ڏسڻ ۾ ٿي آيون.

13 انهيءَ طرح بادشاهہ رحبعام يروشلم ۾ پاڻ کي مضبوط ڪيو ۽ راڄ ڪيائين: ڇالاءِ جو بادشاهہ ٿيڻ وقت رحبعام ايڪيتاليهن سالن جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ سترهن سال بادشاهي ڪئي، جنهن شهر کي خداوند اسرائيل جي سڀني فرقن مان پنهنجي نالي رکڻ لاءِ پسند ڪيو هو: ۽ هن جي ماءُ جو نالو نعمہ هو، جا عمونين مان هئي.

14 ۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خراب هئا، ڇالاءِ جو خداوند جي طلب ۾ هن پنهنجي دل نہ لڳائي.

15 هاڻي رحبعام جا ڪم، پهريان ۽ پويان سمعياہ نبيءَ ۽ عدو غيب دان جي تاريخ ۾، نسب نامن موجب لکيل نہ آهن ڇا؟ ۽ رحبعام يربعام جي وچ ۾ هميشہ جنگيون لڳيون اينديون هيون.

16 ۽ رحبعام پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ دائود جي شهر ۾ دفن ٿيو: ۽ سندس جاءِ تي سندس پٽ ابياہ بادشاهہ ٿيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan