1.ٿسلونيڪين 2 - Sindhi Bible1 ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسان جو اوهان وٽ اچڻ اجايو ڪين ٿيو؛ 2 پر اوهان کي اڳيئي خبر آهي تہ فلپيءَ ۾ ڏکن سهڻ ۽ بي عزت ٿيڻ کانپوءِ بہ، پنهنجي خدا ۾ همت جهلي مخالفت جو سامهون ڪري اسان اوهان کي خدا جي خوشخبري ٻُڌائي. 3 ڇالاءِ جو اسان جي نصيحت گمراہ ڪندڙ ناهي؛ نڪي ناپاڪ يا ٺڳيءَ واري آهي: 4 پر جيئن خدا اسان کي قبول ڪري، خوشخبري اسان جي حوالي ڪئي، تيئن اسين بہ بيان ٿا ڪريون؛ نہ ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ پر خدا کي، جو اسان جي دلين جو آزمائڻ وارو آهي. 5 ڇالاءِ جو اوهان کي خبر آهي تہ اسان ڪڏهن بہ خوشامد وارا لفظ ڪم نہ آندا آهن، نہ اُنهن کي لالچ جو پردو ڪيو اٿئون، ۽ انهيءَ جو خدا شاهد آهي؛ 6 جيتوڻيڪ اسين مسيح جا رسول ٿي اوهان تي بار وجهي ٿي سگهياسين، پر تڏهن بہ اسان ماڻهن کان عزت ڪانہ گهُري. 7 پر اسين اوهان منجهہ اهڙيءَ نرميءَ سان رهياسين، جهڙيءَ طرح ماءُ پنهنجن ٻارن کي پاليندي آهي. 8 اهڙيءَ طرح اسان کي اوهان جي ڏاڍي سڪ هئي، تنهنڪري نہ فقط اوهان کي خدا جي خوشخبري ڏيڻ لاءِ تيار هئاسين، پر پنهنجو ساهہ بہ ڏيڻ لاءِ تيار هئاسين، جو اوهين اسان کي ڏاڍا پيارا ٿي لڳا. 9 ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، اوهان کي اسان جي محبت ۽ مشقت ياد هوندي: جو اسان رات ڏينهن پورهيو ڪري اوهان کي خدا جي خوشخبري ٻُڌائي، تہ متان اوهان مان ڪنهن تي بوجو ٿي پئون. 10 اوهين پاڻ شاهد آهيو ۽ خدا بہ تہ ڪهڙيءَ طرح ايمان وارن سان اسين پاڪ، ۽ راستباز ۽ بي عيب ٿي هلياسين: 11 ۽ اوهين ڄاڻو ٿا تہ جهڙيءَ طرح ڪو پيءُ پنهنجن ٻارن سان هلندو آهي، تهڙيءَ طرح اسين بہ اوهان مان هرهڪ سان هلياسين؛ ۽ اوهان کي دلداري ڏيئي، اوهان کي همتايوسين ۽ نصيحت ڪئي سين؛ 12 انهي لاءِ تہ اوهين خدا جي لائق هلت چلت ڪريو؛ جو اوهان کي پنهنجيءَ بادشاهت ۽ جلال ۾ سڏي ٿو. 13 ۽ انهي سبب ڪري اسين بہ هميشہ خدا جو شڪر ٿا ڪريون تہ جڏهن اوهان کي اسان کان خدا جو پيغام مليو، تڏهن اوهان اُهو ماڻهن جو ڪلام نہ پر جيئن حقيقت ۾ آهي، تيئن خدا جو ڪلام سمجهي قبول ڪيو، ۽ اُهو اوهان ايمان وارن تي اثر ٿو ڪري. 14 ڇالاءِ جو اي ڀائرو، يسوع مسيح ۾ جيڪي خدا جون ڪليسيائون يهوديہ ۾ آهن، تن جا اوهين پوئلڳ ٿيا: هن ڪري جو اوهان بہ پنهنجن هم وطن ماڻهن کان ساڳيون اُهي تڪليفون سَٺيون، جي هنن يهودين کان سَٺيون؛ 15 ۽ جن خداوند يسوع کي توڙي نبين کي ماري وڌو، ۽ اسان کي بہ ستائي لوڌي ڪڍيائون، اُهي خدا کي نٿا وڻن ۽ سڀني ماڻهن جي برخلاف آهن؛ 16 ۽ اسان کي منع ٿا ڪن تہ غير قومن کي سندن نجات جي لاءِ ڪلام نہ ٻُڌايون؛ تہ ڀلي تہ هنن جي گناهن جا گهڙا هميشہ ڀرپور ٿيندا وڃن: پر انهن تي نهايت گهڻو غضب اچي ڪڙڪيو آهي. 17 پر اي ڀائرو، جڏهن اسين ٿوري عرصي جي لاءِ جسم جي ڪري، نہ دل جي ڪري، اوهان کان جدا ٿياسين، تڏهن ڏاڍي سڪ سان اوهان جي منهن ڏسڻ لاءِ نهايت گهڻي ڪوشش ڪئي سون. 18 انهي لاءِ اسان، يعني مون پولس، تہ هڪ ٻہ دفعا اوهان وٽ اچڻ جي خواهش بہ ڪئي؛ پر شيطان اسان کي روڪيو. 19 ڀلا اسان جي خداوند يسوع جي اڳيان سندس اچڻ وقت اُميد ۽ خوشي ۽ فخر جو تاج اوهين نہ ٿيندا تہ ٻيو ڪير ٿيندو؟ 20 ڇالاءِ جو اوهين اسان جو جلال ۽ اسان جي خوشي آهيو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society