Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.سموئيل 16 - Sindhi Bible

1 ۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ ڪيستائين تون سائول جي لاءِ افسوس ڪندين، جڏهن ڏسين ٿو تہ مون هن کي اسرائيل تي بادشاهہ ٿيڻ کان رد ڪيو آهي؟ پنهنجو سڱ تيل سان ڀر ۽ وڃ، آءٌ توکي بيت لحم واري يسيءَ ڏي موڪليندس: ڇالاءِ جو مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي لاءِ بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.

2 ۽ سموئيل چيو تہ آءٌ ڪيئن وڃي سگهندس؟ جڏهن سائول اها ڳالهہ ٻڌندو تہ مون کي ماري ڇڏيندو. ۽ خداوند چيو تہ هڪڙي گابي پاڻ سان کڻ، ۽ چئُہ تہ آءٌ خداوند جي لاءِ قرباني ڪرڻ آيو آهيان.

3 ۽ يسيءَ کي بہ قربانيءَ تي سڏ، پوءِ آءٌ توکي ڏيکاريندس تہ ڇا ڪندين: ۽ تون انهي کي جنهن جي نالي آءٌ توکي چوان منهنجي لاءِ تيل سان مسح ڪج.

4 ۽ سموئيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند فرمايو، ۽ بيت لحم ۾ آيو، ۽ انهي شهر جا بزرگ ڏڪندا، سندس استقبال لاءِ آيا، ۽ چيائونس تہ تون خير مان تہ آيو آهين؟

5 ۽ هن چيو تہ خير مان: آءٌ خداوند جي لاءِ قرباني چاڙهڻ آيو آهيان. پاڻ کي پاڪ ڪريو، ۽ مون سان قربانيءَ تي هلو. ۽ هن يسيءَ ۽ سندس پٽن کي پاڪ ڪيو، ۽ هنن کي قربانيءَ تي سڏيائين.

6 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو آيا تڏهن هن الياب ڏي نهاري چيو تہ يقين آهي تہ خداوند جو مسح ڪيل سندس اڳيان آهي.

7 پر خداوند سموئيل کي چيو تہ هن جي چهري يا هن جي قد جي اونچائي تي نظر نہ ڪر: ڇالاءِ جو مون هن کي رد ڪيو آهي: خداوند ائين نٿو ڏسي جيئن انسان ڏسندو آهي؛ ڇالاءِ جو انسان ظاهري صورت ٿو ڏسي، پر خداوند دل تي نظر ٿو ڪري.

8 تڏهن يسيءَ ابينداب کي سڏي انهي کي سموئيل جي اڳيان آندو، ۽ هن چيو تہ خداوند انهي کي بہ پسند نہ ڪيو آهي.

9 تڏهن يسيءَ سمہ کي اڳيان اچڻ لاءِ چيو. ۽ هن چيو تہ هن کي بہ خداوند پسند نہ ڪيو آهي.

10 ۽ يسي پنهنجن ستن ئي پٽن کي سموئيل جي اڳيان لنگهڻ لاءِ چيو، ۽ سموئيل يسيءَ کي چيو تہ خدا هنن کي بہ پسند نہ ڪيو آهي.

11 ۽ سموئيل يسيءَ کي چيو تہ تنهنجا سڀ پٽ هتي اچي چڪا آهن؟ ۽ هن چيو تہ اڃا سڀ کان ننڍو پٺتي رهيل آهي، ۽ ڏسو هو رڍون ٿو چاري. ۽ سموئيل يسيءَ کي چيو تہ اُنهي کي گهرائي وٺ: ڇالاءِ جو جيسين هو هتي نہ ايندو تيسين اسين هتي نہ ويهنداسين.

12 ۽ هن انهي کي گهرائي ورتو. هاڻي هو ڳاڙهي گوري رنگ جو هو، ۽ ڏسڻ ۾ سهڻو، ۽ شڪل ۾ خوبصورت هو. ۽ خداوند چيو تہ اُٿ، هن کي مسح ڪر: ڇالاءِ جو هو اهو ئي آهي.

13 تڏهن سموئيل تيل جو سڱ کنيو ۽ هن کي سندس ڀائرن جي وچ ۾ مسح ڪيائين: ۽ انهي ڏينهن کان وٺي اڳتي خداوند جو روح ڏاڍي زور سان دائود تي نازل ٿيڻ لڳو. پوءِ سموئيل اُٿيو ۽ رامہ ڏي ويو.

14 هاڻي خداوند جو روح سائول کي ڇڏي ويو، ۽ هڪڙو بڇڙو روح خداوند وٽان اچي هن کي ستائڻ لڳو.

15 ۽ سائول جي نوڪرن کيس چيو تہ هڪڙو بدروح خداوند وٽان اچي توکي ستائي ٿو.

16 هاڻي اسان جا سائين تنهنجا نوڪر جي تنهنجي اڳيان بيٺا آهن تن کي حڪم ڏي تہ ڪو اهڙو ماڻهو ڳولي وٺي اچن جو بربط وڄائڻ ۾ هوشيار هجي: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اهو بدروح خداوند وٽان توتي ايندو، تڏهن اُهو پنهنجي هٿ سان بربط وڄائيندو ۽ تون چڱو ڀلو ٿيندين.

17 ۽ سائول پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ هاڻي منهنجي لاءِ اهڙو ماڻهو آڻي موجود ڪريو جو چڱو وڄائيندڙ هجي، ۽ انهي کي مون وٽ وٺي اچو.

18 تڏهن انهن جوان ماڻهن مان هڪڙي ورندي ڏيئي چيو تہ ڏس، مون بيت لحم واري يسي جو پٽ ڏٺو آهي جو وڄائڻ ۾ ڏاڍو ڀڙ آهي، ۽ زور ڀريو ۽ همٿ وارو ماڻهو آهي، ۽ جنگي جوان، ۽ ڳالهائڻ جو خبردار، ۽ خوبصورت شخص آهي، ۽ خداوند هن ساڻ آهي.

19 تنهنڪري سائول يسيءَ ڏي قاصد موڪليا، ۽ چوائي موڪليائين تہ تنهنجو پٽ دائود، جو رڍن سان آهي، تنهن کي مون وٽ موڪلي ڏي.

20 تڏهن يسيءَ هڪڙي گڏهہ تي مانيون ۽ شراب جي سانداري، ۽ هڪ ڇيلو رکي، پنهنجي پٽ دائود جي هٿان سائول ڏي ڏياري موڪليو.

21 ۽ دائود سائول وٽ آيو، ۽ اڳيان اچي بيهي رهيس: ۽ هو انهي کي ڏاڍو وڻيو ۽ سندس زرهہ بردار ٿيو.

22 ۽ سائول يسيءَ ڏي چوائي موڪليو تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ ڀلي دائود مون وٽ رهي؛ ڇالاءِ جو هن منهنجي نظر ۾ مان لڌو آهي.

23 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بدروح خدا وٽان سائول تي ايندو هو تڏهن، دائود بربط کڻي پنهنجي هٿ سان وڄائيندو هو: پوءِ سائول کي راحت ملندي هئي، ۽ هو چڱو ڀلو ٿيندو هو، ۽ بدروح ڇڏي ويندو هوس.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan