1.تيمٿيس 6 - Sindhi Bible1 جيڪي غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ آهن، تن کي گهرجي تہ پنهنجن مالڪن کي گهڻي عزت جو لائق ڄاڻن، تہ خدا جي نالي، ۽ تعليم جي بدنامي نہ ٿئي. 2 ۽ جن جا مالڪ ايمان وارا آهن، تن کي هو نہ ڌڪارين، ڇو جو اُهي بہ ڀائر آهن؛ بلڪ انهن کي گهرجي تہ سندن بهتر خدمت ڪن، ڇالاءِ تہ جن کي (خدمت جو) فائدو ٿو ملي، سي ايمان وارا ۽ پيارا آهن. انهن ڳالهين جي تون تعليم ڏي ۽ نصيحت ڪر. 3 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻئي قسم جي تعليم ٿو ڏئي، ۽ صحيح نصيحت کي، يعني اسان جي خداوند يسوع مسيح جي نصيحت کي، ۽ دينداريءَ پٽاندر جا تعليم آهي، تنهن کي نٿو مڃي؛ 4 اُهو مغروريءَ سان ڦنڊيل ۽ جاهل آهي؛ بلڪ لفظي تڪرارن ۽ بحث جو ڪوڏيو ٿو ٿئي، جن مان حسد، جهيڙو، بدگويون ۽ بدگمانيون پيدا ٿيون ٿين، 5 ۽ انهن ماڻهن ۾ ردوبدل ٿي ٿئي، جن جا خيال خراب آهن ۽ جي سچ کان خالي آهن ۽ ڀانئين ٿا تہ دينداري نفعي جو هڪڙو ذريعو آهي. 6 پر دينداريءَ سان گڏ جيڪڏهن قناعت بہ هوندي تہ انهي ۾ وڏو فائدو آهي: 7 ڇالاءِ تہ اسان دنيا ۾ ڪي ڪين آندو، ۽ نہ ڪي انهيءَ مان ڪجهہ کڻي وينداسين؛ 8 پوءِ جي اسان وٽ خوراڪ ۽ پوشاڪ موجود هجي تہ اسين انهيءَ تي راضي رهنداسين. 9 پر جيڪي دولتمند ٿيڻ ٿا گهُرن سي آزمائش ۽ ڦندي ۾، ۽ گهڻين اجاين ۽ نقصان وارين نفساني خواهشن ۾ ڦاسيو ٿا وڃن، جي ماڻهن کي برباديءَ ۽ تباهيءَ جي درياهہ ۾ غرق ڪريو ڇڏين. 10 ڇالاءِ جو پيسي جو پيار سڀ قسم جي خرابين جي پاڙ آهي: جنهن جي پٺيان پوڻ ڪري ڪي ماڻهو ايمان کان گمراهہ ٿي ويا آهن، ۽ گهڻن ئي ڏکن جا تير منجهن چُڀي ويا آهن. 11 پر اي خدا جا بندا، تون انهن ڳالهين کان پري ڀڄ؛ ۽ راستبازيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، صبر ۽ حلم جو طالب ٿيءُ. 12 ايمان جي چڱي جنگ ڪر، هميشہ جي زندگيءَ تي قبضو ڪر، جنهن جي لاءِ تون سڏيو ويو هُئين، ۽ گهڻن شاهدن جي روبرو چڱو اقرار ڪيو هوءِ. 13 آئون خدا جي حضور ۾ توکي تاڪيد ٿو ڪريان، جو سڀني شين کي جيئرو ٿو رکي، ۽ مسيح يسوع جي حضور ۾ جنهن پنطيس پلاطس جي اڳيان چڱو اقرار ڪيو هو؛ 14 تہ تون اسان جي خداوند يسوع مسيح جي ظاهر ٿيڻ تائين حڪم تي عمل ڪرڻ ۾ بي عيب، ۽ بي قصور رهہ، 15 جنهن کي اهو مناسب وقت تي ظاهر ڪندو، جو سڳورو ۽ واحد بادشاهن جو بادشاهہ ۽ خداوندن جو خداوند آهي؛ 16 بقا فقط انهي کي ئي آهي، ۽ هو انهي روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نٿو سگهي؛ جنهن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي، نڪو ڏسي ٿو سگهي؛ انهي جي عزت ۽ قدرت شل هميشہ تائين رهي. آمين. 17 جيڪي هن موجودہ جهان ۾ دولتمند آهن تن کي حڪم ڏي تہ مغرور نہ ٿين، نڪي بي بقا دولت تي اُميد آسرو رکن، بلڪ خدا تي، جو اسان کي سڀ شيون ڪم آڻڻ لاءِ ڪثرت سان ٿو ڏئي؛ 18 ۽ هو نيڪي ڪن، ۽ چڱن ڪمن ۾ توانگر ٿين، سخاوت ڪرڻ لاءِ تيار رهن ۽ ٻين جي واهر ڪرڻ لاءِ راضي رهن؛ 19 ۽ آئيندہ لاءِ پنهنجي واسطي چڱو بنياد قائم ڪن تہ اها زندگي حاصل ڪن جا حقيقي آهي. 20 اي تيمٿيس، انهيءَ امانت کي سنڀالي رک، ۽ جنهن علم کي علم چوڻ ئي غلط آهي، تنهن جي اجائي بَڪ بَڪ ۽ اعتراض کان پاسو ڪر؛ 21 ڇالاءِ جو ڪي انهي کي سچو سمجهي ايمان کان گمراهہ ٿي ويا آهن. تو تي فضل رهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society