1.سموئيل 10 - Sindhi Bible1 تڏهن سموئيل تيل جي ڪُپي کڻي هن جي مٿي تي هاري، ۽ هن کي چُمي ڏنائين، ۽ چيائين تہ ائين ناهي ڇا تہ خداوند توکي انهي لاءِ تيل مکيو آهي تہ تون سندس ميراث جو سردار ٿين؟ 2 جڏهن تون اڄ مون وٽان موڪلائي روانو ٿيندين تڏهن بنيمين جي سرحد ۾، ضلضح ۾ راحل جي قبر وٽ، توکي ٻہ ماڻهو ملندا؛ ۽ اُهي توکي چوندا تہ جن گڏهن کي تون ڳولڻ ويو هئين سي لڌا آهن: ۽ ڏس تنهنجي پيءُ گڏهن جي ڳڻتي ڇڏي ڏني آهي، ۽ اوهان جي ڳڻتي ۾ آهي، ۽ چوي ٿو تہ آءٌ پنهنجي پٽ لاءِ ڇا ڪريان؟ 3 تڏهن تون اُتان اڳتي وڃي تبور جي شاهہ بلوط وٽ ايندين، ۽ اُتي توکي ٽي ماڻهو بيت ايل ڏانهن مٿي چڙهندا خدا وٽ ويندا ملندا، هڪڙو ٽي ڇيلا کنيو ويندو، ۽ ٻيو ٽي نان کنيو ويندو، ۽ ٽيون شراب جي سانداري کنيو ويندو: 4 ۽ اُهي توکي سلام ڪندا، ۽ توکي بہ نان ڏيندا؛ جي تون اُنهن جي هٿان وٺج. 5 انهي کان پوءِ تون خدا جي ٽڪريءَ تي اچج، جتي فلستين جي پهري وارو شهر آهي: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون شهر ۾ ايندين، تڏهن توکي بنيمين جي هڪڙي ٽولي گڏبي، جا سنطرو، ۽ دف، ۽ بانسري، ۽ بربط پنهنجي اڳيان کنيو اُنهيءَ مٿانهين جاءِ کان هيٺ لهندي ايندي؛ ۽ اُهي نبوت ڪندا: 6 تڏهن خداوند جو روح ڏاڍي زور سان تو تي نازل ٿيندو، ۽ تون بہ هنن سان گڏ نبوت ڪندين، ۽ بدلجي هڪڙو ٻيو ماڻهو ٿي پوندين. 7 ۽ جڏهن اهي نشانيون تو تي اچن تڏهن جيئن اُنهي وقت تو کي مناسب نظر اچي تيئن ڪج؛ ڇالاءِ جو خداوند توسان آهي. 8 ۽ تون مون کان اڳ ۾ جلجال ڏي لهي ويندين؛ ۽ ڏس، آءٌ تو وٽ ايندس، انهي لاءِ تہ سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون بجا آڻيان؛ ست ڏينهن تون اُتي ترسج، جيسين ڪ آءٌ تو وٽ اچان، ۽ جيڪي توکي ڪرڻو آهي، سو توکي ڏيکاريان. 9 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو پٺ ورائي سموئيل وٽان روانو ٿيو تڏهن خدا هن کي ٻي دل ڏني: ۽ اُهي سڀ نشانيون انهي ڏينهن ظاهر ٿيون. 10 ۽ جڏهن هو اُتي اُنهي ٽڪريءَ وٽ آيا، تڏهن ڏسو، بنيمين جي هڪڙي ٽولي هن کي گڏي؛ ۽ خدا جو روح ڏاڍي زور سان مٿس آيو، ۽ هو انهن سان گڏ نبوت ڪرڻ لڳو. 11 ۽ جڏهن اُهي سڀ ماڻهو جي هن کي اڳي سڃاڻندا هئا تن ڏٺو تہ هو نبين سان گڏ نبوت ٿو ڪري، تڏهن اُهي هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ قيس جي پٽ کي ڇا ٿيو آهي؟ سائول بہ نبين منجهان آهي ڇا؟ 12 ۽ انهي ساڳئي هنڌ جي هڪڙي ماڻهوءَ ورندي ڏيئي چيو تہ هن جو پيءُ ڪير آهي؟ انهي ڪري اهو پهاڪو ٿي ويو تہ: سائول بہ نبين منجهہ آهي ڇا؟ 13 ۽ جڏهن هن نبوت ڪري بس ڪئي تڏهن هو اُنهيءَ مٿانهين جاءِ تي آيو. 14 ۽ سائول جي چاچي هن کي ۽ سندس نوڪر کي چيو تہ اوهين ڪاڏي ويا هئا؟ تڏهن هن چيو تہ گڏهہ ڳولڻ: ۽ جڏهن اسان ڏٺو تہ اُهي نٿا لڀن تڏهن اسين سموئيل وٽ وياسين. 15 ۽ سائول جي چاچي چيو تہ ڀلائي ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ سموئيل اوهان کي ڇا چيو؟ 16 تڏهن سائول پنهنجي چاچي کي چيو تہ هن اسان کي چٽيءَ طرح ٻڌايو تہ گڏهہ لڌا آهن. پر بادشاهت واري ڳالهہ، جا سموئيل هن کي چئي هئي، سا هن انهي کي نہ ٻڌائي. 17 پوءِ سموئيل قوم کي مصفاہ ۾ خداوند جي حضور ۾ سڏي گڏ ڪيو؛ 18 ۽ بني اسرائيل کي چيائين تہ خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ مون اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ اوهان کي مصرين جي هٿان، ۽ اُهي سڀ حڪومتون جي اوهان تي ظلم ڪنديون هيون، تن جي هٿان ڇڏايم؛ 19 پر اڄوڪي ڏينهن اوهان پنهنجي خدا کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جو پاڻ اوهان کي اوهانجن سڀني آفتن ۽ مصيبتن مان بچائي ٿو؛ ۽ اوهان هن کي چيو آهي تہ اسان تي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪر. تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجن فرقن موجب، ۽ پنهنجن هزارن موجب، خداوند جي اڳيان حاضر ٿيو. 20 تڏهن سموئيل اسرائيل جا سڀ فرقا گڏ ڪيا، ۽ بنيمين جو فرقو چونڊيو ويو. 21 ۽ هن بنيمين جو فرقو، سندن قبيلن موجب گڏ ڪيو، ۽ مطرين جو قبيلو چونڊي ڪڍيو ويو: ۽ سائول جو پٽ قيس ڪڍيو ويو؛ پر جڏهن هنن انهي کي ڳوليو تڏهن هو لڀي نہ سگهيو. 22 تنهنڪري هن خداوند کان وري بہ پڇيو تہ ڪو ماڻهو اڃا بہ هتي اچڻو آهي ڇا؟ ۽ خداوند ورندي ڏني تہ ڏسو، هن پاڻ کي سامان جي وچ ۾ وڃي لڪايو آهي. 23 تڏهن هنن ڊوڙي وڃي هن کي اُتان ڪڍيو؛ ۽ جڏهن هو ماڻهن منجهہ اچي بيٺو تڏهن ڪلهن کان مٿي ٻين سڀني ماڻهن کان ڊگهو هو. 24 ۽ سموئيل سڀني ماڻهن کي چيو تہ اوهين انهي ماڻهوءَ کي ٿا ڏسو جنهن کي خداوند پسند ڪيو آهي، ۽ انهي جهڙو سڄي قوم ۾ ٻيو ڪوبہ ڪونهي. تڏهن سڀني ماڻهن نعرو هڻي چيو تہ خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي. 25 تڏهن سموئيل ماڻهن کي بادشاهت جو قاعدو بيان ڪري ٻڌايو، ۽ اُهو هڪڙي ڪتاب ۾ لکي ڇڏيائين، ۽ اُهو خداوند جي اڳيان رکيائين، پوءِ سموئيل سڀني ماڻهن کي پنهنجي پنهنجي گهر روانو ڪري ڇڏيو. 26 ۽ سائول بہ جبعہ ۾ پنهنجي گهر ويو؛ ۽ اُنهي سان گڏ اُنهن ماڻهن جو هڪڙو لشڪر هو، جن جي دلين کي خدا ڇهيو هو. 27 پر ڪن شيطان زادن چيو تہ هي ماڻهو ڀلا ڪيئن اسان کي بچائي سگهندو؟ ۽ اُنهن هن کي حقير ڄاتو، ۽ وٽس ڪوبہ نذرانو نہ آندائون، پر هن ڪُڇيو ئي ڪين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society