Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ٿسلونيڪين 5 - Sindhi Bible

1 پر اي ڀائرو، انهي جي ڪا ضرورت ڪانهي تہ وقتن ۽ موسمن جي نسبت ۾ ڪي اوهان ڏانهن لکجي.

2 ڇالاءِ جو اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ خداوند جو ڏينهن ائين ايندو جيئن رات جو ڪو چور اچي.

3 جڏهن ماڻهو پيا چوندا تہ اطمينان ۽ سلامتي آهي، تڏهن جيئن حاملہ زال کي سور لڳندا آهن، تيئن اوچتو ئي اوچتو موت اچي مٿان ڪڙڪندو؛ ۽ ڪو وسيلو ڪونہ ٿيندو.

4 پر اي ڀائرو، اوهين اونداهيءَ ۾ نہ آهيو، جو اهو ڏينهن چور وانگر اوهان تي اچي پوي.

5 اوهين سڀ روشنائيءَ جا ٻار ۽ ڏينهن جا فرزند آهيو: اسين رات جا ناهيون، نڪي اونداهيءَ جا آهيون؛

6 تنهنڪري ٻين وانگر اسان کي سمهي رهڻ نہ کپي، پر اچو تہ جاڳون ۽ هوشيار رهون.

7 ڇالاءِ جو جيڪي سمهي رهن ٿا، سي رات جو ٿا سمهن؛ ۽ جيڪي نشئي ٿين ٿا سي رات جو نشئي ٿا ٿين.

8 پر جڏهن اسين ڏينهن جا آهيون، تڏهن اچو تہ ايمان ۽ محبت جي زرهہ ڍڪي، ۽ نجات جي اُميد جو ٽوپ پائي هوشيار رهون.

9 ڇالاءِ جو خدا اسان کي انهي لاءِ ڪونہ مقرر ڪيو آهي تہ پنهنجو غضب اسان تي وجهي، پر انهي لاءِ تہ اسين پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي نجات حاصل ڪريون،

10 جنهن اسان لاءِ پنهنجي جان ڏني، انهي لاءِ تہ اسين جاڳون يا سمهون، تہ بہ ساڻس گڏ جيئون.

11 تنهنڪري هڪٻئي کي همتايو، ۽ هڪٻئي جي ترقيءَ جا باعث ٿيو، جيئن ڪ اڳيئي پيا ڪريو.

12 پر اي ڀائرو، اسين اوهان کي عرض ٿا ڪريون تہ جيڪي اوهان ۾ محنت ڪن ٿا، ۽ خداوند ۾ اوهان جا پيشوا آهن، ۽ اوهان کي نصيحت ٿا ڪن، تن جي عزت ڪريو،

13 ۽ کين سندن خدمت جي سببان محبت سان گهڻو مانُ ڏيو. پاڻ ۾ صلح سانت سان رهو.

14 اي ڀائرو، اسين اوهان کي نصيحت ٿا ڪريون تہ بي قاعدي هلڻ وارن کي سمجهايو، ۽ جيڪي بي همت آهن، تن کي همتايو، هيڻن جي مدد ڪريو، سڀني سان ڏاڍي صبر سان گذاريو.

15 خبردار ڪوبہ ڪنهن سان بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪري؛ پر هميشہ هڪ ٻئي سان، ۽ سڀني سان، نيڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.

16 هر وقت خوش رهو؛

17 هميشہ دعا گهُرندا رهو؛

18 سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾ شڪرگذاري ڪريو: ڇالاءِ جو مسيح يسوع ۾ اوهان جي بابت خدا جي اها ئي مرضي آهي.

19 روح کي نہ دٻايو؛

20 نبوتن جي حقارت نہ ڪريو؛

21 سڀني ڳالهين کي آزمايو؛ جيڪا چڱي هجي، تنهن تي قائم رهو؛

22 هر طرح جي بديءَ کان پاسو ڪريو.

23 شل خدا، جو اطمينان بخشيندڙ آهي، اوهان کي پوريءَ طرح پاڪ ڪري؛ ۽ شل اوهان جو روح ۽ جان ۽ بدن، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي اچڻ تائين بي عيب ۽ سلامت رهي.

24 جنهن اوهان کي سڏيو آهي، سو سچو آهي ۽ اُهو ائين ئي ڪندو.

25 اي ڀائرو، اسان جي حق ۾ دعا گهُرو.

26 سڀني ڀائرن کي پاڪ چُمي ڏيئي سلام ڏجو.

27 خداوند جو قسم ڏيئي چوان ٿو تہ هي خط سڀني ڀائرن کي پڙهي ٻُڌائجو.

28 اسان جي خداوند يسوع مسيح جو فضل اوهان تي هجي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan