1.سموئيل 23 - Sindhi Bible1 ۽ هنن دائود کي خبر ڏني تہ ڏس، فلستي قعيلہ سان ٿا وڙهن، ۽ اَن ڳاهڻ جي پِڙن تي ڦرلٽ ٿا ڪن. 2 تنهنڪري دائود خداوند کان پڇيو تہ آءٌ وڃي انهن فلستين کي ماريان يا نہ؟ ۽ خداوند دائود کي چيو تہ وڃ ۽ وڃي فلستين کي مار، ۽ قعيلہ کي بچاءِ 3 ۽ دائود جي ماڻهن کيس چيو تہ ڏس، اسين هت يهوداہ ۾ ڊنا ويٺا آهيون: سو جيڪڏهن فلستين سان وڙهڻ جي لاءِ قعيلہ ڏي وينداسين تہ اسان کي ڪيترو نہ وڌيڪ ڊپ ٿيندو؟ 4 تڏهن دائود وري خداوند کان پڇيو، ۽ خداوند کيس جواب ڏنو تہ اُٿ، قعيلہ ڏي لهي وڃ؛ ڇالاءِ جو آءٌ فلستي تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس. 5 ۽ دائود ۽ سندس ماڻهو قعيلہ ڏي وڃي فلستين سان وڙهيا، ۽ انهن جو چوپايو مال آندائون، ۽ اُنهن ۾ ڏاڍو ڪوس وڌائون. انهي طرح دائود قعيلہ جي ماڻهن کي بچايو. 6 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ابي ياتر بن اخيملڪ قعيلہ ڏي دائود ڏانهن ڀڳو هو، تڏهن هو پاڻ سان هڪڙو افود کڻي آيو هو. 7 ۽ سائول کي خبر ملي تہ دائود قعيلہ ۾ آيو آهي. ۽ سائول چيو تہ خدا هن کي منهنجي چنبي ۾ آڻي وڌو آهي؛ ڇالاءِ جو هو اهڙي شهر ۾ اچي گهڙيو آهي جنهن کي دروازا ۽ گز آهن، تنهنڪري هو هاڻ بند ۾ آهي. 8 ۽ سائول سڀني ماڻهن کي جنگ لاءِ سڏيو تہ قعيلہ ڏي لهي دائود ۽ سندس ماڻهن کي گهيرو ڪن. 9 ۽ دائود کي خبر پيئي تہ سائول کيس نقصان پهچائڻ جي رٿ پيو ڪري: ۽ هن ابي ياتر ڪاهن کي چيو تہ افود کڻي اچ. 10 تڏهن دائود چيو تہ اي خداوند، اسرائيل جا خدا، تنهنجي ٻانهي پڪ ٻڌو آهي تہ سائول منهنجي ڪري قعيلہ کي چٽ ڪرڻ جي لاءِ هيڏي اچڻ ٿو گهري. 11 قعيلہ جا ماڻهو مون کي هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندا ڇا؟ جيئن اُنهن جي ٻانهي ٻڌو آهي تيئن سائول هيڏي ايندو ڇا؟ اي خداوند اسرائيل جا خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي ٻانهي کي اها خبر ڏي: ۽ خداوند فرمايو تہ هو ايندو. 12 تڏهن دائود چيو تہ قعيلہ جا ماڻهو مون کي، ۽ منهنجي ماڻهن کي سائول جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندا ڇا؟ ۽ خداوند فرمايو تہ هو توکي هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندا. 13 تڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو، جي اٽڪل ڇهہ سؤ هئا، سي اُٿيا ۽ قعيلہ مان نڪتا ۽ جيڏي وڃي سگهيا اوڏي ويا. ۽ سائول کي خبر پيئي تہ دائود قعيلہ مان ڀڄي ويو، تڏهن هو اُتي ڪونہ ويو. 14 ۽ دائود بيابان ۾ مضبوط قلعن ۾ رهڻ لڳو ۽ زيف جي بيابان واري ڪوهستان ۾ رهي پيو. ۽ سائول ڏهاڙي هن جي ڳولا پئي ڪئي، پر خدا کيس سندس هٿن ۾ نہ ڏنو. 15 ۽ دائود ڏٺو تہ سائول سندس جان جي پٺيان آهي: ۽ دائود زيف جي بيابان ۾ ٻيلي منجهہ هو. 16 ۽ سائول جو پٽ يونتن اُٿيو، ۽ ٻيلي ۾ دائود وٽ ويو، ۽ خدا ۾ سندس هٿ مضبوط ڪيائين. 17 ۽ هن کي چيائين تہ ڊڄ نہ: ڇالاءِ تہ منهنجي پيءُ سائول جو هٿ توکي نہ لهندو، ۽ تون اسرائيل جو بادشاهہ ٿيندين، ۽ توکان پوءِ منهنجو درجو ٿيندو؛ ۽ انهي جي بہ منهنجي پيءُ کي خبر آهي. 18 ۽ انهن ٻنهي خداوند جي اڳيان پاڻ ۾ عهد اقرار ڪيو: ۽ دائود ٻيلي ۾ رهجي پيو، ۽ يونتن پنهنجي گهر هليو ويو. 19 تنهن کان پوءِ زيف جا ماڻهو جبعہ ۾ سائول وٽ آيا ۽ چيائونس، تہ حڪيلہ جو ٽڪر، جو بيابان جي ڏکڻ ۾ آهي، تنهن جي ٻيلي وارن مضبوط قلعن ۾ دائود پاڻ کي نٿو لڪائي ڇا؟ 20 تنهنڪري اي بادشاهہ، هاڻي پنهنجي دل جي پوري خواهش موجب لهي اچ؛ ۽ اهو اسان جو ذمو آهي تہ اسين هن کي بادشاهہ جي هٿن ۾ آڻي وجهنداسين. 21 ۽ سائول چيو تہ شل خداوند جي برڪت اوهان تي هجي: ڇالاءِ جو اوهان مون تي رحم ڪيو آهي. 22 ڀلائي ڪري وڃو ۽ وڃي زيادہ پڪ ڪريو، ۽ جتي هو اڪثر رهي ٿو، اُهو هنڌ ڏسو، ۽ خبر رکو تہ ڪنهن هن کي اُتي ڏٺو آهي: ڇالاءِ جو مون کي ٻڌايو اٿن تہ هو ڏاڍي پڪائي سان ٿو هلي. 23 تنهنڪري ڏسو ۽ هن جي لڪڻ جون سڀ جايون معلوم ڪريو، ۽ وري اچي مون کي پڪ ڏيو، تہ پوءِ آءٌ اوهان سان گڏجي هلندس: ۽ هيئن ٿيندو تہ جي هو انهي ملڪ ۾ هوندو، تہ يهوداہ جي سڀني هزارن مان بہ آءٌ هن کي ڳولي ڪڍندس. 24 ۽ هو اُٿيا ۽ زيف ڏانهن سائول کان پهرين ويا: پر دائود ۽ سندس ماڻهو معون جي بيابان ۾ هئا، جو ڏکڻ جي ميدان ۾ آهي. 25 ۽ سائول ۽ سندس ماڻهو هن کي ڳولڻ ويا. ۽ اُنهن دائود کي ٻڌايو: جنهنڪري هو اُنهي ٽڪر وٽ آيو، ۽ معون جي بيابان ۾ رهڻ لڳو: ۽ جڏهن سائول اهو ٻڌو تڏهن هو معون جي بيابان ۾ دائود جي پٺيان پيو 26 ۽ سائول جبل جي هڪڙي پاسي هليو ويو، ۽ دائود پنهنجن ماڻهن سميت جبل جي ٻئي پاسي هليو ويو: ۽ دائود سائول جي ڊپ کان تڪڙو تڪڙو هلڻ لڳو؛ ڇالاءِ جو سائول ۽ سندس ماڻهن، دائود ۽ سندس ماڻهن کي پڪڙڻ جي لاءِ اچي هنن کي چوڌاري وڪوڙيو هو. 27 پر سائول وٽ هڪڙو قاصد آيو، جنهن اچي چيس تہ جلدي ڪري هل؛ ڇالاءِ جو فلستين ملڪ تي ڪاهہ ڪئي آهي. 28 تنهنڪري سائول دائود جي پٺيان پوڻ کان موٽي فلستين تي ڪاهي ويو: انهي سبب هنن انهي هنڌ جو نالو سلع همخلقوت (بچي نڪرڻ جو ٽڪر) رکيو. 29 پوءِ دائود اُتان چڙهي ويو ۽ عين جديءَ جي مضبوط قلعن ۾ وڃي رهڻ لڳو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society