Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.سموئيل 27 - Sindhi Bible

1 ۽ دائود پنهنجي دل ۾ چيو تہ هاڻي هڪڙي ڏينهن آءٌ سائول جي هٿان ماريو ويندس: منهنجي لاءِ انهي کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي تہ ڀڄي فلستين جي ملڪ ۾ وڃان؛ ۽ سائول مون کان نااُميد ٿي وري مون کي اسرائيل جي ڪنهن بہ سرحد ۾ نہ ڳوليندو: انهيءَ طرح آءٌ سندس هٿان ڇٽي پوندس.

2 پوءِ دائود اُٿيو، ۽ جيڪي ڇهہ سؤ ماڻهو ساڻس هئا تن سميت لنگهي جات جي بادشاهہ معوڪ جي پٽ اڪيس وٽ ويو.

3 ۽ دائود ۽ سندس ماڻهو جات ۾ اڪيس سان رهڻ لڳا، ۽ هرهڪ ماڻهوءَ کي پنهنجو ڪٽنب ساڻ هو، يعني دائود پنهنجي پنهنجي زالن، اخي نوعم يزرعيلي، ۽ ابيجيل ڪرملڻ سان هو، جا نابال جي زال هئي.

4 ۽ سائول کي ٻڌايائون تہ دائود ڀڄي جات ڏي ويو آهي: ۽ هن وري انهي جي ڳولا نہ ڪئي.

5 ۽ دائود اڪيس کي چيو تہ جيڪڏهن هاڻي مون تنهنجي نظر ۾ مان لڌو آهي تہ ٻهراڙيءَ جي شهرن مان هڪڙي ۾ مون کي جاءِ ڏي تہ آءٌ اُتي رهان: ڇالاءِ جو تنهنجو ٻانهو ڇو شاهي شهر ۾ توسان گڏ رهي؟

6 تڏهن اڪيس انهيءَ ڏينهن هن کي صقلاج ڏنو: انهي ڪري صقلاج اڄ ڏينهن يهوداہ جي بادشاهن جو آهي.

7 ۽ جيڪي ڏينهن دائود فلستين جي ملڪ ۾ رهيو تن جو شمار هڪ ورهيہ ۽ چار مهينا هو.

8 پوءِ دائود پنهنجن ماڻهن سميت مٿي ويو، ۽ جسورين، ۽ جزرين، ۽ عماليقين تي ڪاهہ ڪيائين: ڇالاءِ جو اهي ئي قومون قديم وقت کان وٺي، شور ڏي ويندي مصر جي حد تائين، انهي ملڪ ۾ رهنديون هيون.

9 ۽ دائود انهي ملڪ کي فتح ڪيو، ۽ ڪوبہ مرد يا زال جيئرو نہ ڇڏيائين، ۽ رڍون، ۽ ڏاند، ۽ گڏهہ، ۽ اُٺ، ۽ ڪپڙا کڻي ويو؛ پوءِ موٽي اڪيس وٽ آيو.

10 ۽ اڪيس چيو تہ اڄ اوهان ڪيڏي ڪاهہ ڪئي هئي؟ تڏهن دائود چيس تہ يهوداہ جي ڏکڻ تي، ۽ يرحميلين جي ڏکڻ تي، ۽ قينين جي ڏکڻ تي.

11 ۽ دائود ڪنهن بہ مرد يا زال کي جيئرو ڇڏي جات ۾ ڪين آڻيندو هو، تہ متان هو سندس نسبت ۾ وڃي خبر ڏئي تہ دائود هيئن ڪ هيئن ڪيو، ۽ جيڪو وقت هو فلستين ۾ رهيو تنهن ۾ هن جي هلت اهڙي رهي.

12 ۽ اڪيس دائود تي ويساهہ آندو، ۽ چيائين تہ هو پنهنجي قوم اسرائيل ۾ بلڪل نفرت جهڙو ٿي پيو آهي؛ تنهنڪري هو هميشہ جي لاءِ منهنجو ٻانهو ٿيندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan