1.سموئيل 11 - Sindhi Bible1 تنهن کان پوءِ ناحس عموني آيو، ۽ يبيس جلعاد جي سامهون اچي منزل ڪيائين: ۽ يبيس جي سڀني ماڻهن ناحس کي چيو، تہ اسان سان عهد ڪر تہ پوءِ اسين تنهنجي خدمت چاڪري ڪريون. 2 ۽ ناحس عمونيءَ هنن کي چيو، تہ انهي شرط تي آءٌ اوهان سان عهد ڪندس، تہ اوهانجون ساڄون اکيون ڪڍائي ڇڏيان؛ ۽ اهو خواريءَ جو عيب ساري اسرائيل تي رکان. 3 تڏهن يبيس جي بزرگن هن کي چيو تہ اسان کي ستن ڏينهن جي مهلت ڏي، تہ اسين اسرائيل جي سڀني سرحدن ۾ قاصد موڪليون: ۽ پوءِ جي ڪوبہ اسان کي بچائڻ وارو ڪونہ ٿيو، تہ اسين تو وٽ اينداسين. 4 تڏهن قاصد سائول جي جبعہ ۾ آيا، ۽ ماڻهن جي ڪنن تي هي ڳالهيون وڌائون: ۽ سڀيئي ماڻهو رڙيون ڪري روئڻ لڳا. 5 ۽ ڏس، سائول ٻنيءَ مان ڏاندن جي پٺيان پئي آيو: ۽ سائول چيو تہ ماڻهن سان ڪهڙي ويڌن آهي جو هو روئن ٿا؟ ۽ هنن اُنهي کي يبيس جي ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌايون. 6 ۽ جڏهن سائول اِهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن خداوند جو روح ڏاڍي زور سان هن تي آيو، ۽ هن جي ڪاوڙ تمام گهڻو ڀڙڪي. 7 ۽ هن ڏاندن جو هڪڙو جوڙو کڻي انهن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو، ۽ اُهي قاصدن جي هٿان اسرائيل جي سڀني سرحدن ۾ موڪلي ڏنائين، ۽ چوائي موڪليائين تہ جيڪو سائول ۽ سموئيل جي پٺيان نڪري نہ ايندو تنهن جي ڏاندن جو بہ ساڳيو حال ڪيو ويندو، ۽ خداوند جو خوف ماڻهن تي پيو، ۽ اُهي سڀيئي گڏجي نڪري آيا. 8 ۽ هن بزق ۾ انهن جو شمار ڪيو؛ ۽ بني اسرائيل ٽي لک ٿيا، ۽ يهوداہ جا ماڻهو ٽيهہ هزار ٿيا. 9 ۽ جيڪي قاصد آيا هئا تن کي هنن چيو تہ اوهين يبيس جلعاد جي ماڻهن کي هيئن چئجو، تہ سڀاڻي جڏهن سج تپندو تڏهن اوهان جو ڇوٽڪارو ٿيندو، ۽ قاصدن اچي يبيس جي ماڻهن کي ائين ئي چيو؛ ۽ هو خوش ٿيا. 10 تنهنڪري يبيس جي ماڻهن هنن کي چيو تہ سڀاڻي اسين نڪري اوهان وٽ اينداسين، پوءِ جيئن اوهان کي چڱو لڳي تيئن اسان سان ڪجو. 11 ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ سائول ماڻهن جون ٽي ٽوليون ڪيون؛ ۽ اُهي رات جي پوئين پهر ۾ لشڪرگاهہ جي وچ ۾ اچي پيون، ۽ جيسين ڏينهن گرم ٿيو تيسين عمونين کي پئي ماريائون: ۽ هيئن ٿيو تہ جيڪي باقي بچيا سي ٽڙي پکڙي ويا، ايتري قدر جو انهن مان ٻہ بہ گڏ رهجي نہ ويا. 12 ۽ ماڻهن سموئيل کي چيو تہ اُهو ڪير آهي جنهن چيو تہ سائول اسان تي حڪومت ڪندو ڇا؟ اُهي ماڻهو وٺي اچ تہ اسين انهن کي قتل ڪريون. 13 ۽ سائول چيو تہ اڄ ڪوبہ ماڻهو قتل نہ ڪيو ويندو: ڇالاءِ جو اڄ خداوند اسرائيل کي ڇوٽڪارو ڏنو آهي. 14 تڏهن سموئيل ماڻهن کي چيو تہ اچو تہ جلجال ڏي هلون، ۽ اُتي نئين سر بادشاهي قائم ڪريون. 15 ۽ سڀ ماڻهو جلجال ڏي ويا؛ ۽ اُتي هنن سائول کي جلجال ۾ خداوند جي اڳيان بادشاهہ ڪيو؛ ۽ اُتي هنن خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جي نذرانن جون قربانيون ذبح ڪيون؛ ۽ اُتي سائول ۽ اسرائيل جي سڀني ماڻهن ڏاڍيون خوشيون ڪيون. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society