1.ٿسلونيڪين 3 - Sindhi Bible1 تنهنڪري جڏهن اسين زيادہ برداشت ڪري نہ سگهياسين، تڏهن اسان بهتر سمجهيو تہ اٿينس ۾ اڪيلا ئي رهجي وڃون؛ 2 ۽ تيمٿيس، جو اسان جو ڀاءُ، ۽ مسيح جي خوشخبريءَ ۾ خدا جو خادم آهي، تنهن کي موڪليوسين تہ اوهان کي قائم ڪري، ۽ اوهان جي ايمان جي نسبت ۾ اوهان کي تسلي ڏئي؛ 3 تان تہ انهن مصيبتن جي ڪري ڪنهن جي بہ دل هارجي نہ وڃي، جو اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ اسين انهيءَ جي لاءِ مقرر ٿيا آهيون. 4 بلڪ جڏهن اسين اوهان وٽ هئاسين، تڏهن اسان اوهان کي اڳيئي چيو هو تہ اسان کي مصيبت سَهڻي پوندي؛ جيئن ڪ سچ پچ ٿي چڪو، ۽ اوهان کي خبر بہ آهي. 5 انهي ڪري جڏهن آئون زيادہ برداشت نہ ڪري سگهيس، تڏهن اوهان جي ايمان جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ تيمٿيس کي موڪليم، تہ متان ڪنهن طرح آزمائڻ واري اوهان کي آزمايو هجي، ۽ اسان جو پورهيو ضايع ٿئي. 6 پر جڏهن هاڻي تيمٿيس اوهان وٽان ٿي اسان وٽ آيو، ۽ اوهان جي ايمان ۽ محبت جي چڱي خبر اسان کي ڏنائين، ۽ هيئن بہ چيائين تہ اوهين هميشہ اسان کي ياد پيا ڪريو ۽ اسان جي ڏسڻ جي گهڻي سڪ اٿوَ، جيئن ڪ اسان کي بہ اوهان جي آهي؛ 7 تڏهن، اي ڀائرو، اسان کي پنهنجي سڀ تڪليف ۽ مصيبت ۾، اوهان جي ايمان جي سببان، اوهان جي نسبت تسلي ملي. 8 ڇالاءِ جو هاڻي جيڪڏهن اوهين خداوند ۾ قائم رهندا، تہ ڄڻ اسين جيئرا رهنداسين. 9 ڇوتہ جيڪا خوشي اوهان جي لاءِ پنهنجي خدا جي اڳيان اسان کي حاصل ٿي آهي، انهيءَ جي لاءِ ڪهڙيءَ طرح خدا جي شڪرگذاري ادا ڪري سگهنداسين؛ 10 اسين رات ۽ ڏينهن تمام گهڻي دعا ٿا گهُرون تہ شل اوهان جو منهن ڏسون، ۽ اوهان جي ايمان ۾ جيڪا گهٽتائي هجي، سا پوري ڪريون. 11 هاڻي شل اسان جو پيءُ، ۽ اسان جو خداوند يسوع، اوهان تائين اسان جي رهبري ڪري: 12 ۽ خداوند اوهان جي محبت هڪٻئي لاءِ، ۽ سڀني ماڻهن لاءِ وڌائي زيادہ ڪري، جيئن ڪ اسان جي اوهان سان آهي؛ 13 انهي لاءِ تہ اُهو اوهان جي دلين کي اهڙو مضبوط ڪري جو جڏهن اسان جو خداوند يسوع پنهنجن سڀني پاڪ ٿيلن سان اچي، تڏهن اسان جي خدا پيءُ جي اڳيان اوهين پاڪيزگيءَ ۾ بي عيب هجو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society