1.سموئيل 26 - Sindhi Bible1 ۽ زيفي سائول وٽ جبعہ ۾ آيا، ۽ چوڻ لڳا تہ حڪيلہ جو ٽڪر جو بيابان جي اڳيان آهي تنهن ۾ دائود پاڻ کي لڪايو نہ ويٺو آهي ڇا؟ 2 تڏهن سائول اُٿيو ۽ پاڻ سان اسرائيل جا ٽي هزار چونڊيل ماڻهو وٺي زيف جي بيابان ڏي ويو، انهي لاءِ تہ زيف جي بيابان ۾ دائود کي ڳولي. 3 ۽ سائول حڪيلہ جي ٽڪر تي وڃي تنبو هنيا، جو رستي سان بيابان جي اڳيان آهي: پر دائود بيابان ۾ رهيو پيو هو، ۽ جڏهن ڏٺائين تہ سائول سندس پٺيان بيابان ۾ آيو آهي، 4 تڏهن دائود جاسوس موڪلي خاطري ڪئي تہ سائول برابر آيو آهي يا نہ. 5 ۽ دائود اُٿيو، ۽ اُنهي هنڌ آيو جتي سائول جا تنبو لڳل هئا، ۽ دائود اُها جاءِ ڏٺي جتي سائول، ۽ سندس سپهہ سالار ابنير بن نير لٿل هئا: ۽ سائول گاڏين جي حد اندر سمهيو پيو هو، ۽ ماڻهو سندس چوڌاري تنبو هڻي لٿا پيا هئا. 6 تڏهن دائود اخيملڪ حتيءَ ۽ يوآب جي ڀاءُ، ضروياہ جي پٽ ابيشيءَ کي چيو، تہ مون سان ڪير گڏجي سائول وٽ لشڪرگاهہ ۾ لهي هلندو؟ تڏهن ابيشيءَ چيو تہ آءٌ توسان گڏجي هلندس. 7 پوءِ دائود ۽ ابيشيءَ رات جو اُنهن ماڻهن ۾ آيا: ۽ ڏسو، اُنهي مهل سائول گاڏين جي حد اندر ستو پيو هو، ۽ سندس نيزو سندس سيرانديءَ کان زمين ۾ کُتو پيو هو: ۽ ابنير ۽ لشڪر سندس چوڌاري ستو پيو هو. 8 تڏهن ابيشيءَ دائود کي چيو تہ خدا اڄ تنهنجو دشمن تنهنجي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو آهي، تنهنڪري هاڻي ڀلائي ڪري مون کي ڇڏ تہ آءٌ هن کي نيزي جي هڪڙي ئي ڌڪ سان ماري زمين ۾ ونڌي وجهان، ۽ ٻيو ڀيرو ڌڪ نہ هڻندوسانس. 9 ۽ دائود ابيشيءَ کي چيو تہ هن کي نہ مار: ڇالاءِ جو ڪير پنهنجو هٿ خداوند جي مسح ٿيل تي ڊگهيريندو ۽ بي گناهہ رهندو؟ 10 ۽ دائود چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، تہ خداوند پاڻ انهي کي ماري وجهندو؛ يا هن جي مرڻ جو ڏينهن اچي پهچندو؛ يا هو جنگ تي نڪرندو، ۽ مارجي ويندو. 11 خداوند ائين نہ ڪري تہ آءٌ خداوند جي مسح ٿيل تي پنهنجو هٿ ڊگهيريان: پر هاڻي آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ جيڪو نيزو سندس سيرانديءَ کان کُتل آهي سو، ۽ پاڻي جي صراحي کڻي اچ تہ هليا هلون. 12 پوءِ دائود اهو نيزو ۽ اُها پاڻي جي صراحي سائول جي سيرانديءَ کان کڻي ورتي؛ ۽ هو هليا ويا، ۽ کين ڪنهن بہ ڪونہ ڏٺو، نڪا ڪنهن کي خبر پيئي، نڪو ڪو جاڳيو: ڇالاءِ جو سڀ سُتا پيا هئا؛ جو خداوند وٽان گهري ننڊ اچي هنن تي پيئي هئي. 13 تڏهن دائود پرين پاسي لنگهي ويو، ۽ جبل جي چوٽيءَ تي وڃي بيٺو؛ سندن وچ ۾ گهڻو ويڇو هو: 14 ۽ دائود ماڻهن کي، ۽ ابنير بن نير کي، وڏي سڏ چيو تہ اي ابنير، تون جواب نٿو ڏين ڇا؟ تڏهن ابنير ورندي ڏيئي چيو تہ تون ڪير آهين جو بادشاهہ کي ٿو سڏين؟ 15 ۽ دائود ابنير کي چيو تہ تون بهادر مرد نہ آهين ڇا؟ اسرائيل ۾ تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ تڏهن ڇالاءِ تو پنهنجي ڌڻي بادشاهہ تي برابر پهرو نہ ڏنو آهي؟ ڇالاءِ جو ماڻهن مان هڪڙو تنهنجي ڌڻي بادشاهہ کي مارڻ لاءِ گهڙي آيو. 16 تو اهو ڪم چڱو نہ ڪيو آهي. خداوند جيئري جو قسم آهي تہ اوهين مرڻ جي لائق آهيو، ڇالاءِ جو اوهان پنهنجي ڌڻيءَ، خداوند جي مسح ٿيل جي نگهباني نہ ڪئي آهي. ۽ هاڻي ڏسو، بادشاهہ جو نيزو توڙي پاڻيءَ جي صراحي ڪٿي آهي جا سندس سيرانديءَ کان رکي هئي؟ 17 ۽ سائول دائود جو آواز سڃاتو، ۽ چوڻ لڳو تہ اي منهنجا پٽ دائود، اهو تنهنجو آواز آهي ڇا؟ ۽ دائود چيو تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ اهو منهنجو آواز آهي. 18 تڏهن هن چيو تہ ڇالاءِ منهنجو ڌڻي پنهنجي ٻانهي جي پٺيان ٿو پوي؟ مون ڇا ڪيو آهي؟ يا منهنجي هٿ ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟ 19 تنهنڪري هاڻي آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو ڌڻي بادشاهہ پنهنجي ٻانهي جي ڳالهہ ٻڌي. جيڪڏهن خداوند توکي چوري منهنجي برخلاف ڪيو آهي، تہ هڪڙو نذرانو قبول ڪر: پر جي اُهو انسان جو ڪم هجي تہ شل اُهي خداوند جي اڳيان لعنتي ٿين: ڇالاءِ جو اُنهن اڄ مون کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو آهي، انهي لاءِ تہ منهنجو خداوند جي ميراث ۾ ڪو حصو نہ رهي، ۽ مون کي چون ٿا تہ وڃ وڃي ٻين معبودن جي عبادت ڪر. 20 تنهنڪري هاڻي ائين نہ ٿئي تہ منهنجو رت خداوند جي حضور کان پري زمين تي ڪري: ڇالاءِ جو اسرائيل جو بادشاهہ هڪڙي ڪارڙي جي ڳولا ۾ نڪتو آهي، ۽ ڄڻ تہ ڪو ماڻهو هڪڙي تتر جي شڪار لاءِ جبل تي آيو آهي. 21 تڏهن سائول چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: اي منهنجا پٽ دائود، تون موٽي اچ: ڇالاءِ جو آءٌ توکي اڳتي نقصان ڪونہ رسائيندس، جو اڄ منهنجي حياتي تنهنجي نظر ۾ قيمتي هئي: ڏس، مون بيوَقوفي ڪئي آهي، ۽ ڏاڍي غلطي ڪئي اٿم. 22 ۽ دائود ورندي ڏيئي چيو تہ اي بادشاهہ، هي نيزو ڏس، جوان ماڻهن مان هڪڙي کي موڪل تہ کڻي وڃي. 23 ۽ خداوند پاڻهي ئي سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي سچائي ۽ ايمانداريءَ جو بدلو ڏيندو: ڇالاءِ جو خداوند اڄ توکي منهنجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، پر مون خداوند جي مسح ڪيل تي پنهنجو هٿ ڊگهو ڪرڻ نہ گهريو. 24 ڏس، جيئن اڄ تنهنجي حياتي منهنجي نظر ۾ قيمتي هئي، تيئن ڀلي منهنجي حياتي بہ خداوند جي نظر ۾ قيمتي هجي، ۽ اُهو مون کي سڀني تڪليفن کان بچائي. 25 تڏهن سائول دائود کي چيو تہ اي منهنجا پٽ دائود، شل تون برڪت وارو هجين: تون وڏا وڏا ڪم ڪندين، ۽ ضرور فتحياب ٿيندين. پوءِ دائود پنهنجو رستو ڏيئي هليو ويو، ۽ سائول موٽي پنهنجي جاءِ ڏي ويو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society