1.سموئيل 5 - Sindhi Bible1 هاڻي فلستين خدا جي صندوق هٿ ڪئي هئي، ۽ اها هنن ابن عزر مان کڻي اشدود ۾ آندي. 2 ۽ فلستين خدا جي صندوق کي دجون جي گهر آندو، ۽ دجون جي پاسي ۾ رکي ڇڏيائون. 3 ۽ جڏهن اشدود جا ماڻهو صبح جو سوير اُٿيا تڏهن ڏسن تہ خداوند جي صندوق جي اڳيان دجون منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو آهي. ۽ هنن دجون کي کڻي وري پنهنجي جاءِ تي ويهاريو. 4 ۽ جڏهن وري ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اُٿيا تڏهن ڏسن تہ دجون خداوند جي صندوق اڳيان منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو آهي؛ ۽ دجون جي سسي ۽ سندس هٿن جون ٻئي تريون در جي چانئٺ تي وڍيون پيون آهن؛ رڳو دجون جو ڌڙ باقي بچيل هو. 5 تنهنڪري نڪي دجون جا پوڄاري، نڪي ٻيا ماڻهو جي دجون جي گهر ۾ ايندا آهن، سي اڄ ڏينهن تائين اشدود ۾ دجون جي چانئٺ تي پير رکندا آهن. 6 پر خداوند جو هٿ اشدود جي ماڻهن تي ڳرو ٿيو، ۽ هن انهن کي ناس ڪري ڇڏيو، ۽ اشدود ۽ ان جي آس پاس وارين سرحدن کي ڳوڙهن جي مرضن سان ماريائين. 7 ۽ جڏهن اشدود جي ماڻهن ڏٺو تہ هي حال آهي تڏهن هنن چيو، تہ اسرائيل جي صندوق اسان وٽ نہ رهي: ڇالاءِ جو هن جي هٿ، اسان تي ۽ اسان جي معبود دجون تي، مصيبت وڌي آهي. 8 تنهنڪري هنن ماڻهو موڪلي فلستين جا سردار پاڻ وٽ گڏ ڪيا، ۽ چوڻ لڳا تہ اسرائيل جي خدا جي صندوق کي اسين ڇا ڪريون؟ ۽ هنن ورندي ڏني تہ اسرائيل جي صندوق کڻي جات ڏي پهچائي ڏيو. پوءِ هو اسرائيل جي خدا جي صندوق کڻي اُتي ويا. 9 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو اُها اُتان ڪڍي ويا، تڏهن خداوند جو هٿ شهر تي اهڙي سختي سان پيو جو منجهس تمام وڏي پريشاني پيئي: ۽ هن شهر جا سڀ ننڍا وڏا ماڻهو ماريا، ۽ ڳوڙهين جو مرض اچي منجهن پيو. 10 تڏهن هنن خدا جي صندوق عقرون ڏي موڪلي ڏني. ۽ هيئن ٿيو تہ جيئن خدا جي صندوق عقرون ۾ آئي، تيئن عقرونين رڙ ڪري چيو تہ هنن اسرائيل جي خدا جي صندوق اسان کي ۽ اسان جي قوم کي ماري وجهڻ لاءِ اسان وٽ آندي آهي. 11 تنهنڪري هنن ماڻهو موڪلي سڀ فلستين جا سردار گهرائي آڻي گڏ ڪيا، ۽ چيائون تہ اسرائيل جي خدا جي صندوق موڪلي ڏيو، ڀلي تہ پنهنجي اصلوڪي جاءِ تي وڃي، تہ اسان کي ۽ اسان جي قوم کي ماري نہ ڇڏي: ڇالاءِ جو سڄي شهر ۾ موت مار پريشاني پئجي ويئي هئي؛ خدا جو هٿ اُتي تمام ڳرو هو. 12 ۽ جيڪي ماڻهو مري نہ ويا، سي ڳوڙهين ۾ گرفتار هئا: ۽ شهر جي دانهن آسمان تائين چڙهي ويئي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society