Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.سموئيل 8 - Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سموئيل عمر رسيدہ ٿيو تڏهن هن پنهنجن پٽن کي اسرائيل جا قاضي مقرر ڪيو.

2 هاڻي هن جي پهرئين ڄاول پٽ جو نالو يوئيل هو؛ ۽ هن جي ٻئي پٽ جو نالو ابياہ هو: اُهي بيرسبع ۾ قاضي هئا.

3 ۽ هن جا پٽ هن جي نموني تي نہ هليا، پر جوفي جي پٺيان لڳي گمراهہ ٿي ويا، ۽ رشوتون وٺڻ لڳا، ۽ بي انصافي ڪرڻ لڳا.

4 تڏهن اسرائيل جا سڀ بزرگ گڏ ٿي رامہ ۾ سموئيل وٽ آيا:

5 ۽ هن کي چيائون تہ ڏس، تون عمر رسيدہ آهين، ۽ تنهنجا پٽ تنهنجي نموني تي نٿا هلن: هاڻي تون اسان کي ڪو بادشاهہ مقرر ڪري ڏي تہ اهو اسان تي حڪم هلائي، جيئن ٻين قومن لاءِ آهي.

6 پر انهي ڳالهہ سموئيل کي رنج ڪيو، جو هنن چيو تہ اسان کي ڪو بادشاهہ مقرر ڪري ڏي تہ اسان تي حڪم هلائي. ۽ سموئيل خداوند کان دعا گهري.

7 ۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ جيڪي بہ اهي ماڻهو توکي چون سو تون ڪر: ڇالاءِ جو هنن توکي رد نہ ڪيو آهي، پر هنن مون کي رد ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ آءٌ هنن جو بادشاهہ نہ ٿيان.

8 جنهن ڏينهن مون هنن کي مصر مان ڪڍي آندو تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هنن جيڪي ڪم ڪيا آهن، جو مون کي ڇڏي ڏنو اٿن، ۽ ٻين معبودن جي عبادت پئي ڪئي اٿن، سي توسان بہ ٿا ڪن.

9 تنهنڪري هاڻي انهن جي ڳالهہ مڃ: پر هنن کي سخت تاڪيد ڪر، ۽ ڏيکارين تہ ڪهڙي قسم جو بادشاهہ هنن تي حڪومت هلائيندو.

10 ۽ سموئيل خداوند جون اهي سڀ ڳالهيون اُنهن ماڻهن کي ٻڌايون جن بادشاهہ ٿي گهريو.

11 ۽ چيائين تہ جيڪو بادشاهہ اوهان تي حڪم هلائيندو سو هن قسم جو هوندو: اُهو اوهانجن پٽن کي وٺي پنهنجين گاڏين جي لاءِ پاڻ وٽ مقرر ڪندو، ۽ پنهنجن گهوڙن جي خدمت ڪرائيندو؛ ۽ ڪي سندس گاڏين جي اڳيان ڊوڙندا:

12 ۽ هو انهن کي پنهنجي لاءِ هزارن جو عملدار، ۽ پنجاهن جو عملدار مقرر ڪندو: ۽ ڪن کي هو پنهنجي زمين کيڙڻ لاءِ، ۽ پنهنجي فصل لڻڻ لاءِ، ۽ جنگ جي هٿيارن جوڙڻ لاءِ، ۽ پنهنجين گاڏين جي اوزارن جوڙڻ لاءِ رکندو.

13 ۽ هو اوهانجين ڌيئرن کي مٺاين جوڙڻ، ۽ طعام رڌڻ، ۽ مانين پچائڻ جي ڪم ۾ لڳائيندو.

14 ۽ هو اوهان جون ٻنيون، ۽ اوهان جا ڊاک جا منهہ، ۽ اوهان جا زيتونن جا باغ، جي تمام چڱا هوندا، سي وٺي پنهنجن ٻانهن کي ڏيئي ڇڏيندو.

15 هو اوهان جي اَن، ۽ اوهان جي ڊاک جي منهہ جو ڏهون حصو وٺي پنهنجن عملدارن کي ۽ پنهنجن ٻانهن کي ڏيندو.

16 ۽ هو اوهان جا ٻانها، ۽ اوهان جون ٻانهيون، ۽ اوهان جا خوبصورت جوان ماڻهو، ۽ اوهان جا گڏهہ وٺي پنهنجي ڪم آڻيندو.

17 هو اوهانجن گلن جو ڏهون حصو وٺندو: ۽ اوهين هن جا غلام ٿيندا.

18 ۽ اوهين جيڪو بادشاهہ پنهنجي لاءِ پسند ڪندا تنهن جي ڪري انهي ڏينهن اوهين دانهون ڪندا؛ ۽ خداوند اُنهي ڏينهن اوهان جو عرض قبول نہ ڪندو.

19 پر ماڻهن سموئيل جي ڳالهہ مڃڻ کان انڪار ڪيو؛ ۽ چوڻ لڳا تہ نہ؛ پر اسان کي ضرور پنهنجي مٿان بادشاهہ گهرجي؛

20 تہ اسين بہ ٻين قومن جهڙا ٿيون؛ ۽ اسان جو بادشاهہ اسان تي حڪم هلائي، ۽ اسان جي اڳيان نڪري هلي، ۽ اسانجين جنگين ۾ وڙهي.

21 ۽ سموئيل انهن ماڻهن جون سڀ ڳالهيون ٻڌي وري بہ خداوند جي ڪنن تي وڌيون.

22 ۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ هنن جي ڳالهہ مڃ، ۽ هنن کي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪري ڏي: تڏهن سموئيل اسرائيل جي ماڻهن کي چيو تہ اوهين سڀيئي پنهنجي پنهنجي شهر ڏي هليا وڃو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan