1.سموئيل 20 - Sindhi Bible1 ۽ دائود رامہ واري نيوت مان ڀڄي نڪتو ۽ يونتن وٽ آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ مون ڇا ڪيو آهي؟ منهنجو ڪهڙو ڏوهہ آهي؟ ۽ تنهنجي پيءُ جي نظر ۾ منهنجو ڪهڙو گناهہ آهي جو هو مون کي مارڻ ٿو چاهي؟ 2 ۽ هن چيس تہ خدا پناهہ رکي؛ تون ڪين مرندين: ڏس، منهنجو پيءُ ڪوبہ اهڙو وڏو يا ننڍو ڪم نہ ڪندو آهي، جو مون کي نہ ٻڌائيندو آهي: ۽ منهنجو پيءُ مون کان اها ڳالهہ ڇو لڪائيندو؟ ائين ڪين آهي. 3 تڏهن وري دائود قسم کڻي چيو تہ تنهنجي پيءُ کي پڪ خبر آهي تہ تنهنجي مون تي مهربانيءَ جي نظر آهي؛ ۽ هو چوي ٿو تہ يونتن کي انهي جي خبر نہ پوي تہ چڱو، تہ ڏک نہ ٿئيس: پر خداوند جيئري جو قسم، ۽ تنهنجي جان جو قسم، تہ يقيناً منهنجي ۽ موت جي وچ ۾ فقط هڪڙو قدم آهي: 4 تڏهن يونتن دائود کي چيو تہ جيئن تنهنجي دل چوندي تيئن آءٌ تنهنجي لاءِ ڪندس. 5 ۽ دائود يونتن کي چيو تہ ڏس، سڀاڻي نئون چنڊ آهي، ۽ ضرور آهي تہ آءٌ بادشاهہ سان گڏجي ماني کاوان: پر مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان، ۽ ٽئين ڏينهن جي شام تائين پاڻ کي جهنگ ۾ وڃي لڪايان. 6 جيڪڏهن تنهنجو پيءُ منهنجي پڇاڳاڇا ڪري، تہ تون چئج تہ دائود ڏاڍي زور سان پنهنجي شهر بيت لحم ڏي وڃڻ جي موڪل گهري: ڇالاءِ جو اُتي سندس خاندان جي لاءِ سالياني قرباني ٿيڻي آهي. 7 جيڪڏهن هو چوندو تہ چڱو، تہ پوءِ تنهنجو ٻانهو صحيح سلامت رهندو: پر جي هو ڪاوڙيو، تہ پوءِ ڄاڻج تہ هن ڪنهن خرابي ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي. 8 تنهنڪري پنهنجي ٻانهي سان مهرباني جي رستي هل؛ ڇالاءِ جو تو پنهنجي ٻانهي سان خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيو آهي: پر جي مون ۾ گناهہ هجي تہ مون کي ڀلي قتل ڪري ڇڏ؛ پر ڇالاءِ تون مون کي پنهنجي پيءُ وٽ وٺي ٿو هلين؟ 9 تڏهن يونتن چيس تہ اها ڳالهہ شل توکان پري رهي، ڇالاءِ جو جيڪڏهن مون کي خبر هجي تہ منهنجي پيءُ جي مرضي توکي خرابي پهچائڻ جي آهي، تہ جيڪر آءٌ توکي نہ ٻڌايان ڇا؟ 10 تڏهن دائود يونتن کي چيو تہ جي تنهنجو پيءُ توکي سخت جواب ڏئي تہ مون کي ڪير اچي ٻڌائيندو؟ 11 يونتن دائود کي چيو تہ ٻنيءَ ڏي هلون. پوءِ هو ٻئي ٻنيءَ ڏي نڪري ويا. 12 ۽ يونتن دائود کي چيو تہ خداوند، اسرائيل جو خدا شاهد آهي؛ جڏهن سڀاڻي يا پرينهن هن وقت پنهنجي پيءُ جو سماءُ وٺي رهندس تڏهن جي تنهنجي حق ۾ ڪا چڱائي هوندي، تہ توکي ماڻهو موڪلي اُها خبر ظاهر ڪري نہ ٻڌائيندس ڇا؟ 13 خداوند يونتن سان شل ائين ئي ڪري، بلڪ انهي کان بہ وڌيڪ ڪري، بشرطيڪ منهنجي پيءُ جي توسان برائي ڪرڻ جي مرضي هوندي ۽ آءٌ اُها توکي ظاهر ڪري نہ ٻڌائيندس، ۽ توکي روانو نہ ڪري ڇڏيندس تہ صحيح سلامت هليو وڃين: ۽ خداوند توسان هجي، جيئن ڪ هو منهنجي پيءُ ساڻ رهيو آهي. 14 ۽ جيستائين آءٌ جيئرو رهندس نہ رڳو تيستائين تون خداوند جي مهرباني مون کي ڏيکارج، تہ آءٌ مري نہ وڃان: 15 پر تون منهنجي گهر تان بہ ڪڏهن پنهنجي مهرباني لاهي نہ ڇڏج، بلڪ ڪڏهن بہ نہ، جيسين ڪ خداوند دائود جي سڀني دشمنن کي ساريءَ زمين تان وڍي ڇڏي. 16 انهي طرح يونتن دائود جي گهراڻي سان عهد اقرار ڪيو، ۽ چيائين تہ خداوند دائود جي دشمنن کان انهي جو بدلو وٺندو. 17 ۽ يونتن دائود کان انهي محبت خاطر جا هن سان هيس وري بہ قسم کڻايو: ڇالاءِ جو هو انهي کي پنهنجي ساهہ جهڙو پيار ڪندو هو. 18 تڏهن يونتن چيس تہ سڀاڻي نئون چنڊ آهي، ۽ تنهنجي پڇا ٿيندي، ڇالاءِ جو تنهنجي جاءِ خالي هوندي. 19 ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ جلد روانو ٿجانءِ، ۽ اُنهيءَ هنڌ اچجانءِ جتي تو پاڻ کي انهي ڏينهن وڃي لڪايو هو، جنهن ڏينهن ڪم هٿ ۾ هو، ۽ ازيل پٿر جي ڀر ۾ ترسجانءِ. 20 ۽ آءٌ انهي پاسي ٽي تير هڻندس، ڄڻ تہ نشان ٿي چُٽيم. 21 ۽ ڏس آءٌ ڇوڪر کي موڪليندس ۽ چوندوسانس تہ وڃي تير ڳولي هٿ ڪر. جيڪڏهن آءٌ ڇوڪر کي چوان تہ ڏس، تير تنهنجي هن پاسي آهن: تہ پوءِ تون اُهي کڻي اچج: ڇالاءِ جو خداوند جيئري جو قسم تہ تنهنجي لاءِ سلامتي آهي ۽ ڪوبہ نقصان ڪونهي. 22 پر جيڪڏهن آءٌ ڇوڪر کي چوان تہ ڏس، تير تنهنجي پريان آهن: پوءِ تون پنهنجو رستو وٺي هليو وڃج؛ ڇالاءِ جو خداوند توکي روانو ڪري ڇڏيو آهي. 23 باقي جنهن ڳالهہ بابت تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ذڪر هليو آهي، تنهن جي لاءِ خداوند هميشہ واسطي تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ آهي. 24 اُن موجب دائود پاڻ کي وڃي ٻنيءَ ۾ لڪايو: ۽ جڏهن نئون چنڊ آيو تڏهن بادشاهہ ماني کائڻ ويٺو. 25 ۽ بادشاهہ پنهنجي دستور موجب ڪرسيءَ تي ويٺو، يعني اُنهي ڪرسيءَ تي جا ڀت جي پاسي ۾ هوندي هئي؛ ۽ يونتن بيهي رهيو، ابنير سائول جي ڀرسان ويهي رهيو: پر دائود جي جاءِ خالي هئي. 26 انهي هوندي بہ سائول انهي ڏينهن ڪي ڪين ڪُڇيو: ڇالاءِ جو هن ڀانئيو تہ هن سان ڪو اتفاق ٿيو آهي، شايد هو ناپاڪ ٿي پيو آهي؛ پڪ آهي تہ هو ناپاڪ آهي. 27 ۽ نئين چنڊ کان پوءِ ٻئي ڏينهن صبح جو بہ دائود جي جاءِ خالي هئي: تڏهن سائول پنهنجي پٽ يونتن کي چيو تہ ڪهڙي سبب يسيءَ جو پٽ نہ ڪالهہ ماني کائڻ آيو نہ اڄ؟ 28 ۽ يونتن سائول کي ورندي ڏيئي چيو تہ دائود ڏاڍي نيزاري سان مون کان بيت لحم ڏي وڃڻ جي موڪل گهري هئي: 29 ۽ هن چيو تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي وڃڻ ڏي؛ ڇالاءِ جو اسان جي گهراڻي کي شهر ۾ هڪڙي قرباني ڪرڻي آهي؛ ۽ منهنجي ڀاءُ مون کي اُتي حاضر رهڻ جو حڪم ڏنو آهي: ۽ هاڻي جيڪڏهن تنهنجي مون تي مهربانيءَ جي نظر ٿئي تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان ۽ پنهنجن ڀائرن کي ڏسان. تنهنڪري هو بادشاهہ جي ميز تي نہ آيو آهي. 30 تڏهن سائول جي ڪاوڙ يونتن تي ڀڙڪڻ لڳي، ۽ هن کي چوڻ لڳو تہ اي ضدي ۽ باغي زال جا پٽ، مون کي اها خبر ناهي ڇا تہ تو انهي يسيءَ جي پٽ کي پنهنجي شرمندگي، ۽ پنهنجي ماءُ جي شرمندگيءَ جي ڪري پسند ڪيو آهي؟ 31 ڇالاءِ جو جيسين يسي جو پٽ زمين تي جيئرو رهندو تيسين نڪي تون پاڻ، نڪي تنهنجي حڪومت قائم رهندي. تنهنڪري هاڻي جلد هن کي گهرائي مون تائين آڻ، ڇاڪاڻ تہ هن جو مرڻ ضرور آهي. 32 ۽ يونتن پنهنجي پيءُ سائول کي ورندي ڏيئي چيو تہ ڇو هن کي قتل ڪرڻ گهرجي؟ هن ڇا ڪيو آهي؟ 33 تڏهن سائول هن کي مارڻ لاءِ پنهنجو نيزو اُڇلائي هنيو: انهي مان يونتن سمجهيو تہ پڻس دائود کي مارڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي. 34 پوءِ يونتن ڏاڍو ڪاوڙجي ميز تان اُٿيو، ۽ مهيني جي انهي ٻئي ڏينهن ماني ڪانہ کاڌائين: ڇالاءِ جو هن کي دائود جي ڳڻتي جي لاءِ ڏک هو، جو پڻس هن کي شرمندو ڪيو هو. 35 ۽ صبح جو هيئن ٿيو تہ دائود سان ٺهرايل وقت تي يونتن هڪڙو ننڍو ڇوڪر پاڻ سان وٺي ٻنيءَ ڏي نڪري ويو. 36 ۽ هن انهي ڇوڪر کي چيو تہ جيڪي تير آءٌ هڻان ٿو سي ڊوڙي وڃي کڻي اچ، ۽ جيئن هو ڇوڪر ڊوڙڻ لڳو، تڏهن هن کانئس اڳي تير اُڇلايو. 37 ۽ جڏهن اُهو ڇوڪر اُنهي هنڌ آيو، جتي يونتن تير اُڇلايو هو، تڏهن يونتن اُنهي ڇوڪر کي سڏ ڪري چيو تہ اهو تير تنهنجي پريان نہ پيو آهي ڇا؟ 38 ۽ يونتن ڇوڪر کي وڏي سڏ چيو تہ جلدي ڪر، تڪڙو ٿي ترس نہ. ۽ يونتن جو ڇوڪر تير گڏ ڪري پنهنجي ڌڻيءَ وٽ هليو آيو. 39 پر ڇوڪر کي ٻي وچ جي ڳالهہ جي خبر ڪانہ هئي: رڳو يونتن ۽ دائود کي اها خبر هئي. 40 ۽ يونتن پنهنجا هٿيار انهي ڇوڪر کي ڏنا ۽ چيائينس تہ اهي شهر ڏي کڻي وڃ. 41 جڏهن ڇوڪر هليو ويو تڏهن دائود ڏکڻ واري هنڌان اُٿيو، ۽ ٽي ڀيرا زمين تي منهن رکي سجدو ڪيائين: پوءِ هنن هڪٻئي کي چُميو، ۽ هڪٻئي سان رُنو، پر دائود حد ڪري چڪو. 42 ۽ يونتن دائود کي چيو تہ خير سان روانو ٿي، ڇالاءِ جو اسان ٻنهي خداوند جي نالي جو قسم کنيو آهي، ۽ چيو اٿئون تہ خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ منهنجي اولاد ۽ تنهنجي اولاد جي وچ ۾، هميشہ لاءِ رهندو. پوءِ هو اُٿي روانو ٿيو: ۽ يونتن شهر ڏي ويو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society