1.سموئيل 3 - Sindhi Bible1 ۽ اهو ڇوڪر سموئيل عيليءَ جي اڳيان خداوند جي خدمت ڪندو هو، ۽ خداوند جو ڪلام انهن ڏينهن ۾ ڪامياب هو؛ ڪو ظاهر ظهور رويا نہ ٿيندو هو. 2 ۽ انهيءَ وقت هيئن ٿيو تہ جڏهن عيلي پنهنجي جاءِ تي ليٽيو پيو هو هاڻي هن جي اکين ۾ ڌنڌ ٿيڻ لڳو هو جنهنڪري هو ڏسي نہ سگهندو هو. 3 ۽ خداوند جو ڏيئو اڃا گل نہ ٿيو هو، ۽ سموئيل خداوند جي هيڪل، جتي خدا جي صندوق هئي، تنهن ۾ سمهيو پيو هو، 4 تہ خداوند سموئيل کي سڏ ڪيو: ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان. 5 ۽ هو ڊوڙي عيلي وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان ڇالاءِ جو تو مون کي سڏيو. تڏهن هن چيس تہ مون ڪونہ سڏيو؛ وري وڃي سمهہ، ۽ هو وڃي وري سمهي پيو. 6 ۽ وري بہ خداوند سڏ ڪري چيو تہ سموئيل. ۽ سموئيل اُٿي عيليءَ وٽ ويو، ۽ چيائينس تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان؛ ڇالاءِ جو تو مون کي سڏيو، تڏهن هن ورندي ڏني تہ منهنجا پٽ، مون ڪونہ سڏيو؛ وري وڃي سمهي رهہ. 7 هاڻي سموئيل اڃا خدا کي نہ سڃاڻندو هو، نڪي خدا جو ڪلام هن تي ظاهر ٿيو هو. 8 ۽ خداوند وري ٽيون ڀيرو سموئيل کي سڏيو، ۽ هو اُٿي عيليءَ وٽ ويو ۽ چيائينس تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان؛ ڇالاءِ جو تو مون کي سڏيو. تڏهن عيليءَ سهي ڪيو تہ خداوند هن ڇوڪر کي سڏيو آهي. 9 تنهنڪري عيليءَ سموئيل کي چيو تہ وڃي سمهي رهہ: ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هو توکي سڏي تہ تون چئج تہ اي خداوند حڪم ڪر، ڇالاءِ جو تنهنجو ٻانهو ٻڌي ٿو، ۽ سموئيل وڃي پنهنجي جاءِ تي ليٽي پيو. 10 ۽ خداوند اچي بيٺو ۽ اڳئين وانگر سڏ ڪري چيائين تہ سموئيل، سموئيل. تڏهن سموئيل چيو تہ حڪم ڪر؛ ڇالاءِ جو تنهنجو ٻانهو ٻڌي ٿو. 11 ۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ ڏس، آءٌ اسرائيل ۾ هڪڙو ڪم ڪندس، سو ٻڌي سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جا ڪن وڄڻ لڳندا. 12 انهي ڏينهن جيڪي عيليءَ جي گهراڻي جي نسبت ۾ مون چيو آهي سو شروع کان وٺي پڇاڙيءَ تائين انهي جي برخلاف پورو ڪندس. 13 ڇالاءِ جو مون هن کي چيو آهي تہ جنهن ڏوهہ جي کيس خبر آهي تنهن جي لاءِ آءٌ هميشہ تائين سندس گهراڻي کي سزا ڏيندس، ڇالاءِ جو هن جي پٽن پاڻ تي لعنت آندي، ۽ هن کين ڪين روڪيو. 14 ۽ تنهنڪري مون عيلي جي گهر سان قسم کنيو آهي، تہ عيلي جي گهراڻي جو ڏوهہ قربانيءَ يا نذراني سان بہ ڪڏهن معاف ڪين ٿيندو. 15 ۽ سموئيل صبح تائين سمهيو پيو هو، ۽ پوءِ اُٿي خداوند جي گهر جا در کوليائين. ۽ سموئيل عيلي کي انهي رويا جي بيان ڪري ٻڌائڻ کان ڊنو. 16 تڏهن عيليءَ سموئيل کي سڏيو، ۽ چيائينس تہ اي سموئيل، منهنجا پٽ: ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان. 17 ۽ هن چيس تہ اها ڳالهہ ڪهڙي آهي جا خداوند توکي ٻڌائي آهي؟ ڀلائي ڪري اُها مون کان نہ لڪاءِ. جيڪڏهن اُهي ڳالهيون جي خدا توکي چيون آهن تن سڀني مان ڪا مون کان لڪائيندين، تہ خدا شل توسان ائين ئي ڪري، بلڪ اِنهي کان بہ وڌيڪ. 18 ۽ سموئيل سڀ ڪجهہ هن کي ٻڌايو، ۽ هن کان ڪجهہ بہ نہ لڪايائين. ۽ هن چيو تہ اهو خداوند آهي: ڀلي اُنهي کي جيڪي وڻي سو ڪري. 19 ۽ سموئيل وڏو ٿيندو ويو، ۽ خداوند ساڻس هو، ۽ هن جي ڪابہ ڳالهہ اجائي نہ ٿيڻ ڏنائين. 20 ۽ ساري اسرائيل کي دان کان وٺي بيرسبع تائين خبر پئجي ويئي تہ سموئيل خداوند جو نبي مقرر ٿيو آهي. 21 ۽ خداوند وري بہ سيلا ۾ ظاهر ٿيو: ڇالاءِ جو خداوند پاڻ کي سموئيل تي سيلا ۾، خداوند جي ڪلام جي وسيلي ظاهر ڪيو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society