1.سموئيل 4 - Sindhi Bible1 ۽ سموئيل جي ڳالهہ سڄي اسرائيل ۾ پهتي. هاڻي اسرائيلي فلستين سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري ويا، ۽ ابن عزر جي ويجهو وڃي تنبو هنيائون: ۽ فلستين پنهنجا تنبو افيق ۾ هنيا. 2 ۽ فلستين اسرائيلين جي سامهون صفون ٻڌيون: ۽ جڏهن هو وڙهڻ لاءِ ڳنڍجي پيا تڏهن اسرائيلين کي فلستين شڪست ڏني: ۽ جيڪو لشڪر ميدان ۾ هو تنهن مان هنن اٽڪل چار هزار ماڻهو ماريا. 3 ۽ جڏهن هو لشڪرگاهہ ۾ آيا تڏهن اسرائيل جي بزرگن چيو تہ ڇالاءِ خداوند اڄ اسان کي فلستين جي اڳيان شڪست ڏني آهي؟ اچو تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق سيلا ۾ کڻي اچون تہ اُها اسان منجهہ اچي، ۽ اسان کي اسانجن دشمنن جي هٿان ڇڏائي. 4 تڏهن انهن سيلا ڏي ماڻهو موڪليا، ۽ اُنهن اُتان لشڪرن جي خداوند جي عهدنامي جي صندوق آندي، جا ڪروبين تي رکيل آهي. ۽ عيليءَ جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس اُتي خدا جي عهدنامي جي صندوق سان هئا. 5 ۽ جڏهن خداوند جي عهدنامي جي صندوق لشڪرگاهہ ۾ آئي، تڏهن سڀني اسرائيلين اهڙي وڏي آواز سان رڙيون ڪيون جو زمين مان پڙلاءُ نڪرڻ لڳو. 6 ۽ جڏهن فلستين انهن رڙين جو آواز ٻڌو تڏهن چوڻ لڳا تہ عبرانين جي لشڪرگاهہ ۾ هيڏين وڏين رڙين جو مطلب ڇا آهي؟ ۽ ڄاتائون تہ خداوند جي صندوق لشڪرگاهہ ۾ آئي آهي. 7 ۽ فلستي ڊڄي ويا، ڇالاءِ جو هنن چيو تہ خدا لشڪرگاهہ ۾ آيو آهي. ۽ هنن چيو تہ اسان سان ويل ٿيو! ڇالاءِ جو هيستائين اهڙو حال ڪڏهن ڪونہ ٿيو. 8 اسان سان ويل ٿيو! هنن طاقت وارن معبودن جي هٿان اسان کي ڪير ڇڏائيندو؟ هي اُهي معبود آهن جن مصرين کي بيابان ۾ هر قسم جي آفتن سان شڪست ڏني. 9 اي فلستيو، مضبوط ٿيو، ۽ همت جهلي مردن وانگي هلت ڪريو، تہ عبرانين جا غلام نہ ٿيو، جيئن هو اوهان جا ٿيا آهن: مردن وانگي همت سان وڙهو. 10 ۽ فلستي اُٿي وڙهيا ۽ اسرائيلين شڪست کاڌي، ۽ اُهي سڀ ڀڄي پنهنجن تنبن ۾ آيا: ۽ ڏاڍو ڪوس ٿيو: ڇالاءِ جو اسرائيلين جا ٽيهہ هزار پيادا مارجي ويا. 11 ۽ خدا جي صندوق جهلجي ويئي، ۽ عيلي جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس مارجي ويا. 12 ۽ لشڪرن مان هڪڙو بنيمين جو ماڻهو اُنهي ڏينهن ڊوڙي سيلا ۾ آيو، جنهن جا ڪپڙا ڦاٽا پيا هئا، ۽ مٽي مٿي تي پيئي هيس. 13 ۽ جڏهن هو آيو، تڏهن ڏسو، عيلي رستي جي ڀر ۾ پنهنجي ڪرسيءَ تي منتظر ويٺو هو: ڇالاءِ جو هن جي دل خدا جي صندوق لاءِ پئي ڏڪي، ۽ جڏهن اُهو ماڻهو شهر ۾ آيو، ۽ اها خبر ٻڌايائين تڏهن سڄو شهر رڙيون ڪري روئڻ لڳو. 14 ۽ جڏهن عيلي روئڻ جو آواز ٻڌو تڏهن چوڻ لڳو تہ هن هل حشر جو مطلب ڇا آهي؟ ۽ انهيءَ ماڻهوءَ تڪڙو ٿي عيليءَ کي خبر ٻڌائي. 15 هاڻي عيلي اٺانوي ورهين جو هو؛ ۽ هن جي اکين ۾ اهڙو ڌنڌ هو جو هو ڏسي نٿي سگهيو. 16 ۽ اُنهي ماڻهوءَ عيلي کي چيو تہ آءٌ اُهو ماڻهو آهيان جو لشڪر مان ٿو اچان، ۽ اڄ ئي لشڪر مان ڀڳو آهيان. ۽ هن چيس تہ اي منهنجا پٽ، جنگ جو ڪهڙو حال آهي؟ 17 ۽ جنهن خبر آندي هئي تنهن ورندي ڏيئي چيس، تہ اسرائيلي فلستين جي اڳيان ڀڄي ويا، ۽ ماڻهن ۾ وڏو ڪوس ٿيو آهي، ۽ تنهنجا ٻئي پٽ، حفني ۽ فينحاس بہ مري ويا آهن، ۽ خدا جي صندوق بہ جهلجي ويئي آهي. 18 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن خدا جي صندوق جو نالو ورتو تڏهن هو پٺيرو پنهنجي ڪرسيءَ تان دروازي جي پاسي ڪري پيو، ۽ سندس ڪنڌ ڀڄي پيو ۽ مري ويو: ڇالاءِ جو هو ڪراڙو هو ۽ ڳرو هو؛ ۽ هو چاليهہ ورهيہ اسرائيل جو قاضي ٿي رهيو هو. 19 ۽ هن جي ننهن، فينحاس جي زال، پيٽ سان هئي ۽ ٻار ڄڻڻ تي هئي: ۽ جڏهن هن اها خبر ٻڌي تہ خدا جي صندوق جهلجي ويئي آهي، ۽ سندس سهرو ۽ سندس مڙس مري ويا آهن، تڏهن ڪنڌ جهڪايائين ۽ ٻار ڄڻي وڌائين؛ ڇالاءِ جو اچي سور لڳس. 20 ۽ مرڻ وقت جيڪي زالون وٽس بيٺيون هيون تن چيس تہ ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو تو پٽ ڄڻيو آهي، پر هن ورندي ڪانہ ڏني، نڪو انهي پاسي ڌيان ڏنائين. 21 ۽ هن ٻار جو نالو يڪبود رکيو، جو چيائين تہ اسرائيل مان جلال ويندو رهيو: ڇالاءِ جو خدا جي صندوق جهلجي ويئي ۽ سندس سهرو ۽ سندس مڙس مري ويا. 22 ۽ چوڻ لڳي تہ اسرائيل مان جلال ويندو رهيو؛ ڇالاءِ جو خدا جي صندوق جهلجي ويئي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society