1.سموئيل 12 - Sindhi Bible1 ۽ سموئيل سڀني اسرائيلين کي چيو تہ ڏسو، جيڪي اوهان مون کي چيو تنهن نسبت ۾ مون اوهان جي سڀ ڪا ڳالهہ مڃي، ۽ اوهان جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيم. 2 ۽ هاڻي ڏسو اُهو بادشاهہ اوهان جي اڳيان هلي ٿو: ۽ آءٌ ٻڍو آهيان، ۽ منهنجو مٿو اڇو ٿيو آهي؛ ۽ ڏسو، منهنجا پٽ اوهان سان آهن: ۽ آءٌ ننڍپڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اوهان جي اڳيان پئي هليو آهيان. 3 اِجهو آءٌ حاضر آهيان: خداوند جي اڳيان، ۽ سندس مسح ڪيل جي اڳيان، اوهين مون تي شاهدي ڏيو: مون ڪنهن جو ڏاند ورتو آهي؟ يا ڪنهن جو گڏهہ مون ورتو آهي؟ يا ڪنهن سان ٺڳي ڪئي اٿم، يا ڪنهن تي مون ظلم ڪيو آهي؟ يا ڪنهن جي هٿان مون رشوت وٺي انهي سان پنهنجون اکيون بند ڪيون آهن؟ تہ آءٌ اُها موٽائي اوهان کي ڏيان. 4 تڏهن هنن چيو تہ تو اسان کي نڪي ٺڳيو آهي، نڪي اسان تي ڪو ظلم ڪيو آهي، نڪي تو ڪنهن ماڻهو جي هٿان ڪا شيءِ ورتي آهي. 5 ۽ هن چيو تہ خدا اوهان تي شاهد آهي، ۽ سندس مسح ڪيل اڄ شاهد آهي، تہ اوهان منهنجي هٿ ۾ ڪي ڪين لڌو آهي. ۽ هنن چيو تہ اهو شاهد آهي. 6 ۽ سموئيل ماڻهن کي چيو، تہ اهو خداوند آهي جنهن موسيٰ ۽ هارون کي مقرر ڪيو، ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندائين. 7 تنهنڪري هاڻي ماٺ ڪري بيهو، تہ جيڪي نيڪيءَ جا ڪم خداوند اوهان سان، ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن سان ڪيا، تن سڀني کي آءٌ خداوند جي اڳيان اوهان تي ثابت ڪريان. 8 جڏهن يعقوب مصر ۾ آيو، ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن خداوند وٽ دانهن ڪئي، تڏهن خداوند موسيٰ ۽ هارون کي موڪليو، جن اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ انهن کي هن هنڌ آڻي وسايائين. 9 پر هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو، ۽ هن انهن کي حصور جي لشڪر جي سردار سيسرا جي هٿ، ۽ فلستين جي هٿ، ۽ موآب جي بادشاهہ جي هٿ وڪڻي ڇڏيو، ۽ اُهي هنن سان وڙهيا. 10 ۽ هنن خداوند وٽ دانهن ڪئي، ۽ چيائون تہ اسان گناهہ ڪيو آهي، جو خداوند کي ڇڏي ڏنو اٿئون، ۽ بعليم، ۽ عستارات جي عبادت ڪئي اٿئون: پر هاڻي اسان کي اسانجن دشمنن جي هٿان ڇڏاءِ، تہ تنهنجي عبادت ڪريون. 11 ۽ خداوند، يروبعل، ۽ بدان، ۽ افتاح، ۽ سموئيل موڪليا، ۽ اوهان کي سڀ ڪنهن پاسي اوهانجن دشمنن جي هٿان ڇڏايائين، ۽ اوهين سلامتيءَ سان رهندا آيا. 12 ۽ جڏهن اوهان ڏٺو تہ بني عمون جو بادشاهہ ناحس اوهان تي ڪاهي آيو تڏهن اوهان مون کي چيو تہ اسان تي هڪڙو بادشاهہ ضرور بادشاهي ڪري: ۽ حقيقت ڪري خداوند اوهان جو خدا اوهان جو بادشاهہ هو. 13 تنهنڪري هاڻي اُهو بادشاهہ ڏسو، جنهن کي اوهان پسند ڪيو آهي، ۽ جو اوهان گهري ورتو آهي: ۽ ڏسو، خداوند هڪڙو بادشاهہ اوهان تي مقرر ڪيو آهي. 14 جيڪڏهن اوهين خدا کان ڊڄندا، ۽ انهي جي عبادت ڪندا، ۽ اُنهي جو حڪم مڃيندا، ۽ خداوند جي حڪم جي برخلاف باغي نہ ٿيندا، ۽ اوهين توڙي جيڪو بادشاهہ اوهان تي بادشاهي ڪري ٿو، ٻئي خداوند پنهنجي خدا جي پيروي ڪندا، تہ چڱو: 15 پر جي اوهين خداوند جي ڳالهہ نہ مڃيندا، ۽ خداوند جي حڪم جي برخلاف ٿيندا، تہ خداوند جو هٿ اوهان جي برخلاف ائين ٿيندو جيئن ڪ اوهان جي ابن ڏاڏن جي برخلاف هو. 16 تنهنڪري هاڻي ماٺ ڪري بيهو، ۽ هيءُ وڏو ڪم ڏسو جو خداوند اوهان جي اکين اڳيان ڪندو. 17 اڄ ڪڻڪ جي فصل لهڻ جو ڏينهن نہ آهي ڇا؟ آءٌ خداوند کي عرض ڪندس تہ گجگوڙ ۽ مينهن موڪلي؛ ۽ اوهين ڄاڻندا ۽ ڏسندا تہ پنهنجي لاءِ بادشاهہ گهرڻ ڪري اوهان خداوند جي نظر ۾ وڏو گناهہ ڪيو آهي. 18 پوءِ سموئيل خداوند کي عرض ڪيو؛ ۽ خداوند انهي ڏينهن گجگوڙ ۽ مينهن موڪليو: ۽ سڀ ماڻهو خداوند کان ۽ سموئيل کان تمام گهڻو ڊنا. 19 ۽ سڀني ماڻهن سموئيل کي چيو تہ تون پنهنجن ٻانهن جي لاءِ خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهر، تہ اسين مري نہ وڃون؛ ڇالاءِ جو اسان پنهنجن اڳوڻن گناهن تي هيءَ خرابي بہ زيادہ ڪئي آهي، جو پنهنجي لاءِ بادشاهہ گهريو اٿئون. 20 تڏهن سموئيل ماڻهن کي چيو تہ ڊڄو نہ: حقيقت ۾ هيءَ سڀ خرابي اوهان جي ڪيل آهي: انهيءَ هوندي بہ خداوند جي پيروي ڪرڻ کان نہ ڦرو، پر پنهنجي سموري دل سان خداوند جي عبادت ڪريو؛ 21 ۽ گمراهہ ٿي نہ وڃو: نہ تہ اوهين اجاين ڳالهين جي پٺيان ويندا، جنهنڪري اوهان کي ڪوبہ فائدو يا ڇوٽڪارو نہ ملندو، ڇالاءِ جو اُهي سڀ اجايون آهن. 22 ۽ خداوند پنهنجي وڏي نالي جي سببان، پنهنجي قوم کي ڪين ڇڏيندو: ڇالاءِ جو خداوند جي مرضي اها آهي تہ اوهان کي پنهنجي قوم ڪري. 23 تنهن کان سواءِ، شل خدا ائين نہ ڪري تہ اوهان جي حق ۾ دعا گهرڻ کان آءٌ بس ڪري خداوند جو گناهہ ڪريان: پر آءٌ اوهان کي چڱي، ۽ سنئين رستي جي تعليم ڏيندو رهندس. 24 رڳو خداوند کان ڊڄو ۽ پنهنجي سڄي دل سان سچيءَ طرح سندس عبادت ڪريو: ڇالاءِ تہ ويچار ڪري ڏسو تہ هن اوهان جي لاءِ ڪهڙا نہ وڏا ڪم ڪيا آهن. 25 پر جيڪڏهن اڃا بہ اوهين شرارت جهڙا ڪم ڪندا رهندا، تہ اوهين توڙي اوهان جو بادشاهہ ٻئي چٽ ٿي ويندا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society