Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.سموئيل 19 - Sindhi Bible

1 ۽ سائول پنهنجي پٽ يونتن، ۽ پنهنجن سڀني نوڪرن کي چيو تہ دائود کي ماري وجهو.

2 پر سائول جي پٽ يونتن کي دائود گهڻو وڻندو هو. ۽ يونتن دائود کي وڃي ٻڌايو تہ منهنجو پيءُ توکي مارائڻ ٿو گهري: تنهنڪري هاڻي آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ صبح جو پنهنجي سنڀال رکج، ۽ ڪنهن ڳجهيءَ جاءِ ۾ وڃي رهج ۽ پاڻ کي لڪائج:

3 ۽ جنهن ٻنيءَ ۾ تون آهين تنهن ۾ آءٌ وڃي پنهنجي پيءُ جي پاسي ۾ بيهندس، ۽ تنهنجي بابت پنهنجي پيءُ سان ذڪر ڪندس؛ ۽ جيڪڏهن مون کي ڪي ڏسڻ ۾ آيو تہ توکي ٻڌائيندس.

4 ۽ يونتن پنهنجي پيءُ سائول وٽ وڃي دائود جي تعريف ڪئي، ۽ چيائينس تہ بادشاهہ پنهنجي ٻانهي، يعني دائود جي حق ۾ گناهہ نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو هن تنهنجي حق ۾ ڪوبہ گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، ۽ هن تنهنجي لاءِ تمام چڱا ڪم پئي ڪيا آهن:

5 ڇالاءِ جو هن پنهنجو ساهہ تري تي رکي هن فلستيءَ کي ماريو، ۽ خداوند ساري اسرائيل کي هڪڙي وڏي فتح حاصل ڪرائي: تو پاڻ اها ڏٺي ۽ خوشي ظاهر ڪئي: تڏهن ڇو هن بيگناهہ جو رت هارڻ ٿو گهرين ۽ بي سبب هن کي مارائڻ ٿو گهرين؟

6 ۽ سائول يونتن جي ڳالهہ ٻڌي: ۽ سائول خداوند جيئري جو قسم کڻي چيو تہ هو قتل ڪونہ ڪيو ويندو.

7 تڏهن يونتن دائود کي سڏايو، ۽ اُهي سڀ ڳالهيون هن کي بيان ڪري ٻڌايائين. پوءِ يونتن دائود کي سائول وٽ وٺي آيو، ۽ اڳي وانگر هو سندس حاضريءَ ۾ رهڻ لڳو.

8 ۽ وري جنگ لڳي: ۽ دائود نڪري وڃي فلستين سان وڙهيو، ۽ انهن ۾ وڏو ڪوس وڌائين؛ ۽ هو سندس اڳيان اُٿي ڀڳا.

9 پر هڪڙو بدروح خداوند وٽان سائول تي آيو ۽ انهي مهل هو پنهنجي گهر ۾ نيزو هٿ ۾ کنيو ويٺو هو؛ ۽ دائود پنهنجي هٿ سان ساز ويٺي وڄايو.

10 ۽ سائول جي مرضي هئي تہ دائود کي ڀت آڏو نيزي سان ونڌي؛ پر هو سائول جي اڳيان کسڪي نڪري ويو، ۽ نيزو وڃي ڀت ۾ لڳو: ۽ دائود انهي رات ڀڄي ويو، ۽ بچي نڪتو.

11 ۽ سائول دائود جي گهر قاصد موڪليا تہ انهي جي جاچ ڪن، ۽ صبح جو انهي کي ماري وجهن: ۽ دائود جي زال ميڪل کيس چيو تہ جي اڄ رات تون پنهنجي جان نہ بچائيندين، تہ سڀاڻي تون قتل ٿيندين.

12 پوءِ ميڪل دائود کي دريءَ مان هيٺ لاهي ڇڏيو، ۽ هو هليو ويو، ۽ ڀڄي جند ڇڏايائين.

13 ۽ ميڪل خانگي بت کڻي هنڌ ۾ رکيو، ۽ ٻڪرين جي ڏاس جو وهاڻو انهي جي مٿي وٽ رکيائين ۽ انهي کي وري ڪپڙن سان ڍڪي ڇڏيائين.

14 ۽ جڏهن سائول دائود جي پڪڙڻ لاءِ قاصد موڪليا تڏهن ميڪل چيو تہ هو بيمار آهي.

15 ۽ سائول دائود جي ڏسڻ لاءِ قاصد موڪليا، ۽ انهن کي چيائين تہ هن کي هنڌ ۾ پيل ئي کڻي اچو تہ آءٌ هن کي قتل ڪريان.

16 ۽ جڏهن قاصد اندر لنگهي آيا تڏهن ڏسو تہ بت هنڌ ۾ پيو هو، ۽ ٻڪرين جي ڏاس جو وهاڻو انهي جي سيرانديءَ تي هو.

17 ۽ سائول ميڪل کي چيو تہ ڇو تو مون کي هن طرح ٺڳيو آهي، ۽ منهنجي دشمن کي ڀڄائي ڇڏيو اٿيئي، جنهنڪري هو بچي ويو آهي؟ ۽ ميڪل سائول کي ورندي ڏني تہ هن مون کي چيو تہ مون کي وڃڻ ڏي: ڇو آءٌ توکي ماري وجهان؟

18 هاڻي دائود جان بچائي اُٿي ڀڳو ۽ رامہ ۾ سموئيل وٽ آيو، ۽ جيڪي سائول ساڻس ڪيو هو سو هن کي بيان ڪري ٻڌايائين. پوءِ هو ۽ سموئيل وڃي نيوت ۾ رهڻ لڳا.

19 ۽ سائول کي خبر ملي تہ دائود رامہ منجهہ نيوت ۾ آهي.

20 ۽ سائول دائود جي پڪڙڻ لاءِ قاصد موڪليا، ۽ جڏهن اُنهن نبين جي جماعت کي نبوت ڪندو ڏٺو ۽ سموئيل کي انهن جو سردار ٿي بيٺل ڏٺو، تڏهن خدا جو روح سائول جي قاصدن تي بہ نازل ٿيو، ۽ اُهي بہ نبوت ڪرڻ لڳا.

21 ۽ جڏهن انهي ڳالهہ جي سائول کي خبر پئي، تڏهن هن ٻيا قاصد موڪليا، ۽ اُهي بہ نبوت ڪرڻ لڳا تڏهن وري ٽيون ڀيرو سائول قاصد موڪليا ۽ اُهي نبوت ڪرڻ لڳا.

22 تڏهن هو بہ رامہ ڏي ويو، ۽ جيڪو وڏو کوهہ سيڪو ۾ آهي انهي تي آيو: ۽ هو پڇڻ لڳو تہ سموئيل ۽ دائود ڪٿي آهن؟ ۽ هڪڙي چيس تہ ڏس هو رامہ منجهہ نيوت ۾ آهن.

23 ۽ هو اوڏي رامہ منجهہ نيوت ڏي ويو، ۽ خدا جو روح هن تي بہ آيو، ۽ هو بہ نبوت ڪندو ويو، جيسين هو رامہ منجهہ نيوت ۾ پهتو.

24 ۽ هن بہ پنهنجا ڪپڙا لاهي اُڇلائي ڇڏيا، ۽ سموئيل جي اڳيان نبوت ڪرڻ لڳو، ۽ اُهو سارو ڏينهن، ۽ اُها ساري رات اُگهاڙو پيو هو. تنهنڪري چوڻي ٿي وئي، تہ سائول بہ نبين ۾ آهي ڇا؟

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan