Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ٿسلونيڪين 4 - Sindhi Bible

1 تڏهن هاڻي، اي ڀائرو، اسين اوهان کي خداوند يسوع ۾ عرض ٿا ڪريون، ۽ نصيحت ٿا ڏيون، تہ جهڙيءَ طرح اوهان کي اسان کان مناسب هلت چلت ڪرڻ، ۽ خدا کي خوش ڪرڻ جي تعليم ملي، جهڙي طرح اوهين هلو بہ پيا، تهڙيءَ طرح شل اوهين ڏينهون ڏينهن وڌندا وڃو.

2 ڇالاءِ جو اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسان اوهان کي خداوند يسوع جي طرفان ڪهڙا ڪهڙا حڪم پهچايا.

3 جو خدا جي مرضي اِها آهي تہ اوهين پاڪ رهو: ۽ زناڪاريءَ کان پاسو ڪريو؛

4 ۽ اوهان مان هرڪو معلوم ڪري تہ پنهنجيءَ زال سان ڪهڙيءَ طرح پاڪيزگيءَ ۾ عزت سان گذاري؛

5 نہ شهوت جي جوش ۾، جيئن ڪ غير قوم وارا ڪندا آهن، جي خدا کي نٿا سڃاڻن؛

6 ۽ ڪوبہ ماڻهو انهيءَ نسبت ۾ پنهنجي ڀاءُ سان زيادتي نہ ڪري، ۽ نڪي ساڻس ٺڳي ڪري، ڇالاءِ جو خداوند انهن سڀني ڳالهين جو بدلو ڏيندو، جيئن ڪ اسان اڳي بہ اوهان کي چتايو آهي.

7 ڇالاءِ جو خدا اسان کي ناپاڪيءَ جي لاءِ نہ، پر پاڪيزگيءَ جي لاءِ سڏيو آهي.

8 تنهنڪري جيڪو هيءَ ڳالهہ رد ٿو ڪري، سو ماڻهوءَ کي رد نٿو ڪري پر خدا کي رد ٿو ڪري، جو پنهنجو پاڪ روح اوهان کي ڏئي ٿو.

9 پر ڀائرن جي محبت بابت اوهان ڏانهن ڪجهہ لکڻ جي ضرورت ڪانهي، ڇالاءِ جو اوهان کي هڪٻئي کي پيار ڪرڻ جي تعليم خدا کان ملي آهي؛

10 جيئن ڪ سچ پچ مڪدونيہ جي سڀني ڀائرن سان اوهين ڪريو بہ ٿا. پر اي ڀائرو، اسين اوهان کي منٿ ٿا ڪريون تہ اڃا بہ وڌندا وڃو؛

11 ۽ جيئن اسان اوهان کي تاڪيد ڪئي، تيئن ڪوشش ڪري صبر سان زندگي گذاريو، ۽ پنهنجو ڪم ڪار ڪريو ۽ پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪريو؛

12 تان تہ جيڪي ڪليسيا کان ٻاهر آهن تن کان عزت مليوَ ۽ ڪنهن جا بہ محتاج نہ ٿيو.

13 پر اي ڀائرو، اسان جي مرضي ناهي تہ جيڪي گذر ڪري ويا آهن، تن جي نسبت ۾ اوهين غير واقف رهو؛ تہ متان اوهين بہ انهن وانگر غمگين ٿيو، جن کي اُميد ئي ڪانهي.

14 ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اسان جو اعتقاد آهي تہ يسوع مري ويو ۽ وري جيئرو ٿي اُٿيو، تہ جيڪي يسوع جي ايمان ۾ گذري ويا آهن، تن کي بہ خدا وري ساڻس گڏ وٺي ايندو.

15 انهي ڪري اسين خداوند جي ڪلام موجب ٿا چئون، تہ اسين جي جيئرا آهيون ۽ خداوند جي اچڻ تائين ڇڏيا ويا آهيون، سي انهن کان، جي گذر ڪري ويا آهن، ڪنهن بہ طرح اڳتي ڪين ٿي وينداسين.

16 ڇالاءِ جو خداوند پاڻ آسمان مان وڏيءَ للڪار سان ۽ وڏي ملائڪ جي آواز سان لهندو ۽ خدا جي تري وڄندي؛ ۽ جيڪي مسيح جي ايمان ۾ گذر ڪري ويا آهن سي پهرين اُٿندا:

17 انهن کانپوءِ اسين جي جيئرا آهيون ۽ ڇڏيا ويا آهيون، سي اُنهن سان گڏ مٿي ڪڪرن ۾ کڄي وينداسين، انهي لاءِ تہ هوا ۾ خداوند جو استقبال ڪريون: اهڙيءَ طرح اسين هميشہ خداوند سان گڏ رهنداسين.

18 تنهنڪري اوهين انهن ڳالهين سان هڪٻئي کي تسلي ڏيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan