1.تيمٿيس 3 - Sindhi Bible1 اها ڳالهہ سچي آهي تہ جيڪو ماڻهو نگهبان (بشپ) جو عهدو ٿو چاهي تہ اهو چڱي ڪم جي خواهش ٿو ڪري. 2 تنهنڪري نگهبان کي گهرجي تہ بنا الزام هڪڙيءَ زال جو مڙس، پرهيزگار، سنجيدو، باقاعدي هلڻ وارو، مهمان نواز، تعليم ڏيڻ ۾ ماهر؛ 3 نہ نشي باز، نہ مارڪٽ ڪندڙ؛ نہ تڪراري، نہ پيسي جو لالچي، پر حليم هجي؛ 4 پنهنجي گهر جو پوريءَ طرح بندوبست رکڻ وارو ۽ پنهنجن ٻارن کي تمام سنجيدگيءَ سان تابع رکڻ وارو هجي؛ 5 (پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي خود پنهنجي گهر هلائڻ جي خبر نہ آهي، تہ اهو خدا جي ڪليسيا جي ڪهڙي سنڀال ڪري سگهندو؟) 6 نومريد نہ هجي، متان مغروريءَ جي ڪري شيطان واريءَ سزا ۾ گرفتار ٿئي؛ 7 جيڪي ٻاهر آهن تن وٽ بہ نيڪ ناموس وارو هئڻ گهرجي؛ تہ متان ملامت ۾ يا شيطان جي ڦندي ۾ ڦاسي پوي. 8 انهي طرح جيڪي خادم (ڊيڪن) آهن، تن کي سنجيدو ٿيڻ گهرجي، اهي نہ ٻہ چاپڙا، نہ شرابي، نہ ناجائز نفعي جا لالچي هجن، 9 پر ايمان جي راز کي پاڪ دل ۾ سنڀالي رکڻ وارا هجن. 10 ۽ انهن جو بہ پهرين آزمودو وٺڻ گهرجي، پوءِ جي بي عيب ثابت ٿين، تہ ڀلي پنهنجي عهدي جو ڪم ڪن. 11 انهيءَ طرح زالن کي بہ گهرجي تہ سنجيدگيءَ سان رهن، نہ گلا ڪندڙ، پر پرهيزگار ۽ سڀني ڳالهين ۾ ايماندار هجن. 12 خادم کي بہ هڪڙيءَ زال جو مڙس هئڻ گهرجي، ۽ هو ٻارن ۽ پنهنجي گهر جو چڱيءَ طرح انتظام ڪن. 13 ڇالاءِ جو جيڪي خادمن جي عهدي جو ڪم چڱيءَ طرح ٿا ڪن، سي پنهنجي لاءِ چڱو درجو، ۽ جو ايمان مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن ۾ وڏي همت حاصل ٿا ڪن. 14 اهي ڳالهيون آئون تو ڏانهن انهيءَ اُميد تي بہ لکان ٿو تہ جلد تو ڏانهن ايندس؛ 15 پر جي مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ ڀلي خبر پويئي تہ خدا جو گهر، يعني زندہ خدا جي ڪليسيا، جا سچ جو ٿنڀ ۽ بنياد آهي، تنهن ۾ ڪهڙيءَ طرح هلت ڪرڻ کپي. 16 بيشڪ دينداريءَ جو راز وڏو آهي، (اُهو هي آهي) تہ هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ روح ۾ راستباز ثابت ٿيو، ۽ ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو، قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي، دنيا ۾ مٿس ايمان آندائون، جلال ۾ مٿي کڄي ويو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society